پَهريَ رَات پَسي، مُون مَاڙيَ مَنُ ڦِڪَو ڪئَو مَوهَڙ مَارُوئڙن کي، وَاحدَ ! ڏَيجُ وَسي اَهَرَ جَنهن اَسين، سَو مِلَندو شَالَ مَليرَ ۾ سُرُ مَارُئي پَهريَ = پهرينءَ پَسي = ڏسي مَاڙيَ = ماڙين ۽ محلن اندر مَنُ = دل ڦڪَو = کَٽَو، بيزار، بيقرار مَوهَڙ = مُنهن، پيار، سڪَ وَاحدُ = اڪيلو - مولا پاڪ جو صفاتي نالو وَسي = وسيع، ڪشادي، ويڪري اَهَرَ = آڌار، آسري، سهاري، اميد بيت جو پس مننطر ~ پهرينءَ رات ئي عمر جا محل ڏسي منهنجو مَنُ کٽو ٿي پيو. ~ مولا پاڪ ! شال منهنجي دل ۾ مارن لاءِ وڌيڪ محبت پيدا ڪري. ~ جنهن محبوب جي ملڻ جي آس اٿم سو ملير وڃي ملندم. سمجهاڻي مارئيءَ پهرين رات عمر جي محل ۾ ڪيئن گذاري : عمر بادشاهه جڏهن زبردستي کنڀي اٺ تي چاڙهي امرڪوٽ پنهنجي شاهي محل ۾ کڻي آيو ته سندس شاهاڻي رعب تاب، محلن، محلاتن، شاهي کاڌن ۽ قيمتي ويس وڳن کان منهنجو روح کٽو ٿي پيو. مون کي عمر ۽ ان جي شاهي گهراڻي جي هر چيز کان بيزاري ۽ نفرت ٿيڻ لڳي. مون دل ۾ مولا پاڪ کان دعائون پي گهريون ته مارن جي دل ۾ مون لاءِ ۽ منهنجي دل ۾ مارن لاءِ اڃان وڌيڪ محبت پيدا ڪر. مون کي پڪ آهي ته جنهن محبوب جي آسري ۽ اميد سهاري اهيان سو نيٺ هڪ ڏينهن ضرور ملير وڃي ماڻينديس. چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل ____