عباسي ڪلهوڙا دور حڪومت ( وقت حالات ۽ تواريخ جي آئيني ۾) حقيقت ڇا ؟ توهان به بيان ڪريو!

'سنڌ جون وسنديون' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏6 مئي 2015۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    عباسي ڪلهوڙا دور حڪومت تي هڪ نظر (1681ع --------1783ع)
    لکن ٿا ته عباسي ڪلهوڙا دور حڪومت کان اڳ سنڌ تي ارغون، ترخان ۽ مغل خاندان حڪمران هئا. ٻن صدين تائين ڌارئين راڄ کانپوءِ 1681ع ۾ عباسين ڪلهوڙن جي صورت ۾ سنڌ ۾ مقامي حڪومت قائم ٿي. اها حڪومت هڪ مختصر وقفي کي ڇڏي 1783 تائين لڳاتار هڪ صدي هلندي رهي.

    مڃن ٿا ته انهي ۾ ڪوشڪ ڪونهي ته عباسي خاندان وارا طريقت جا پير هئا. مورخن ميان آدم شاه کان وٺي ميان نصير محمد تائين سڀني کي مرشد طور پيش ڪيو آهي. عباسي خاندان مذهب ۽ طريقت جي پس منظر مان اقتدار ۾ آيو هو. انهي جي عوام ۾ مقبوليت جو سبب به اهوئي هو. ان دور ۾ امير وزير رئيس ۽ حڪومتي عملدار حاڪم وقت جي هٿ تي دست بيعت ٿيندا هئا ۽ مريد ٿيندا هئا. انهن جو فقير کان وڏو ڪولقب ئي نه هوندو هو. عباسي خاندان سنڌ جي عوام جي فلاح بهبود ترقي ۽ خوشحالي لاءِ سڀ ئي ممڪن قدم کنيا ۽ اتان جو حالتون بهتر ڪرڻ طرف ڌيان ڏنو.

    ٻُڌائين ٿا ته عباسين ڪلهوڙن جي حڪومت سمن ۽ ڄامن جي حڪومت وانگر مڪمل آزاد نه هئي. اهي مغلن وانگر بادشاه به نه هئا. انهن کي هڪ جاگيردار جي حيثيت ۾ سنڌ جي هڪ حصي جي حڪمراني ملي پوءِ هو پنهنجين صلاحيتن قربانين ۽ محنت جي سبب سنڌ جا عام مقبول حاڪم ٿيا. عباسي ڪلهوڙا حڪومت سنڌ جي عوام جي هڪ حقيقي ۽ نمائندي حڪومت هئي. انهي حڪومت ۾ حڪومت جا سڀئي شعبا قائم ڪيا ويا ۽ انهن جا عملدار ۽ ناظم مقرر ڪيا ويا جن جا نالا هي آهن.
    1. فوجو فقير سومرو: ڪلهوڙا دور جي شروعاتي مرڪز هٽڙي ( لاڙڪاڻي شهر جي ويجهو ) ۾ مقرر ڪيو ويو.
    2. عنايت شاه ٽگڙ فقير: ڪاڇي جي علائقي ۾ مقرر ڪيو ويو ( ميان نصير محمد)
    3. فريد ڀاڳت فقير : موجوده موري شهر جي ويجهو مقرر ٿيو ( ميان نصير محمد ميان دين محمد)
    4. فيروز ويرڙ فقير: نوشهري فيروز جي علائقي ۾ مقرر ٿيو ( ميان دين محمد جروار )
    5. ميرڻ شاه سولنگي فقير: موجوده بوبڪ ۽ منڇر ڍنڍ واري علائقي ۾ مقرر ٿيو (ميان دين محمد جو دور)
    6. تاجو، جادو، بختاور ۽ اوٺوال فقير: هي ميان دين محمد جي دور ۾ فوجي جرنيل هئا جيڪي شهزادي معزالدين مغل سان جنگ ۾ شهيد ٿي ويا.
    7. گاجي شاه کوسو فقير: ميان نصير محمد جي دور ۾ بهترين فوجي ڪمانڊر هو. هو قلات جي بروهين جي حملي ۾ شهيد ٿيو.
    8. شاه گودڙيو ڪلهوڙو فقير : ڪاڇي جي علائقي ۾ مختلف خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو.
    9. بلاول زرداري فقير: ميان نصير محمد جي دور ۾ لاڙڪاڻي ۾ امير مقرر ٿيو. نواب شاه جي ويجهو دفن ٿيل آهي. سندس پٽ سردار خان ۽ پوٽو دلاور خان هالاڻي جي جنگ ۾ شهيد ٿيا ( مشهور سياستدان حاڪم علي زرداري ۽ آصف علي زرداري بلاول فقير جي اولاد مان آهن.)
    10. شاه پنجو سلطان ڏهوٽ فقير: دريائي رستن تي محصول جي وصولي تي مقرر هو موجوده راڌڻ شهر جي ويجهو مدفن
    11. ڀوڄو نائچ فقير: ميان نصير محمد جي دور ۾ معتمد خاص هو. ڪاڇي ۾ دفن ٿيل آهي.
    12. ننگر مگسي فقير: ميان نصير محمد جي دور ۾ اهم منصبن تي فائز رهيو. دادو جو مگسي خاندان انهي جو اولاد آهي
    13. باگو چانڊيو فقير: ميان نصير محمد جي دور ۾ فوجي جرنيل هو. ڳاڙهي جي قبرستان ۾دفن آهي.
    14. گل محمد لغاري فقير: ڳاڙهي جي قبرستان ۾ دفن آهي
    15. گاجي کهاوڙ فقير: اصل ۾ اچ شريف جا رهواسي هئا. ميان خاندان جي مريدي ۾ اچي ڳاڙهي شهر ۾ اچي آباد ٿيو. ميان نصير محمد جي دور ۾ شهدادڪوٽ جي علائقي ۾ عملدار مقرر ٿيو. ڳاڙهي ۾ دفن آهي
    16. مير صوبدار خان ٽالپر فقير: اصل ۾ ڊيري غازي خان جو هو. ڪلهوڙا خاندان جو مريد هو ميان نصير محمد ۽ ميان دين محمد جي دور ۾ ڳاڙهي ۾ ڪنهن شعبي جو اڳواڻ هو. اتي ئي دفن ٿيل آهي.
    17. تاجو ليکي فقير: ليکي خاندان کي ڪلهوڙا دور ۾ خاص اهميت حاصل رهي آهي. ڪلهوڙا خاندان کانپوءِ ميان جو لقب ليکي خاندان کي مليل هوندو هو.
     
  2. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    اڳتي هلي ٻُڌائين ٿا ته ڪلهوڙا درٻار ۾ لکڻ پڙهڻ جو ڪم ليکي خاندان سرانجام ڏيندو هو انهي لاءِ هن خاندان کي ليکي چيو وڃي ٿو. ليکي خاندان جو اصل تعلق زنگيجا قبيلي سان هو.
    راجا ليکي :
    مير شهداد ٽالپر، شاه بهار جنجهڻ، مراد ڪليري، حمزو ليکي، مقصود جهنجهڻ فقير، ڄام نندو ٽالپر فقير، مير چاڪر خان ٽالپر فقير، مير بهرام ٽالپر، مير بجار ٽالپر، مير عبدالله ٽالپر، مير فتح الله ٽالپر، مير صوبدار خان ٽالپر، ڄام فيروز خان ٽالپر، الله بخش ليکي فقير، تاجو ليکي، بلاول ليکي، الله داد ليکي، پيروز خان پتافي، الله بخش جهنجڻ فقير، علام حسين جهنجڻ، حبيب نائچ فقير، محمد حسن کهاوڙ، محمد باقر کهاوڙ، تاجو سامٽيو فقير، محراب خان جتوئي، آڍو خان جتوئي، تاجو جتوئي، دڱاڻو جتوئي، بلاول نائچ، بولا خان نو مڙيو، سلطان سامٽيو ، مسو فقير سامٽيو، بجار خان جوکيو، ملير ڪراچي جو دلير مڙس هو. ميان غلام شاهه علائقي جي عملداري جوکئي خاندان جي سرداريءَ سان گڏوگڏ ڄام جو لقب پڻ عطا ڪيو. جوکيو خاندان جي سرداري اڄ تائين ڄام بجار جي اولاد وٽ آهي.
    عزت خان نو مڙيو:
    نو مڙيو قبيلو سنڌ جي ڪوهستان سان تعلق رکي ٿو. ملڪ پاهڙ خان 1703ع ۾ لسٻيلي ۾ حڪومت قائم ڪئي. ملڪ پاهڙ جي وفات کانپوءِ سندس پٽ ملڪ عزت خان حاڪم ٿيو. ملڪ عزت خان جي ڪم سني جي سبب ملڪ جي ماءُ مائي چاگليء حڪومتي ڪارو هنوار سنڀاليو. سن 1742 ۾ ڪوريجي خاندان لسٻيلي حڪومت تي قبضو ڪري ورتو ۽ مائي چاڳلي سنڌ طرف اچي ميان علام شاه وٽ پناهه ورتي، ملڪ عزت خان کي ميان غلام شاه پنهنجن اميرن ۾ شامل ڪيو. ملڪ عزت خان جا مقبرا گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڪوٽڙي جي ويجهو موجود آهن. ڪوٽڙي مان چونڊيل ايم اين اي. اسد سڪندر ملڪ عزت خان جي اولاد مان آهي.

    چون ٿا ته باسي ڪلهوڙا دور ۾ جديد نهري نظام قائم ڪيو ويو. ۽ سنڌو درياءِ جي اتر اولهه ۾ گهاڙواهه ڪينال سسٽم تحت ٽي واهه ڪڍيا ويا.
    (1) نور واهه
    (2) شاه جي ڪور
    (3) ڏاتي جو ڪور.
    ٻُڌائين ٿا ته موجوده جيڪب آباد ۽ آسپاس جي علائقن لاءِ بيگاري ڪينال ۽ نور واهه ڪڍرايا ويا.
    (1) نصرت واهه
    (2) مراد واهه
    (3) باگو واهه ۽
    (4) فيروز واهه
    ڪڍرايا ويا. هن آبپاشي سرشتي تحت 25 کان 30 لک ايڪڙ زمين پوکي ويا لائق ٿي وئي.

    چون ٿا ته عباسي ڪلهوڙا دور ۾ تاريخي شهرن ۾ صنعتي مرڪز قائم ڪيا ويا جن ۾ ٺٽو، حيدرآباد، نصرپور، سيوهڻ، روهڙي بکر سکر ۽ شڪارپور ۽ ڪراچي اهم آهن. ان کانسواءِ لاڙڪاڻي، کهڙا، راڻي پور، هالا ۽ عمر ڪوٽ ۾ صنعتي مرڪز کليا. شڪارپور کي سموري ايشيا جي واپار ۾ مرڪزي حيثت حاصل هئي.
     
  3. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    عباسي ڪلهوڙا دور ۾ تعليم وتدريس
    اعتراف ڪن ٿا ته سنڌ 712ع ۾ اسلامي حڪومت ۾ شامل ٿي. اسلام جو صحيح معنيٰ ۾ بنياد تعليم ۽ تربيت تي آهي. شروع ۾ تعليم جو بنياد قرآن پاڪ رهيو. انهي کانپوءِ حديث جي علم کي پڻ شامل ڪيو ويو. اهڙي طرح تاريخ جي مختلف دورن ۾ تعليم ۽ علم ۾ وسعت ايندي وئي. سنڌ جيئن ته پهرئين صدي ۾ ئي اسلام جي دائري ۾ داخل ٿي وئي هئي تنهنڪري سنڌ ۾ تعليمي طريقو اسلامي نهج تي هو.

    ميان آدم شاه جو تعلق جيئن ته پيري، مريدي سان هو تنهنڪري هن پنهنجي ابتدائي دور ۾ پنهنجي مرڪز هٽڙي (موجوده لاڙڪاڻو) ۾ دائري جي نالي سان هڪ تربيتي مرڪز کوليو هو جنهن ۾ روحاني تعليم سان گڏوگڏ دنياوي تعليم ڏني ويندي هئي جنهن ۾ هر خاص عام بغير ڪنهن فرق جي شريڪ ٿي سگهندو هو.
    ميان نصير محمد ۽ ميان دين محمد جي دور ۾ ڳاڙهي هڪ تمام وڏو مرڪز ٿي ويو جيڪو تقريبا 20 سال قائم رهيو. شهزادي معزالدين جي لشڪر هن شهر کي هيٺ مٿي ڪري باه ڏياري ساڙائي ڇڏيو. ان کانپوءِ دادو جي ويجهو خدا آباد جي نالي سان هڪ نئون شهر آباد ڪيو ويو ۽ هڪ وڏي درس گاه جو پايو وڌو ويو. ميان يار محمد جي دور ۾ لڳ ڀڳ هر شهر ۾ مدرسا قائم ڪيا ويا ۽ هڪ نصاب مقرر ڪيو ويو.
    (1) ابتدائي تعليم سنڌي ٻولي ۾
    (2) ثانوي تعليم فارسي ۽ عربي ۾
    (3) اعلي تعليم عربي زبان ۾ ڏني ويندي هئي

    عباسي ڪلهوڙا دور حڪومت ۾ تقريبا 12 شهرآباد ڪيا ويا جيڪي مختلف حاڪمن جا تخت گاهه پڻ رهيا.
    (1) هٽڙي ( موجوده لاڙڪاڻو) ميان آدم شاه
    (2) ڳاڙهي: ميان نصير محمد ۽ ميان دين محمد
    (3) خدا آباد ( داد وجي ويجهو) ميان دين محمد
    (4) محمد آباد : ميان نور محمد
    (5) مراد آباد: موجوده نصرپور جي ويجهو ميان محمد
    (6) الله آباد : ميان غلام شاه
    (7) شاه ڳڙهه : موجوده شاه بندر جي ويجهو ميان غلام شاه
    (8) شاه پور اول : ميان غلام شاه
    (9) شاه پور ٻئين : ميان غلام شاه
    (10) حيدرآباد : ( موجوده حيدرآباد ) ميان غلام شاه
    (11) خدا آباد ٻئين ( موجوده هالا جي ويجهو) ميان سرفراز خان
    (12) نوشهرو فيروز ( موجوده نوشهرو فيروز ) فيروز

    عباسي ڪلهوڙا دور جو فن تعمير ۽ ان جا آثار
    (1) جامع مسجد : ڳاڙهي دادو
    (2) جامع مسجد: خدا آباد دادو
    (3) جامع مسجد: سانگهڙ

    مقبرا
    (1) مقبرو ميان آدم شاه سکر
    (2) مقبرو ميان الياس محمد: هٽڙي لاڙڪاڻو
    (3) مقبرو ميان شاهل محمد: لاڙڪاڻو
    (4) مقبرو ميان نصير محمد ۽ ميان دين محمد: ڳاڙهي دادو
    (5) مقبرو ميان يار محمد: خدا آباد دادو
    (6) مقبرو ميان نور محمد: ( مورو شهر جي ويجهو )
    (7) مقبره ميان مراد ياب خان: خدا آباد
    (8) مقبرو ميان غلام شاه: حيدرآباد
    (9) مقبرو ميان سرفراز: حيدرآباد
    (10) مقبرو ميان غلام نبي: حيدرآباد
    (11) مقبرو ميان عبدالنبي: راجن پور
    (12) مقبرو شاه بهارو: لاڙڪاڻو.
    (13) مقيرو شاه عبدالطيف ڀٽائي
    (14) مقبرو لال شهباز قلندر آرائش جو ڪم .
     
  4. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    ڪوٽ ۽ قلعا
    لاڙڪاڻو قلعو:

    جرنيل شاه بهارو تعمير ڪرايو. 1871ع کانپوءِ آثار ختم ٿي ويا. ڪوهستان قلعو. ميان نور محمد جي دور ۾ تعمير ٿيو.
    عمر ڪوٽ قلعو:
    قديم دور کان موجود هو. زبون ٿي ويو هو. ميان نور محمد نيئن سر تعمير ڪرايو. اهو فوجي مقصدن لاءِ هو ميان صاحب جي دور جون توپون اڄ تائين موجوده آهن.
    حيدرآباد جو پڪو قلعو :
    ميان غلام شاه تعمير ڪرايو. آثار قديما کاتي جي ملڪيت ۾ آهي حالت تمام خسته اٿس.
    ڪچو قلعو حيدرآباد :
    ميان غلام شاه تعمير ڪرايو، ٻاهريون ڪوٽ سلامت اٿس
    مير ڳڙهه قلعو :
    مير بجار خان سنڌ ۽ جو ڌپور جي سرحد تي 1780ع ۾ تعمير ڪرايو.

    بندر گاهه
    (1) ڪراچي بندرگاهه: ميان نور محمد جي دور ۾ شروع ٿيو
    (2) شاه بندر : ميان غلام شاه جي دور ۾ ٺهيو
    (3) علي بندر : ميان غلام شاه جي دور ۾ 1765ع ۾ ٺهيو
    (4) اورنگار بندر : ميان غلام شاه جي دور تائين ڪم ايندو رهيو.

    عباسي ڪلهوڙا دور ۾ سنڌ جو واپار:
    هندستان وچ ايشيا ۽ يورپ تائين هلندڙ هو. يورپ مان ڪيترائي واپاري سنڌ آيا. جن ۾ ڊچ، پورچو گالي ۽ انگريز سڀ کان اڳرا رهيا. ميان مراد ياب عاسي جي دور ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني واپار شروع ڪيو ۽ ميان غلام شاه ڪلهوڙي ڪمپني سان سرڪاري طور معاهدا ڪيا.

    ڪراچي بندر تي سڀني ملڪن جا جهاز لنگر انداز ٿيندا هئا. اهڙن ملڪ ۾ خاص طور ڪڇ، مسقط، ڪاٺياواڙ، بمبئي، مالابار، بندر عباس ۽ زنجبار جو ذڪر موجوده آهي. هندو واپارين جانمائندا شڪارپور، بهاولپور ملتان، مانڊوا ، بمبئي، مسقط، بحرين، هرات، ڪابل ۽ قنڌار شهرن ۾ موجود رهندا هئا.
    سنڌ مان وڏي مقدار ۾ ڪپڙي، ريشم، نيل، قلعي، شوري ، چمڙي ۽ چمڙي مان ٺهيل شين، جانورن، کير مان ٺهيل شين، ڪڻڪ چانور، دالين ۽ ٻين ڪيترعن شين جو روانگي واپار ٿيندو هو. جڏهن ته ڌاتو، شيهو، لوه،ه سون، چاندي، بخمل، موتي قيمتي پٿر، آرائشي شيون ۽ مصالحا در آمد ڪيا ويندا هئا.
     
  5. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    عباسي ڪلهوڙا ۽ مقامي قبيلا :
    ارغون تر خان ۽ مغل دور ۾ جاگيرون ۽ منصب ٻاهران آيل ماڻهن کي ڏنا ويندا هئا. انهن ماڻهن کي هتان جي واپار ۽ زراعت ۾ ڪا دلچسپي نه هوندي هئي جنهن ڪري مقامي زراعت ۽ تجارت تباه ٿي وئي.

    مقامي قبيلا، عباسي ڪلهوڙا بزرگن جي قيادت هيٺ هڪ تحريڪ جي شڪل ۾ متحد ٿي ويا ۽ ٻاهران آيل گورنرن ۽ عملدارن کي ڀڄائيندا ۽ انهن سان مهاڏا اٽڪائيندا ۽ معاهدا ڪندا رهيا.

    ميان آدم شاه کان وٺي ميان الياس محمد تائين ابڙا، سانگي پنهور قبيلا جن جو چانڊڪي پرڳڻي سان تعلق هو اهي عباسين جي بلڪل ويجهن پوئلڳن ۾ شامل هئا. انهن پنهنجون زمينون تحفي طور ڏنيون ۽ ڪلهوڙن کي پنهنجي علائقن ۾ پذيرائي ڏني پر جڏهن عباسي ڪلهوڙا مغل حاڪمن سان آمهون سامهون ٽڪراءَ ڏانهن وڌيا عين انهي اوقت خسيس مفادن تي وڪرو ٿي ويا ۽ سانگي ابڙا ۽ پنهور مغل حاڪمن سان وڃي مليا ۽ عباسي قيادت کي قتل ڪرائڻ شروع ڪرايائون ڄام صديق ۽ جلال خان ابڙي جهڙن سردارن مريدي جا سمورا حق وساري ڇڏيا، انهن کي شايد پڪ ٿي وئي هئي ته اهي پنهنجي مٽيءَ سان غداري ڪري سنڌ جا حاڪم ٿيندا پر تاريخ شاهد آهي ته غدار جي سزا موت يا روهي رلا مٿي کلا آهي.

    عباسي ڪلهوڙا حاڪمن سنڌ جي يڪ جهتي ۽ جاگرافيائي وحدت جو مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ پوريون ٻه صديون جهدوجهد ڪرڻ ۽ تحريڪ هلائڻ کانپوءِ شاندار ڪاميابي حاصل ڪئي. جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ جون جاگرافيائي حدون ڊيري غازي خان ۽ ڊيري اسماعيل خان کان ٿرپارڪر ۽ ڪوهستان تائين پکڙجي ويون.

    سنڌ جي جاگرافيائي وحدت، آزاد حڪومت ۽ شاندار عمارتن ۾ خبر ناهي ڪيترن عباسين جي جان ۽ مال جا نذرانو پيش ڪيل هوندو.
    رب پاڪ کان دعا آهي ته عباسي خاندان جي شهيدن ۽ مجاهد مردن جي جان ۽ مال دين ۽ ڌرتي جي حفاظت جي جاکوڙ ۾ ڪم اچي ۽ الله انهن کي پنهنجي رحمت ۾ جاءِ ڏني. آمين
     
  6. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    [​IMG]
    وادي مهراڻ يا انڊس ويلي جو نالو هندس يا سنڌ ڇو پيو؟ هتي اسان ان جي اڀياس ڪنداسون. سولي سمجهاڻي هن ريت آهي ته :
    هڪ لاجيڪل نظرئي موجب
    جهڙي طرح گيتن جي صفت کي وڌائڻ لا اسان گرامر جو استعمال ڪري اُن ۾ (س) لفظ جو اظافو ڪندا آهيون يعني ان لحاظ سان اُن ۾ صفت (س) جو واڌا ڪري سنگيت (يعني ڀلوڙ گيت) چئجڻ لڳو ساڳي ريت دُنيا جي بهترين هنڌ (رهڻ جي جا) سنڌ ۾ (ه) کي سالينٽ ڪري (س) جي صفت ڏئي اسان هنڌ (رهڻ جي ڀلوڙ جا) ڪرڻ لاِ سنڌ چيو. مطلب ته سنڌ رهڻ جو اُهو ڀلوڙ ماڳ آهي جتي دُنيا جون قومون اچي آرام پسند ٿينديون آهن جيئن دُنيا جا پکي موسمن جي تبديلي ڪري طويل سفر ڪري سنڌ جي جهيلن ۾ اچي پناهه و:ندا آهن.
    ٻيو لاجيڪل نظريو آهي آهي ته
    سنسڪرت ۽ فارسي ڄاڻون اکر (ايس) سنڌ لا، کي اکر (ايڇ) هند لا جي اُچار سان پڙهندا آهن ۽ اکر (ڌ) اکي (د) پڙهن ان ڪري (هندس) در اصل (سنڌس) آهي ۽ هندستان درحقيقت سنڌستان آهي . ته سمجهڻ گهرجي ته هندستان (هندن جي رهڻ جي جڳه نه) پر (سنڌين جي رهڻ جي جڳه )آهي. پو وقت جي ڪاٿي ڪرڻ وارن برصغير کي ٻن اسٽيٽس (سنڌ ۽ هند) بڻائي پنهنجي وُجود کي برقرار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ۽ انڊس سولائيزيشن جي ليگسي کڻي هلندڙ نه صرف اڄ جي سنڌ آهي پر هند به آهي. جيڪا تبت کان شروع ٿي ڪشمير تائين پنهنجي تهذب، روايتون ۽ ڪلچر کنيو هلي. پنج آب به در اصل سنڌ ئي آهي جو پنجاب (پنج آب) پنج دريا مُڙي سنڌ (انڊس) جي پاڻي سان ڀرجن ٿا ۽ انهي پاڻي جي گرد وسندڙ قومون ئي انڊس سولائيزيشن (سنڌو)جو حصوآهن. اهوئي سبب آهي جو سنڌي ٻولي سان مشهابيت رکندڙ ٻيون ٻوليون جهڙوڪ ڪوهاٽ جي هندڪو هُجي، پنجابي هُجي، سرائڪي هُجي يا ميمڻي هُجي، سڀ (سنڌي ٻولي جا جُز ئي آهن) ۽ سنڌي ٻولي ئي سندن امڙ آهي.

    اسان اڳتي هلي هتي هاڻ سنڌ جي هر دئور تي ريسرچ ڪري اُن جي اڀياس ڪنداسون ۽ ان کان پهرئي هتي صرف اهو سمجهائڻ لا آهي ته سنڌ سڳوري ڪيترن دئورن مان گُذري باب الاسلام بڻي هُئي.

    ا. تاريخ سنڌ عيسى عليه الصلوات وسلام جي ڄم کان پهرئين (بفور ڪرائيسٽ) جي نالي سان جُڙي ٿو ۽ سنڌ جي بُنيادي دئور جي نشاندهي هي وقت ڪري ٿو، جيڪو حضرت عيسي عليهه صلوات و سلام کان پهرئين جو هو يعني 3500 بي. سي (بفور دي ڪرائيسٽ) کان 7000 بي سي تائين. (دي اوريجنل انهيبيٽيٽس آف سنڌ)
    2. ٻيو دئور انڊس سولائيزيشن جو دئور سڏجي ٿو جيڪو 1000 بي. سي کان 3500 بي. سي جو آهي.
    3. تاريخ سنڌ جو ٽيون دئور 850 بي سي کان 1050 بي سي جو آهي ۽ هي دئور (ايڊوينٽس آف آريانس جو دئور سڏبو آهي.
    4. سنڌ تاريخ جو چوٿون دئور (ايپڪ ايجس آف رامائين مهابهارتيا) جو هو.
    5. سنڌ تاريخ جو پنجون دئور فارين ۽ ٻين قومن جون سنڌ تي ڪاهون جو هو جيڪو شروع ٿيو هو 519 بي سي کان.
    6. سنڌ تاريخ جو ڇهون دئور هو (جين ۽ بُدهسٽ پيريڊ) جو.
    7. سنڌ تاريخ جو ستون دئور هو جڏنهن اليگزينڊر سنڌ تي ڪاهه ڪئي هُئي ۽ اهو دئور شروع ٿيو هو 324 بي سي کان 329 بي سي تائين.
    8. تاريخ سنڌ جو ستون دئور شروع ٿيو هو 187 بي سي کان 324 بي سي تائين ۽ هي دئور سڏجي ٿو (موريا ڊائنسٽي ۽ سنڌ) جي حوالي سان.
    9، تاريخ سنڌ جو نائون دئور ۽ عيسى عليه الصلوات وسلام جي وفات کان پو جو هي پهريون دئور اي ڊي ( آفٽر ڊيٿ آف دي ڪرائيسٽ) سڏجي ٿو ۽ اهو دئور هو جڏنهن دُنيا جي مُختلف قبيلن جي سنڌ (بلوڙ رهڻ جي جڳه) ۾ آمد شروع ٿي وئي هُئي ۽ هن دئور جي شروعات حضرت عيسى عليه الصلوات وسلام جي وفات (عيسوي سن) سال کان پو ٿي ۽ هي دئور شروع ٿيو هو 127 اي ڊي کان 283 اي ڊي تائين.
    10. سنڌ جي تاريخ جو ڏهون دئور 641 اي ڊي کان 712 اي ڊي جو هو جنهن کي (برهمڻ ڊائنسٽي) سڏيو وڃي ٿو.
    11. ان کان پو جو دئور (ڪنگ ڏاهر جو دئور) مشهور ٿيو هو.
    12. عربن جي آمد سنڌ ۾ ڪنگ ڏاهر جي دئور کان پو شروع ٿي هُئي ۽ هي دئور شروع ٿيو هو 711ع کان 714ع ۾ جنهن کان پو سنڌ باب الاسلام بڻي هُئي ۽ اها آمد عرب مُسلمانن جي سنڌ ۾ ڪيئن ٿي اهو اسان پنهنجي آرٽيڪل ۽ ريسرچ پيپر ۾ هن سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام ۽ فيس بوڪ تي ٻُڌائي چُڪا آهيون (وڌيڪ تفصيل ميمن ڊاٽ ڪام تان پڙهي سگهجن ٿا) ته هندن جو مُسلمان ٿي ميمڻ ۽ شيخ بڻجڻ ۽ سنڌ جو باب الاسلام غير فرقي ۽ سچي تاريخي ۽ وقت جي ثبوتن تحت هتان ئي باب الاسلام بڻجي اسلام کي پوري دُنيا ۾ وڌيڪ ڦهلائڻ جو هو ۽ اتان ئي سنڌ جي ماڻهن جي مڪي شريف ۽ مديني شريف ڏانهن مرڪزيت رهي ۽ سنڌ مان لڏ پلاڻ ٿي مڪي ۽ مديني ۾ رهائش رهي.
    13. ان کان پو جو دئور ٻُڌائي ٿو ته سنڌ ۾ ڪهڙيون ۽ ڇو تبديليون آيون هيون ۽ اهو دئور (رزلٽ آف عرب انويشن آن سنڌ) جي نالي سان مشهور آهي.
    14. ان کان پو سنڌ جو اهو اهم تاريخي سفر شروع ٿئي ٿو ۽ ان دئور کي (عرب گورنرس ان سنڌ) جي دئور سان سڏيو وڃي ٿو جيڪو 715ع کان 845ع تائين رهيو هو.
    15. عيسوي سالن ۾ سنڌ جو تارخي سفر سنڌ ۾ آزاد رياستن جي قيام جي نالي سان (ان ڊپينڊنٽس اسٽيٽس ان سنڌ) جي نالي سان شروع ٿيو ۽ هي دئور پنهنجي تارخي وقت موجب 835ع کان شروع ٿي 845ع تائين پُڄي ٿو.
    15. سنڌ جي تاريخ جو سفر رُڪجي نٿو پر اڃا اڳتي وڌي ٿو ۽ اهو دئور محمود غزنوي جو دئور دهلي ايمائرس جو دئور هو. هتي هڪ ڳالهه ياد ڪرائيندو هلان ته سنڌ صرف اُها ناهي جيڪا اڄ جي تاريخي نقشي تي سڪڙجي ڏيکاري وڃي ٿي. سنڌ اوريجنل پراڻي يوناني زبان ۾ (انڊوس) جديد زبان ۾ (انڊس) جنهن مان (انڊيا) ۽ سنسڪرت زبان ۾ هندس (جنهن مان هندستان) بڻيو اها سموري سنڌ هُئي يعني دريا سنڌ (انڊس رور) جي ٻنهين ڪنارن تي ايگريڪلچر ڪري گُزر سفر ڪرڻ واريون رهندڙ قومون سنڌي ۽ اُهي ماڳ سنڌ (ڀلوڙ رهن جي جا) هُيون.
    16. سنڌ جو تاريخي سفر اڃا گهٽ ناهي ٿيو ۽ ان کان پو جيڪو دئور هو تاريخ اُن کي (سومرا ڊينسٽي) جي نالي سان ياد ڪري ٿي ۽ هي دئور 1010ع کان 1440ع تائين جو هو.
    17. سنڌ جي تاريخ جو سترهون سفر (سمان ڊئنسٽي )جي نالي سان مشهور آهي ۽ هن دئور جي تاريخ 1351ع کان 1519ع جي آهي.
    18. سنڌ تهذيب ۽ تاريخ جو ارڙهون سفر (ارگون ڊائنسٽي) سڏيو ۽ هي وقت هو 1524ع کان 1554ع تائين جو.
    19. سنڌ پنهنجي سفر جي اوڻيئن دئور ۾ جڏنهن داخل ٿي هُئي ته اهو دئور (تُرخان ڊائنسٽي) سڏيو ۽ هن جو وقت هو 1554ع کان 1591ع تائين جو.
    20. سنڌ جڏنهن پنهنجي تاريخي سفر ۾ ويهين دئور ۾ داخل ٿي هُئي ته اهو دئور مغل گورنرس جو دئور هو (پيريڊ آف مُغل گورنرس ان سنڌ) ۽ هي تاريخ وقت هو 1591ع کان 1738ع تائين جو.
    21. هن دئور کان پو سنڌ وري پنهنجي تاريخي سفر سان ايڪيهين دئور ۾ داخل ٿي وئي هُئي ۽ هن دئور کي (ڪلهوڙا ڊائنسٽي) سڏجي ۽ هن دئور جو وقت هو 1700ع کان 1784ع جو.
    22. جنهن کان پو سنڌ جي ٻاويهون تاريخي سفر شروع ٿيو هو (ٽالپر ڊائنسٽي) ۽ وقت سفر هو 1783ع کان 1843ع تائين جو.
    23. سنڌ ان کان پو پنهنجي تاريخي سفر جي ٽيويهين دئور ۾ داخل ٿي هُئ، (هن دئور کي ڪلهوڙا ۽ ٽالپور دئور جي ميلاپ تحت عام ماڻهن جو دئور يعني (لائيف آف ڪامن پيپل ڊيورنگ ڪلهوڙا ۽ ٽالپور) سڏيو وڃي ٿو .
    24. انهن ٽيويهن دئورن مان گُذري تاريخي سفر ڪندي سنڌ (ڀلوڙ رهڻ جي جڳهه) هاڻ شاهه سچل ۽ سامي دئور ۾ داخل ٿي چُڪي هُئي.
    25. هن سفر کان پو ئي سنڌي هُندن ۽ مُسلمانن جو دئور تاريخي پنجويهين سفر شروع ٿيو هو جنهن کي (سنڌي هندوز) جي دئور سان ياد ڪجي ٿو.
    26. پنجويهه تاريخي سفر ڪري ۽ هندوز دئور کان پو سنڌ پنهنجو تاريخي سفر شروع ڪندي برٽش تسلط هيٺ اچي پنهنجي ڇويهين سفر ۾ داخل ٿي جيڪو (برٽش پيريڊ ان سنڌ) جي نالي سان سڏجي ۽ وقت هو 1843ع کان 1947ع جو.
    27. هن وقت سنڌ پنهنجي ستاويهين تاريخي سفر ۾ آهي ۽ خبر ناهي ته سنڌ جو ايندڙ نسل اڃا ڪيترا سنڌ جا تاريخي سفر ڪندو ۽ هن وقت جنهن سفر ۾ سنڌ آهي پنجابي تسلط جو دئور سڏجي جنهن کي (پنجابي اسٽيبلشمينٽ ۽ پناهيري بيوروڪريسي) جو دئور چئجي ٿو.

    ته اُهي دوست جيڪي پنهنجون ٻُڌل ۽ غير تاريخي مذهبي رُجهان ۽ وقت جو ڪٿائون پنهنجي ماحول تحت بيان ڪن ٿا ٿوپڻ چاهين ٿا ۽ ڪوڙي تاريخون ۽ وقت ، مقام ۽ مذهبي عقيدا ٻُڌائڻ وارن تي لازم آهي ته هو ان جو تاريخي سفرن سان لاڳاپو ڪن ۽ تفصيل بيان ڪن ته هڪ سچي ۽ بهترين سنڌ جي تاريخ جوڙي ايندڙ نسل جي حوالي ڪجي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو