سلمان خان کان باليووڊ جي دبنگ خان تائين.

'سنڌ سلامت اسٽوڊيو' فورم ۾ عبيد ٿھيم طرفان آندل موضوعَ ‏11 مئي 2015۔

  1. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    [​IMG]

    ممبئي : بالي ووڊ جي دبنگ خان بڻجڻ ۾ سلمان خان کوڙ سارين مشڪلاتن کي منهن ڏنو پر همٿ نه هاري ۽ فلم ”تيري نام“ سان شهرت جي بلندين کي ڇُهڻ کان پو انهن پوئتي مُڙي نه ڏٺو ۽ هڪ کان هڪ باليووڊ کي بلاڪ بسٽر فلمون ڏيندو رهيو.

    سلمان خان ڀارتي رياست مدهيه پرديش جي شهر اندور ۾ 27 ڊسمبر 1965ع تي باليووڊ جي معروف ليکڪ سليم خان جي گهر ۾ اک کولي ۽ ان جو نالو عبدالرشيد سليم خان رکيو ويو پر فلمن جي دنيا ۾ هو سلمان خان جي نالي سان مشهور ٿيو، سلمان خان جا ٻه ڀا ارباز خان ۽ سهيل خان به فلمن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاري چُڪا آهن ۽ هاڻي فلم پروڊڪشن سان وابسته آهن جڏهن ته سلمان خان جون ٻه ڀيڻون آهن ، هڪ الويره خان ۽ اورلي پالڪ ارپيتا خان آهن.

    [​IMG]

    سلّو ڀائِي پنهنجي فلمي ڪيريئر جو آغاز 1988ع ۾ فلم ”بيوي هو تو ايسي“ سان ڪيو پر انهن کي پهرين ڪاميابي 1989ع ۾ رليز ٿيڻ واري فلم ”مين ني پيار ڪيا“ مان ملي، باليووڊ جي دبنگ خان پنهنجي فلمي ڪيرئير ۾ ڪافي لاها چاڙها ڏٺا ۽ هڪ وقت اهڙو به آيو جڏهن باليووڊ ۾ ان جي سڃاڻپ گهٽ ٿيڻ لڳي پر آگسٽ 2003ع ۾ رليز ٿيندڙ فلم ”تيري نام“ جي ڪاميابي سان واپس انڊسٽري ۾ قدم ڄمائيندڙ سلمان خان ان کان پو پوئتي مُڙي به نه ڏٺو ۽ هڪ کان هڪ بلاڪ بسٽر فلمن ۾ پنهنجي اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندو رهيو.

    [​IMG]

    باليووڊ اسٽار جي فلمن ”دبنگ“، ”وانٽڊ“ ، ”باڊي گارڊ“ ، ”پارٽنر“ ۽ ”ڪِڪّ“ پوري دنيا ۾ ڪاميابي جا جهنڊا کوڙيا جنهن ۾ سندس اداڪاري کي ڏسندڙن بيحد ساراهيو آهي.

    [​IMG]

    ڀارتي فلم انڊسٽري ۾ غير ملڪي اداڪارائن کي متعارف ڪرائڻ جو ڪريڊٽ به سلمان خان ڏي وڃي ٿو ۽ سندس متعارف ڪرايل اداڪارائن کي باليووڊ جي پهرين قطار ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو جنهن ۾ باليووڊ جي باربي ڊول ڪترينه ڪيف، جيڪولين فرنينڊس سميت ٻيون به شامل آهن.

    [​IMG]

    دبنگ خان کي ڀارتي فلم انڊسٽري جي سڀ کان مهانگي اداڪارن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو ۽ باليووڊ کي 100 ڪروڊ کان وڌيڪ ڪمائي ڏيندڙ فلمن جو رجحان به سلمان خان ئي ڏنو جڏهن ته سلمان خان هڪ فلم جو معاوضو 50 ڪروڊ ۽ ننڍي اسڪرين تي صرف هڪ شو جو معاوضو 5 ڪروڙ کان وڌيڪ وصول ڪري ٿو.

    [​IMG]

    سلو ڀائي جون هن وقت ٻه فلمون ”بجرنگي ڀائي جان“ ۽ ”پريم رتن ڌن پايو“ شوٽنگ جي آخري مرحلي ۾ آهن ۽ فلمي پنڊتن جي اندازي مطابق انهن فلمن تي 170 ڪروڙ روپيا دا تي لڳل آهن جڏهن ته باليووڊ جي باڊي گارڊ اشتهارن جي دنيا ۾ به بيتاج بادشاھ آهي ۽ هن وقت سپراسٽار گهٽ ۾ گهٽ 10 وڏين ڪمپنين جي اشتهارن ۾ جلوا به ڏيکاري رهيا آهن جن جي قيمت 200 ڪروڙ روپيا ٻڌائي پئي وڃي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو