سِپَ سَمُنڊيُن سَپَڄي، اَبرُ آساروس ٻاڙو پيَي نه ٻِپُڙي، مِٺَو مُنهن لَڳوس ماڻڪُ تَي مڙيَوس، جِنءَ تَنگُ ڪڍيائين تار ۾ سُرُ مَارُئي سپَ = سمنڊ جو ڪُميءَ جهڙو جانور سَمُنڊيُن ۾ = سمنڊن ۾ سَپَڄي = ڄمي، پيدا ٿئي اَبرُ = ڪڪر، بادل آساروس = کيس آسرو آهي ٻاڙو = کارو، سمنڊ جو لوڻاٺيو پاڻي ٻپُڙي = ٻن پڙن واري، سپَ مٺو = درياهه، نديءَ جو مٺو پاڻي مُنهن لَڳوس = مُنهَان پيس، نفرت اٿس، نه وڻيس، ڪراهت ٿيس ماڻڪُ = موتي، هيرو تَي = تنهنڪري مڙيوس = حاصل ٿيس جنءَ = جيئن تَنگُ = ڪشالو، سختي، محنت، فاقو، لنگهڻ تار ۾ = اونهي پاڻيءَ ۾، گهري پاڻيءَ ۾ بيت جو پس منظر ~ سِپ جيتوڻيڪ سمنڊ ۾ پيدا ٿيندي آهي پر سندس آسرو بادل آهي. ~ هي ٻن پڙن واري سِپَ کارو يا مٺو پاڻي ناهي پيئندي. ~ تڏهن ئي ته کيس موتي ملي ٿو جڏهن ڪشالا ڪڍي ٿي. سمجهاڻي سِپَ سمنڊ ۾ ڄمي ٿي، سمنڊ ۾ پلجي وڏي ٿيندي آهي پر حيرت جي ڳالهه آهي جو هوءَ ڪڏهن ڀلجي به سمنڊ جو کارو ۽ لوڻياٺو پاڻي ناهي پيئندي. کيس درياهه جو مٺو پاڻي به ناهي وڻندو. سِپَ سدائين ان اميد تي زندگي گهاري ٿي ته آسمان تي ڪي ڪارا ڪڪر ڇانئجن، وِڄن ۽ کنوڻين جا چمڪاٽ ٿين ۽ بادل برسي پون، ڪي وسڪارا ٿين. مينهَن ته پنهنجي مند تي وسندا آهن تيسين سِپَ اُڃَاري رهندي آهي, پوءِ ڀلي ڪيترو به عرصو ڇونه لڳي وڃي. ايڏين تڪليفن ۽ ڪشالن بعد ئي کيس تڏهن ته موتي حاصل ٿيندو آهي. ڀٽائي اسان کي سيکاري ٿو ته محبوبَ ۽ منزلون انهن کي ملنديون آهن جيڪي لاڳيتو جفاڪشي ۽ جدوجهدون ڪندا رهن ٿا. جيڪي مسلسل عذاب، اوجاڳا، انتظار، اوسيئڙا ۽ اذيتون برداشت ڪندا سي ئي محبوبَ ماڻيندا آهن. چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل ____