اُٺَن مِيههَ گَهڻَان، ٿئَن مَوڪَ مَليرَ ۾ ؟ اکيُون آبَ ڀَرئَو، اُنهين کَوڻِ کَڻَان مَارُن شالَ مِڙان، ڪوٺيُون ڇَڏَي ڪڏهين سُرُ مَارُئي اُٺَن = وَسَن، وسيا هوندا مِيههَ = مينهَن، برساتون، وسڪارا مَوڪَ = وڏي مقدار ۾، جهجهو ۽ گهڻو پاڻي، آبادي، خوشحالي آبَ = پاڻي، ڳوڙها، لڙڪن لارون کَوڻ = طرف، پاسي، ڏانهُن مڙَان = ملان، گڏجان، رهاڻيون ڪيان ڪَوٺيُون = عمر جي محلن جون ڪوٺيون جنهن ۾ مارئي قيد ڪيل هئي. بيت جو پس منظر ~ هيلَ ٿر ۾ مينهَن گهڻا وسيا آهن ڇا؟ جهجهي پاڻيءَ ڪري خوشحالي ٿي هوندي؟ ~ هي ڳوڙهن سان ڀريل اکڙيون هميشه اوڏاهين تڪينديون رهن ٿيون. ~ آس اٿم ته شال ڪوٺين جي قيد مان آزادي ماڻيان ۽ مارن سان وڃي ملان. سمجهاڻي مارئي ملير مان آيل قاصد سان سور سليندي چئي ٿي : مون کي اهو ٻڌاءِ ته هيل ٿر تي وڏا وسڪارا ٿيا آهن ڇا؟ پوءِ ته گاهه، ڀاڄيون، ميوا ۽ اناج به وڏي تعداد ۾ ٿيا هوندا. هر پاسي ساوڪ هوندي، مارو آسودا ۽ خوشحال ٿيا هوندا. مان ته سدائين ماروئڙن جي سڪ ۾ هي لڙڪن هاڻان نيڻ کڻي نهاريندي رهندي آهيان. مون کي مارو ڏاڍو ياد ٿا اچن. هن آس تي پئي جيئان ته هي زنجير ٽٽندا، عمر جي قيد مان آزادي ماڻينديس. نيٺ هڪ ڏينهن ضرور مارن سان وڃي ملنديس. چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل ____