اياز عالم ابڙو : چترڪار، فوٽوگرافر، ڪهاڻيڪار، شاعر ۽ محقق هاشم شورو اياز سان پهرين ملاقات چٽي ياد اٿم. اياز، علي بابا سان ڊاڪٽر نواز قمر عباسيءَ جي ڪلينڪ تي آيو. مون کي زوار نقوي ڪجهه ڪتاب ڏنا ته وڪڻي ڏي، سو ڪجهه وڪيا ڪجهه مون وٽ پيا هئا جيڪو هڪ ڪتاب علي بابا کي پيش ڪيو ۽ هڪ اياز کي، ”سائين نالو ڇا لکان؟“ مون اياز کان سوال ڪيو. ”اياز عالم ابڙو“. ”ڇا؟“ اياز سمجهو ته مون نالو صحيح طرح نه ٻڌو آهي سو ڏاڍيان چيائين؛ ”اياز عالم ابڙو“. مون اياز لاءِ پنهنجي ذهن ۾ جيڪا تصوير جوڙي هئي سا هرگز هن اياز جهڙي نه هئي. منهنجي ذهن ۾ اياز جي شبيهه مرحوم نسيم کرل جهڙي ڳري ليکڪ جهڙي هئي، پر هيءُ ته سنهڙو سيپڪڙو ۽ جيتامڙو اياز اهڙيون دئوس ڪهاڻيون ۽ ناٽڪ ٿو لکي، عجب آهي. اياز جي شخصيت تي ڀيڻ ثميره زرين جو گهڻو اثرٿو ڀائنجي، آئون اها نصيحت هيٺ تحرير ٿو ڪريان جيڪا نئون نياپو جي آگسٽ ۽ سيپٽمبر 1977ع جي پرچي ۾ شايع ٿي هئي: اياز... ... ..! تون جيڪو پاڻ کي مٽيءَ جو ذرو ٿو سمجهين (يا دنيا توکي محسوس ڪرايو آهي ته تون فقط ذرو آهين) ڪير ڄاڻي ڪائنات جي ڌڻيءَ هيءَ دنيا تولاءِ جوڙي هجي. ها فقط تولاءِ ۽ تنهنجي وجود جو ذرو قوت ۾ ايٽم جهڙو هجي! ڳالهه ته رڳو پاڻ کي قبول ڪرڻ جي آهي. تون پنهنجي هستي پاڻ وٽ ته مڃ اول ... ... پوءِ ڏس دنيا ڪيئن نه ٿي تو کي قبول ڪري، فخر سان ۽ سربلنديءَ سان. زندگي هڪ وار ملندي آهي. ان ڪري ئي بيحد مهانگي به، ان کي مُلهه وارو بنائڻ تنهنجو پنهنجو ڪم آهي ۽ يقينن تون ان کي بڻائيندي، اها منهنجي آس آهي، ننڍڙا ڀاءُ اها منهنجي آس... . ثميره ڪيڏي نه سچائيءَ سان لکيل اهي چند سٽون، اڄ اياز پاڻ کي دنيا اڳيان مڃائي چڪو آهي، ڀيڻ ثميره جو روح ڪيترو نه خوش هوندو، ڪاش هن وقت ڀيڻ ثميره اسان سان هتي موجود هجي ها. اياز مون کي ڇو گهٽ ڳالهائو اديب لڳندو آهي، (شايد ٻين کي نه لڳو هجي) نه ته اديب ۽ گهٽ ڳالهائو کوڙو ئي نه ٿو لڳي. ڀلا هاڻي علي بابا کي ئي کڻي ڏسو آهي سنهڙو سيپڪڙو پر ڳالهائڻ ۾ ڪير پڄندس، سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي. هي مون کي پهريون اديب مليو جيڪو گهٽ ڳالهائو آهي. اياز ڪهاڻي، چترڪاري، شاعري، فوٽو گرافي ۽ ناٽڪ نويسيءَ ۾ ورهايل آهي، انهن پنجن فيلڊن ۾ اياز جو چڱو چوکو حصو آهي. اياز سنڌي ناٽڪ جي تمام گهڻي خدمت ڪئي آهي ، پاڻ سنڌي ناٽڪ تي ڇھ سو 600 صفحن تي ٿيسيز لکي اٿس، جنهن جو تت هلال پاڪستان اخبار ۾ هليو هئو جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو اياز ٿيسيز تي وڏي محنت ڪئي آهي. اياز پي ٽي ويءَ تي تمام سٺا ناٽڪ تحرير ڪيا آهن، جنهن ۾ ٻه ٽي وي ناٽڪ ”ڏات جي ڏيھه ۾“ ۽ ”اسڪائي ليب“ ڏاڍا مشهور ٿيا .”ڏات جي ڏيھه ۾“ جيڪو ٽي ويءَ تان ڪيترا ئي ڀيرا ٽيليڪاسٽ ٿيو آهي. هن ناٽڪ ۾ اياز سڀني ناٽڪ نويسن کان اُتر لهڻي. هن ناٽڪ ۾ هن سنڌ جي اديبن جي ابتر حالت ڏيکاري آهي. ”ڏات جي ڏيھه ۾“ جتي ارشد جهڙا، ابن الوقت ايڊيٽر ۽ پبلشر آهن، اتي ساگر لطيف جهڙا اڏول به آهن ، جيڪي ٽٽي ته سگهن ٿا، پر جهڪي نٿا سگهن، سڄي زندگي ۽ وطن واسين کي سونپڻ جي باوجود به ڪلاڪار کي اُجوري ۾ پيٽ ڀري ماني به نٿي پلئه پوي. سندس ڪهاڻيون ۽ ناول سندس اولاد جي نگهداشت نٿيون ڪري سگهن ، هڪ حساس ڪلاڪار اها ڪڙي حقيقت محسوس ڪري ڀڄي ڀري پوي ٿو . ناٽڪ ”ڏات جي ڏيھه ۾“ هڪ هنڌ لطيف ساگر جو پٽ پيءَ کي چوي ٿو ته ”آئون شاعر ٿيندس“ تڏهن ساگر پٽ کي ڳراٽڙي پائي چوي ٿو ”تون شاعر نه ٿيندين پٽ، مون کي ڏس.! ... ... . مان ڪهاڻيڪار آهيان نه، پنهنجي ملڪ جو ڄاتل سڃاتل ڪهاڻيڪار، مون کي عظيم ڪهاڻيڪار چوندا آهن، پر هڪ ڪهاڻيڪار بڻجي مونکي ڇا مليو آهي؟ مون کان پڇي ڏٺو اٿئي ... ... .. ته شاعر يا ڪهاڻيڪار ٿيڻ لاءِ ڪيڏا نه اڙانگا پنڌ پيچرا ڪرڻا ٿا پون. منهنجي به پهرين ڪهاڻي هڪ رسالي ۾ ڇپي هئي ... . مان ڏاڍو خوش ٿيو هئس. پر هڪ ڪهاڻيڪار ٿي مان توهان لاءِ ڪجهه به نه ٿو ڪري سگهان، مان توکي ان اوڙاهه ۾ ڦٽو ڪرڻ نه ٿو چاهيان پٽ، ... ... .! جنهن ۾ مان خود سڙي کامي پڄري رهيو آهيان. هي ڏس اکر اکر ووڙي ... .. لفظ جوڙي مون ڪيتريون ڪهاڻيون ۽ ناول لکيا آهن، هنن مان ڪيتريون ڪهاڻيون اڏوهيءَ جي بک ٿي... ... . منهنجي اندر جيان سڙي کاڄي ويون آهن، مان ملڪ جو ناميارو ڪهاڻيڪار ٿي به ڦرڻي ڪرسيءَ وارن ايڊيٽرن ۽ پبلشرن وٽ ڊوڙون پائيندو رهيو آهيان مان توکي ادب پڙهڻ کان نه روڪيندس پر... ... . هن صديءَ ۾ جيڪڏهن تون دنيا جي ٻين اديبن جو اثر قبول ڪري شاعر يا اديب بڻجين، سو مان ٿيڻ نه ڏيندس. هڪ سنڌي اديب جي هن ڊرامي ۾ ڪيتري نه صحيح عڪاسي ڪئي ويئي آهي. اسان جي معاشري ۾ جيترو چور ڌاڙيل جو آهي سا هڪ اديب جي ايتري به ناهي. اياز معاشري جي هڙن ئي ڪردارن جي منهن تان ماسڪ لاهي انهن جا اصلي چهرا اسان کي ڏيکاريا آهن . هر فنڪار حساس هوندو آهي، پر اياز مڙني کان سرس آهي. اياز رڳو اديب ڪونهي هڪ سٺو شاعر، فوٽو گرافر، اسٽيج ۽ ريڊيو فنڪار ناٽڪ نويس ۽ هڪ سٺو چترڪار پڻ آهي. اياز آرٽ جي هر فن کان واقف آهي. _____ اياز عالم ابڙوجو تعارف اياز عالم، سنڌ جو نامور چترڪار، وڊيو گرافر، ڪهاڻيڪار، شاعر ۽ محقق آهي. هن 3 مئي 1950ع تي قنبر علي خان، ضلعي لاڙڪاڻي ۾، نامياري چترڪار ۽ استاد محمد عالم ابڙي جي گهر ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول ۽ مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول حيدرآباد مان 1966ع ۾ پاس ڪيائين. کيس چترڪاري ۽ فوٽوگرافي ورثي ۾ ملي. ٻالڪپڻ ۾ ئي ادبي ميدان ۾ قدم رکيائين. ڊرامي جي دنيا ۾ اسٽيج، ريڊيو ۽ ٽي ويءَ لاءِ ڪيترائي ڊراما لکيائين. سندس ٽي. وي ڊرامن ۾ ’ڏات جي ڏيهه ۾‘، ’گهايل مرڪ‘، ’پنهنجا پنهنجا سپنا‘، ’ڪُن ۽ ڪنارا‘ ۽ علامه آءِ آءِ قاضيءَ جي زندگيءَ تي لکيل ڊرامو ’انت بحر‘ مشهور ٿيا. سندس ريڊيو ڊرامن ۾ ’سوڀارو سانول‘، ’انت بحر‘ ۽ ٻيا تمام گهڻو پسند ڪيا ويا. تحقيقي ميدان ۾ اياز عالم، سنڌ جي پسمنظر ۾ ريڊيو ۽ ٽي ويءَ لاءِ ڪيتريون ئي فلمون ۽ دستاويزي پروگرام تيار ڪيا. 1982ع ۾ سندس تيار ڪيل دستاويزي فلم ’ميربحر‘ کي جرمنيءَ جي عالمي فيسٽيول ۾، اسڪرپٽ جي بنياد تي پهريون انعام مليو. سنڌ جي پسمنظر ۾ دستاويزي فلمن جا ڪيترائي اسڪرپٽ مڪمل ڪري چڪو آهي، جن کي وڊيو رڪارڊنگ ڪري محفوظ ڪرڻ چاهي ٿو. هيءُ اٺ سال ميونسپل هاءِ اسڪول قنبر علي خان ۾ آرٽس ۽ ڪرافٽس ٽيچر رهيو. انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جي آڊيوويوئل سيڪشن ۾ فوٽوگرافر ۽ وڊيوگرافر طور 5 سال خدمتون سرانجام ڏنائين. سنڌي روزاني ”الک“حيدرآباد ۾ 2 سال آرٽسٽ طور ڪم ڪيائين . انسائيلوپيڊيا سنڌيانا تان ورتل ___