آخر سنڌي آفيسر پنهنجي آفيس ۾ ڪُرسي يا ريولونگ چيئر تي ٽوال ڇو رکندا آهن؟

'اکر پڙهه الف جو' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏8 مئي 2015۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    آخر سنڌي آفيسر پنهنجي آفيس ۾ ڪُرسي يا ريولونگ چيئر تي ٽوال ڇو رکندا آهن؟
    جڏنهن امريڪا، يورپ سميعت دُنيا جاهل ترين هُئي ۽ رُڳو سنڌي قوم سولائيزڊ هُئي (انڊس سولائيزاشن) ۽ پوءِ جڏنهن اسان ۾ سازشن تحت جهالت ڀري وئي ۽ (ڄٽ سمجهڻ لڳاسون) ته اچو پاڻ مان اُهي سڀ جهالت واريون گهساڙيل شيون ڪڍي ڦٽي ڪريون جنهن سان اسانجي ڄٽ هُئڻ جو تصور ملي ٿو. ڇو جو هاڻ سوال آهي سنڌ جو! نه تُنهنجو ! نه مُنهنجو!
    [​IMG]
    اها ڳالهه اڃان سمجه ۾ نه پئي اچي ته اڪثر اسانجا سنڌي آفيسر (خاص طور اپر سنڌ وارا جتي دُنيا جون سموريون جهالتون آهن، جهڙوڪ ڌاڙيلگيري، ڪاروڪاري، جهڳڙو، جاگيرداري نظام وغيره) يا اُهي جن جون پنهنجو آفيسون آهن پوءِ چاهي ڊسينٽ ُ۽ لگزيريس هجن يا عام، اُهي پنهنجي سيٽ يا ريوالونگ چيئر جي پويان ٽُوال ڇو رکندا آهن؟ جي ڪنهن دوست کي اها سوچ ڊي ڪوڊ ڪرڻ اچي ته ٻُڌائي. پُراڻي وقتن ۾ اسان اهو ڪرتب انهن پرائمري اسڪولن ۾ خاض ڪري سنڌي پرائمري ماسترن جي ڪُرسين تي ڏسندا هُئاسون،جن جي پوسٽنگ سينٽرل سنڌ ۾ ٿيندي هُئي ۽ پوءَ هيڊ ماستر کين نندي اهي ڪرسين تي لڳل ٽوال هٽارائي ڇيندو هو ، شايد پوءِ اهو سڀني سنڌي آفيسرن جي ذهن ۾ به گهر ڪري ويو هُجي ته آفيس ۾ ڪو ٽوال به ڪُرسيءَ پويان رکڻ لازمي ۽ قابل عزت آهي. پاڻ سوچيو ! اسان ڇا چئون. اهو ائين آهي جيئن ڪو ماڊرن ٿيندڙ دوست سينڊل سان گڏ جوراب به پائيندو آهي. انهن ٻنهين منتقن جي نفسيات سمجهڻ ۽ سمجهائڻ گهرجن. ته ڇا اهو سپريارٽي ڪمپليڪس جو جُز ته ناهي؟ ڇو جو سوال آهي سنڌ جو! نه تُنهنجو ! نه مُنهنجو!
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏8 مئي 2015
    ذوالفقار علي انڍڙ هيء پسند ڪيو آهي.
  2. چندر

    چندر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 جولائي 2013
    تحريرون:
    47
    ورتل پسنديدگيون:
    104
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    فزيشن
    ماڳ:
    ٿرپارڪر
    اڪثر ريوالونگ ڪرسي جو ڪور پلاسٽڪ جو ھوندو آھي. ھر آفيس ۾ اي سي لڳل ناھي ھوندو، گرمي کان بچڻ لا ۽ بجلي وڃڻ جي صورت ۾ پگھر اگھڻ لا ڇو جو اسان جو ملڪ ۾ گرمي وڌيڪ ٿيندي آھي.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    چندر ادا ! گهر يا پرائيوٽ جاءِ لاءِ لاجڪ صحيح آهي پر سرڪاري آفيسن جي ڊيڪورم جي لحاظ کان لاجڪ صحيح ڪونهين ! آفيس ڊيڪورم جي مڪمل خلاف آهي ۽ گرمي ته ٻين قوم کي به لڳڻ گهرجي، اسان سنڌين کي رُڳو ڇو؟ انهن جي آفيسن ۾ ته ائين ڪونه ٿو ڏٺو وڃي. رهي پلاسٽڪ ڪور جي ته ڪاٽن ڪور به ته چاڙهائي سگهجي ٿو. پاسي ۾ ٽوال ٽنگڻ لاءِ هينگر به لائي سگهجي ٿو(پر لڪيل هجي) خير هر ڪنهن جي مرضي آهي ٻيو ته سينڊل تي جوراب پائڻ جو ڪهڙو جواز ملندو! اسان نشاندهي ڪندا وينداسون ته هاڻ پاڻ مان سڀ ڄٽڪيون ۽ نان ڊيڪورم عادتون به ختم ڪرڻيون آهن ۽ جڳ جهڙو ٿيڻو آهي ڇو جو سوال آهي سنڌ جو! نه تُنهنجو! نه مُنهنجو!
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    لاجڪ ته ڪو ٻيو ٻُڌائي جو مون کي به خبر ناهي پر مُشاهدي جي ڳالهه ڪريان ته منهنجي پوسٽنگ ڪراچيءَ ۾ آهي گُذريل 6 سالن کان. هتي سڀني اُردو ڳالهائيندڙ جي ڪُرسين تي به ٽوال پيل آهن.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. چندر

    چندر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 جولائي 2013
    تحريرون:
    47
    ورتل پسنديدگيون:
    104
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    فزيشن
    ماڳ:
    ٿرپارڪر
    ادا ڳالھ توھان جي صحيح آھي اسان سنڌي ماڻھن ۾ ڄٽڪيون عادتون گھڻيون آھن. اڄ کان 8 سال پھريائين بيگم جي فرمائش تي مان شيشي جو ڳرو ڊنر سيٽ ورتو اڃا تائين استعمال جو موقعو ناھي مليو، ھا جيترا دفعا ڪرائي واري جڳھ مٽائي سين ته اھو وزن مون کي ئي ڍوئڻو پيو ... چوڻ جو مطلب ته اسان ڪيتريون ئي غير ضروري شيون خريد ڪندا آھيون جن جي اسان کي ضرورت ئي ناھي ھوندي.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    60 سيڪڙو اڙدو ڳالهائيندڙ سنڌ جي ٻهراڙين ۾ رهن ٿا ۽ انهي ماحول جي زير اثر ٿي ائين ڪندا هوندا. باقي جيڪي شهرن ۾ رهي آفيس ۽ آفيسر ڊيڪورم سمجهن ٿا اُتي اهي شيون نه ملنديون ۽ ها ڪُجهه ممڪن ب اهي ته ڏسندي ڏسندي انهن کي به اهي ڳالهيون وڻڻ لڳيون هونديون هوئن به اسان ۾ خراب عادت تيزي سان وچڻڻ لڳندي آهي، ڌارين سان اسانجو ڇا اسن لا ته سوال آهي سنڌ جو!
     
  7. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    منهنجا ادا ٽوال نه رڳو سنڌي ماڻهون پر انڊين ۽ ان کان علاوه به ڪجھ ماڻهون پنهنجي ڪرسين تي رکندا آهن ، ٽوال ڪرسي تي رکڻ ۾ قباحت ته ڪونهي! يا ايئن به ناهي ته جيڪو ماڻهون ڪرسيءَ تي ٽوال رکي ٿو اهو ٽيلينٽڊ ناهي !
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    سائين اوهان کي ٽوال مان ڪهڙي شڪايت آهي؟!!
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    اهي سرڪاري ملازم يا اهلڪار ناهن پر سياستدان ۽ پنهنجي ذاتي يا پروائيويٽ آفيسن ۾ ڀلي رکن . پر جيڪا توهان تصوير ڏيکاري آهي شايد صاحب! کي ميڊيا وارن ۾ ڪُرسيءَ تي ٽوال رکڻ تي ننديو آهي جيڪو هو هاڻ هٽائي پيو! طاهر سائين ! مينٽالٽيءَ جي ڳالهه زير بحث آهي ڪا شڪايت ڪانهين ! رهت جا ڪي مروجه اُصول هوندا آهن جنهن جي پائداري لازمي هوندي آهي نه ته وڌي وڻ ٿي ويندا آهن ۽ هر جاءِ تي جتي صرورت نه هُجي پننجي اجائي سوچ کي مڙهڻو ناهي هوندو ۽ سماج به تڏنهن سڌرندو اهي نه ته نسل در نسل هلندو رهندو.
     
  10. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    مان استاد آهيان ۽ ڪلاس ٽيچر پڻ. منهنجو هيڊ ماستر هر سال منهنجي ڪرسي لاٌ نئون ٽوال وٺي ڏيندو آهي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    ساڳيو سوال هتي به موجود آهي، جوابن سميت :)
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    ٻه غلطيون يا خرابيون هڪ سچ ثابت نه ٿينديون آهن، اها ڳالهه (آفيس ڊيڪورم تحت) غلط آهي تڏنهن ته اهو مضمون انڊيا يا پاڪستان ۾ زير بحث آهي معنيءِ نقطو آهي. جيئن دوست سجاد عليءَ لنڪ ڪيو آهي. آفيس ڊيڪورم جي خلاف ورزي ڪندڙ ظاهر آهي پنهنجي غلطيءَ کي سچو ٿابت ڪرڻ لاءِ هتان هُتان جسٽيفڪيشن هٿ ڪري پنهنجي ڪرت کي اُتم ڪندو. پر غلط ڪرت ، عادت يا روارت غلط ئي هوندي آهي ، پوءِ سبب کڻي ڇا به هُجي مطلب ته هوا گُزرڻ لاءِ ڪمري جو ڀتيون ڊاهي نٿيون سگهجن، گهر يا ڪمرو اُهو جنهن ۾ ڀتيون به هُجن ته اهڙيءَ طرح آفيس ڊيڪورم به اُهوهئڻ گهرجي جيڪو مُروجه آهي. جهالت رڳوسنڌي مڻهن ۾ يا انڊيا جي ماڻهن ۾ ناهي هر ان مُلڪ جي باشندن ۾ آهي جيڪي گهٽ تعليمي ماحول ۾ رهن ٿا ته انهن کي سولائيزڊ ڪرڻ اسانجو ڪم آهي.

    ياد رهي ته اهڙا نقطا اٿندا ۽ زير بحث تڏنهن ئي ايندا آهن جڏنن اهي حرڪتون پاڻ کي سولائيزڊ سڏائڻ وارن کان ٿينديون آهن جن جو ڪم ، قوم جي پُٺ تي پيل ماڻهن کي مورجه اصولن تحت هلڻ سيکارڻو هوندو آهي نه ڪه انهن جي پوياري ڪندي پاڻ ئي (ان سولائزڊ) ڪم ڪري ويهي. سائين سولائيزڊ (سو بوٽ يا سلوار ڌوتي پاشاڪون) پهريندڙن جي ڀيٽ ڪرڻ سان نه پري ذهني سوچ سان ٿيندو . جي ذهني سوچ ئي غلط (ڄٽڪي) آهي ته هائلي ڪواليفائيڊ ۽ سوٽ بوٽ ۾ ويڙهيل، بيوروڪريٽ يا ٻيو ڪو به اهڙو شخص به (ان سولائيزڊ) حرڪتون ڪري سگهي ٿوجيئن اڄ ڪله ڊاڪٽر ذوافقار مرزا کان ٿي رهيون آهن جيڪو اعليٰ عهدن ۽ تعليم يافته فيملي ۽ پاڻ ڊاڪٽر هُئڻ باجود (ڪئو بواءِ اسٽائل) ۾ عمر جو خيال نه ڪري به (هيٽ ۽ جينز، پٽن واري رنگين ٽي شرٽ پائي) ڪورٽ سڳوري ۾ وڃي ٿو ۽ ميڊيا جي چٿرن جو مرڪز بڻجيو وڃي. ۽ دُنيا پوءِ سنڌي ماڻهن تي کلي ٿي. باقي هاڻ فيصلواسانکي ڪرڻو آهي ته ڇااسان به ذهني سولائيزڊ سوچ وارا آهيون يا ڊاڪٽر ذوالفقار جي سولائيزڊ سوچ وانگر يعني (ڄٽ ڄٽ جا پُٽ) اهو اسان اڪثر (ڪاروباري ميمڻ) جابر وڏيرن کي خوف ڪي ، سندن وڃڻ کان پوءِ پويان چوندا آهيون جڏنهن هو اسانکان عقل وٺي نه هلندو آهي ۽ پاڻ کي ڦني خان سمجهندو اهي..
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏20 مئي 2015
  13. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    سائين ما ن هڪ معمولي ڪمپيوٽر آپريٽر آهيان، ٽوال نه رکندو آهيان. مون وٽ جيڪا ڪرسي آهي اها پلاسٽڪ جي ڪور جي آهي. جڏهن گرمي ۾ پٺيءَ مان پگهر نڪرندو آهي ته ڪرسيءَ سان پٺي ٽڪرائڻ سان وڏي حالت ٿيندي آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو