حرام کائڻ ڇڏيو! پورهيت سنڌيءَ جو اُجورو هڙپ نه ڪريو! جو سنڌيت متوازي آهي اڪانمڪس سان

'اکر پڙهه الف جو' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏8 مئي 2015۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    مُشتري هُشيار باش !
    سوال آهي سنڌ جو! نه تُنهنجو ! نه مُنهنجو ! ..... سر! سنڌ جا سمورا علائقا (اپر سنڌ، سينٽرل سنڌ ۽ لوئر سنڌ) ڪلاڪارن، فنڪارن ۽ ٽلنٽس سان مالا مال آهن ۽ سنڌي ميڊيا تي مڪمل حق رکن ٿا پوءِ لابيون ۽ گروپ ڇو ٺهيل آهن ۽ صرف چند ساڳيا ماڻهون هر ڊرامي، هر پروگرام ۾ بار بار چو ٿا گهرايا ۽ رکيا وڃن ؟

    ڊرامي جي هر ڪردار لاءِ نئين ٽهي، وچولي ٽهي ۽ پُراڻي ٽهي (ٽين ايجرس، مڊل ۽ اولڊ ايجرس) به موجود آهي پوءِ مخصوص لابيون (ٽين ايجرس) کي ڇڏي (مڊل ايجرس) کي ان ڪريڪٽرس لاءِ ڇو ٿيون منتخب ڪن ۽ ليجنڊ ، بيسٽ پرفارمرس (اولڊ ايجرس) به موجود آهن پوءِ خاص لابين وارن (مڊل ايجرس ) جا وار مُڇيون اڇا ڪري (اولڊ ڪريڪٽرس) لاءِ ڇو ٿو پيش ڪيو وڃي. سنڌي ميڊيا مان (علاقائي، ياري باشي يا پيالي ڀائي) بيس تي قائم (لابيون ۽ گروپ بنديون) ختم ٿيڻ گهرجن.

    تمام سنڌي ميڊيا اسڪرين تي ڏيکاريل ۽ هر منتخب فنڪارن جو اُجورو کين مڪمل ڏيڻ گهرجي (ليبر ايڪٽ 1962) ۽ ڪنهن به پروڊيسر ، پروگرام مئنيج يا ڊائريڪٽر کي هڙپ ڪرڻ نه گهرجي، (پي ٽي وي تان )ڪوڙا چيڪ ۽ اڌو اڌ بُنياد تي نه ٺهڻ گهرجن (احتصاب ٿيڻ گهرجي) جي ڪو ڪريڪٽر ناهي ته ان جو چيڪ نه ٺهڻ گهرجي، ڪنهن ڪريڪٽر هڪ ايپيسوڊ ۾ ڪم ڪيو اهي ته ان کي پنجن ڇهن ايپيسوڊ ۾ ڏيکاري چيڪ نه ٺهڻ گهرجي اهو سراسر اداري سان غداري ۽ قابل گرفت جرم آهي. هاڻ اهي سڀ ويڇا گهاٽيون سنڌي ميڊيا مان ختم هُئڻ گهرجن جو سوال آهي سنڌ جو! نه تُنهنجو ! نه مُنهنجو! پوري سنڌ (اپر، سينٽرل ۽ لوئر) جا جيڪي به فنڪار(ٽين ايجرس، مڊل ايجرس ۽ اولڊ ايجرس) آهن انهن جي ڪيٽاگيري ٺاهي ، اُجورو فڪس ڪري ان لسٽ ڪرڻ گهرجي ۽ برابري بُنياد تي پروگرامن ۾ سنڌ جي سمورن علائقن جي فنڪارن کي حصو ڏيڻ گهرجي.

    ۽ ان کان پهرئين جو ثبوت ڊرامن جا نالا ۽ ڪوڙن چيڪن وسيلي ڪورٽ سڳوريءَ سان لهه وچڙ ۾ اچجي، انتباه آهي ته سنڌي ميڊيا تان اهي ويسا گهاتيون ختم ٿيڻ گهرجن. اسان نٿا چاهيون ته سالن کان مسلسل هلندڙ اهڙن ويسا گهاتين جا نالا پبلڪ يا پبلش ڪريون جو (آسمان ۾ ٿڪبو ته مُنهن ۾ لڳندي) ۽ راه راست اچڻ جو موقعو ڏيون ٿا جو سوال آهي سنڌ جو! جيڪو ٿيو سو ٿيو هاڻ ٻيائيون نه هُئڻ گهرجن.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏8 مئي 2015

هن صفحي کي مشهور ڪريو