مُون مَاڙيَ جو، سُومرَا ! ٻِنين پارَين ڏُکُ هِتِ عُمَرَ جو اُهُکُ، هُتِ مَارُو ڏِينم مَيهَڻا سر مَارُئي مَاڙيَ = بنگلن ۾، محلن ۾ ٻنين = ٻنهين پَارَين = پاسن کان، طرفن کان اُهُکُ = ڏک, اوکائي، ڏکيائي، اهنج، آزار، ايذاءُ، اذيت ڏينم = ڏيندا، ڏين ٿا مَيهڻَا = طعنا، ٽوڪون بيت جو پس منظر ~ او سومرا ! مان ماڙيءَ ۾ قيدياڻي هجڻ ڪري ٻنهي پاسين ويل ۾ آهيان. ~ هتي عمر جا اهنج، ته هُتي وري مارو مهڻا ۽ طعنا ڏيندم. سمجهاڻي مارئي عمر سان مخاطب ٿيندي چئي ٿي ته : مون کي کوهه تان زبردستي کنڀي تو جيڪو ماڙين ۽ محلن اندر باندي بڻايو آهي ته مان ٻنهي طرفن کان ٻٽي عذاب ۾ اهيان. هڪ پاسي تون آهين جيڪو پنهنجي حوس پوري ڪرڻ لاءِ هر وقت تنگ ڪندو ۽ لالچون ڏيندو رهين ٿو. زنجيرن ۾ جڪڙي ايذائن ۽ اذيتن ۾ وجهي ڇڏيو ٿي. ٻئي پاسي مارو آهن جيڪي پهچندي ئي طعنا، مهڻا ڏيندم ته تو شاهي محلن ۾ رهي پاڻ تي ٽڪو لاتو ۽ لوئي لڄايئي. اڄ به سنڌ ۾ ظالم پيرن ۽ وحشي وڏيرن جي ڪوٽن ۾ ڪيتريون ئي سنڌي نياڻيون باندي بڻائي کين وحشت ۽ ظلم جو نشانو بڻايو پيو وڃي. ڇا جيڪڏهن کين سڀاڻي آزادي نصيب ٿئي ته سماج کين قبول ڪندو...!!؟ هي سڀ ڪجهه ته سندن مرضي ۽ منشا جي خلاف ٿئي ٿو، ان جي باوجود اسان کين ڇو نه ٿا قبول ڪريون..!!؟ چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل ____