مُون سِين مارُوئَڙيُون، ڪهڙيءَ رِيت رُسَنديُون؟ چوٽِيءَ ۾ چِيڙُ پيو، پيَم رَتَ ڄَيُون نَيڻَين ننڊَ وِههُ ٿي، سارَي سَاڏوهيُون هِتَي جَي هُيُون، ته سُڌ پيَين سيلَ جي سُرُ مَارُئي مَارُوئَڙيُون = مارو ماڻهن جون عورتون، سهيليون، سرتيون چوٽيءَ ۾ = وارن ۾، ڳُتُن ۾، چوٽين ۾ چيڙُ = مَيرُ، مٽي ڄَيُون = وارن ۾ پوندڙ سنهڙيون جُون، لِيکُون وِههُ = زهر سَاڏَوهيُون = اڇي رنگ جا لذيذ پَيرُون، ڄار جا وڻ، ڄاريون هتَي جَي هُيُون = جي هتي هجن ها، مون جيان قيد هجن ها سُڌ = ڄاڻ، خبر، پتو پيَين = پئجي وڃين ها سيلَ = ستُ، عزت، عصمت، پاڪدامني بيت جو پس منظر ~ مون سان ڀلا ماروئڙيون آخر ڪيئن ۽ ڇو رسنديون؟ ~ هتي منهنجي وارن ۾ مٽي ۽ مٿي ۾ جُون پئجي ويون آهن . ~ ٿر جي پَيرُن لاءِ سڪندي نيڻين ننڊ حرام ٿي وئي اٿم. ~ جي هو هتي هجن ها، پتو پئجي وڃين ها ته عصمت بچائڻ ڪيڏو ڏکيو ڪم آهي. سمجهاڻي مارئي ٿر مان آيل نياپي" پنهنجي عزت ۽ عصمت جي هر حال ۾ حفاظت ڪجان" جي جواب ۾ چئي ٿي ته : هتي مان ڪڏهن عمر جي پاڻيءَ سان وهنتي ناهيان، پنهنجي مارن جا مليل ڪپڙا لاهي عمر جا ويس وڳا ڪونه اوڍيا اٿم ۽ نه وري لڱن تان اباڻي لوئي لاٿي اٿم. منهنجي مٿي ۾ مٽي ۽ جُون پئجي ويون آهن جيڪي رت پيئنديون رهن ٿيون. مان ٿر، مارن ۽ ٿري ميون لاءِ پئي هر گهڙي سڪندي رهان ٿي. ان خوف کان ته متان ڪير عزت تي حملو ڪري منهنجي نيڻن جي ننڊ حرام ٿي وئي آهي، سو مون سهمڻ ئي ڇڏي ڏنو آهي. پوءِ الائي ڇو سرتيون عزت بچائڻ جا نياپا ٿيون ڏياري موڪلين. هُو پاڻ جيڪڏهن عمر جهڙي ظالم بادشاهه جي چنبي چڙهيل هجن ها ته عزتون ۽ عصمتون ڪيئن بچائبيون آهن؟ کين خبر پئجي وڃي ها. چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل ____