ڪو ڏينهن آهيَين ڪوٽَ ۾، لوئي هَڏ مَ لاه ڪامڻ ! اَهجَي ڪُرَ جي، اَڏ وَڏائي آه هت مَ پاڙجُ هَيڪَڙو، پائُرَ جَي پَسَاه سَتِي ! سيلُ نِبَاه، ملير ويندينءَ مَارُئي سُرُ مارُئي آهيَين = آهين ڪوٽَ ۾ = امر ڪوٽ ۾ - امرڪوٽ ملير کان پنجاهه ڪوهه تي آهي. امر ڪوٽ جو شهر راجپوت گهراڻي جي امر سنگ يارهين صدي عيسويءَ ۾ جوڙايو هو. جنهن جو عمر بادشاهه سان ڪو تعلق نه هيو. حوالو : ٽاڊ صاحب جو لکيل "راجستان" جلد 2 صفحو 234 هَڏ = هرگز مَ = نه ڪامڻ = عورت، منڌ - من موهڻي زال، سونهن ۽ سندرتا جي راڻي اَهجَي = اوهان جي ڪُرَ = ڪڙم، خاندان، بڻ بڻياد، نسل پاڙج = برابر سمجهه، ڀيٽج پائُرَ = ٿر پَسَاه = دم، ساهه سَتي = ست واري، ستياڻي سيلُ نباه = ست قائم رک، پنهنجي عزت عصمت جي حفاظت ڪر بيت جو پس منظر ~ تون ڪوٽ ۾ باقي ڪي ٿورا ڏينهن آهين، اباڻي لوئي نه لاهجان. ~ او سونهن راڻي ! اوهان جي خاندان جي خاص سڃاڻپ اها لوئي ئي آهي. ~ جا امرڪوٽ ۾ حياتي گذارين پئي سا پنهنجي وطن جي مَٽُ ڪڏهن نه ڀانئجان. ~ او ستياڻي ! پنهنجي عزت ۽ عصمت قائم رکجان نيٺ توکي ملير موٽي وڃڻو آهي. سمجهاڻي ڀٽائي هن بيت ۾ مارئيءَ کي سندس عصمت ۽ عزت جي حفاظت ڪرڻ جو تاڪيد ڪندي چئي ٿو ته : مارئي تون ڪو سڄي زندگي هن ڪوٽ ۾ بند نه رهندينءَ، باقي ٿورا ڏينهن بچيا آهن جڏهن هن قيد مان آزادي ماڻيندينءَ تنهنڪري هن لوئيءَ کي نه لڄائجان. هي لوئي نه رڳو تنهنجي خاندان جي سڃاڻپ ۽ ميراث آهي پر هي لوئي عورت جو شان مان، عزت ۽ آبرو به آهي. هي صرف تنهنجي مٿي تي ڪپڙي جو ٽڪر ناهي رکيل پر هي صدين جي تاريخ، تهذيب، ثقافت، عزت، عصمت ۽ غيرت جو اهڃاڻ به آهي. هن قيد ۾ گهاريل زندگي ۽ آزاد فضائن اندر ساهه کڻڻ ۾ وڏو فرق آهي. عمر جي ڪوٽ اندر زنجيرن ۾ جڪڙيل ڏينهن ڪنهن به ريت ٿر جي کليل ۽ ٿڌڙين هوائن جي برابر ٿي نٿا سگهن. چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل ____