چُرَنِ، چُڻِڪَنِ چِتَ ۾، رهيا اَندَرِ رُوحَ اُٺي وِيَڙا اُڪِري، مارُو مَٿي مُوهَ وَيرُون وِلوڙَڻَ جُون، سارِيان گَھڻو صُبُوحَ وَرُ سَي کارا کُوهَ، سِنجيَمِ جي ساڙيهَ جا! سر مَارُئي چُرَن = ياد پون، ياد اچن چُڻڪَن = هُرَن، ياد پون، چمڪن، چنڊ ستارن جيان پيا چمڪن چتُ = دل، مَنَ اُڪري = نڪري مُوهَ = مهڙ، موهڙ، مهاڙ، مهاڳ وَيرُون = مهلون، گهڙيون، وقت، ساعت، پلَ ولَوڙڻ = مَهي ولوڙڻ، ڏڌ ولوڙڻ وَرُ = ڀلا، بهتر، نعمت سنجم = پاڻي ٿي ڪڍيم، ڀريم سَاڙيهَ = ساڻيهه، وطن، ملڪ بيت جو پس منظر ~ جيڪي دل ۾ پيا سدائين ياد اچن ۽ جيڪي روح ۾ ئي ٿا رهن. ~ تن ماروئڙن مينهَن جي مند ۾ نڪري وڃي ڀٽون وسايون آهن. ~ صبح ٿيندي ئي اهي گهڙيون ياد ٿيون اچن جڏهن ڏڌ ولوڙيندي هيس. ~ وطن جا اُهي کارا کوهه جتان پاڻي ڀريندي هيس سي ڀلا آهن. سمجهاڻي ڀٽائيءَ جو هي بيت مارئيءَ جي ساروڻين ۽ يادگيرين جي عڪاسي آهي. مارئي ٿر، مارن، ولوڙن ۽ کوهن کي ياد ڪندي چئي ٿي : اُهي مارو ڪيئن وساري سگهنديس، جيڪي سدا ياد اٿم. جيڪي رهن ئي منهنجي دل ۽ روح ۾ ٿا. هينئر جڏهن مينهَن وسيا هن ته مارو پَکا ڇڏي، مالَ ڪاهي ڀٽن ڏانهن هليا ويا هوندا. اتي مال کي به چاريندا، فصل ۽ ڀاڄيون به پوکيندا. هن قيد ۾ صبح ٿئي ٿو ته مون کي ولوڙا ياد ٿا پون. جڏهن مهي ولوڙيندي هيس. مکڻ جا چاڻا ۽ لسي جام ٿيندي هئي. ٿر ۾ پاڻيءَ جي کوٽ هجي ٿي سو اهي کارا کوهه به اسان مارن لاءِ ڪنهن نعمت کان گهٽ ناهن. وڏي اَسُرَ ويل اٿي وهٽ ڪاهي پاڻي ڀرڻ ويندي هيس. چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل ____