جيڪُس اُٺَا مِيهَ، مُنهَان پوءِ مَليرَ ۾ ڪالَ سَڄَوئي ڏِيههَ، مُهجَي اکڙين اُڪَيريَو سُرُ مَارُئي جيڪُس = شايد اُٺا = وسيا ميهَ = مينهَن، برساتون، وسڪارا مُنهَان = مون کان ڪالَ = ڪالهه، ڪلهه، گذريل ڏينهن ڏيهَ = ڏينهَن مُهجَي = منهنجي اُڪيريَو = ياد ڪيو، واجهايو، سڪيو بيت جو پس منظر ~ شايد مون کان پوءِ ملير ۾ مينهَن وسيا هوندا. ~ ڪالهه سڄو ڏينهن منهنجي اکڙين مارن کي پئي ياد ڪيو. سمجهاڻي ملير مان آيل قاصد سان اندر جا احوال اوريندي مارئيءَ جا ڇَهَه ڇڄي پيا آهن، هوءَ هنجون هاريندي چئي ٿي : عمر جي ڪوٽ ۾ قيدياڻي ٿيڻ کان پوءِ مارن ۽ ملير جي حالت ڪيئن آهي؟ ڪي کنوڻين جا چمڪاٽ ٿيا هن، بادل گرجيا هن، برسيا هن، ڪا ملير ۾ پلرَ جي پالوٽ ٿي آهي؟ يا اڃان تائين ماروئڙن جي مُکَ تي اُهائي اداسي ڇانيل آهي. ڇا اڃان تائين ڏڪار واريون حالتون موجود آهن؟ بادل برسيا هجن يا نه، پر مان سمجهان ٿي مارن جي اکڙين جا بند ضرور ڀَڄي پيا هوندا. هر اک مون لاءِ آلي ضرور ٿي هوندي. منهنجي اکڙين پڻ روز جيان ڪالهه به سڄو ڏينهن سڪ مان اباڻن کي پئي ياد ڪيو. چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل ____