حضرت ميان غلام صديق ميڪڻ رح

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ فرهاد علي سومرو طرفان آندل موضوعَ ‏13 مئي 2015۔

  1. فرهاد علي سومرو

    فرهاد علي سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 سيپٽمبر 2012
    تحريرون:
    38
    ورتل پسنديدگيون:
    56
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    218
    ڌنڌو:
    (CSR at ZONG Franchise
    ماڳ:
    شهدادڪوت
    ميان غلام صديق ميڪڻ

    شخصيت ۽ علمي ڪارناما”

    سنڌ جي سرتاج ، حضرت شاهه عبدالطيف ڀٽائي رح جي بقول “ ڪنهن ڪنهن ماڻهو منجهه اچي بوءِ بهار جي.” ها ! شاهه سائين کي جن ماڻهن مان بهار جي بوءِ پئي آئي ، انهن جي دائري ۾ مولانا غلام صديق ميڪڻ عرف ميان غلام صديق جي شخصيت به شامل ڪري سگهجي ٿي.

    سندس شخصيت جي هڪ جهلڪ

    خوبصورت، خوب سيرت، خوش اخلاق، خوش گفتار، عالم، فاضل، مفتي، متقي، فقيه، صوفي، مدرس معلم، حافظ القرآن ، حاجي الحرمين سرخي مائل سفيد رنگ وارو، نوراني ۽ ڪشادي چهري وارو، قد جو پورو پر ڊگهائپ ڏي سريل، جسم جو ڀريل پر ٺهندڙ حد تائين، رعب دار ۽ گرجدار آواز وارو، پر سندس ڏند مبارڪ در آبدار وانگر سفيد ۽ درخشتان، ابرو پيوسته، لب شگفته، نڪ مبارڪ ڊگهو پر خوشنما، سندس ڏاڙهي پهريون ڪاري پوءِ ڪجهه سفيد، آخر ۾ ميندي جي ڪري ڳاڙهي، چاپئين ۽ گهاٽي، نگاهه بلند، سينو ڪشادو، ۽ باطني علوم سان ٽمٽار، متوڪل علي الله، “قال الله” ۽ ”قال الرسول صه” ۾ زندگي گذارڻ وارو، صاحب ڪشف وڪرامات، صاحب برڪات، صاحب علميات، هي آهي ميان غلام صديق شهدادڪوٽي جي شخصيت.

    ولادت

    جنهن جي ولادت 4 ربيع الاول 126 هه مطابق 24 مارچ 1844 ع تي آچر جي ڏينهن بلوچستان جي علائقي ناڙي جي ڳوٺ ڪنڊو ۾ ٿي. سندس والد مرحوم ۽ وڏن جو ڪجهه احوال گذريل صفحن ۾ اچي چڪو آهي، تنهن ڪري ان کي ٻيهر نه ٿو دهرائجي، ان موقعي تي رڳو ايترو لکجي ٿو ميان غلام صديق جي والد مرحوم ميان نور محمد ميڪن جو مامو سندس استاد ميان عبدالحليم ڪنڊو مرحوم، روهڙي جي ڀرسان هڪ ٽڪري تي دفن ٿيل آهي

    تعليم

    مولانا ميان غلام صديق جي عمر چار سال چار مهينا ٿي ته کيس مدرسي ۾ پڙهڻ لاءِ داخل ڪيو ويو، قرآن مجيد، ناظره ۽ حفظ ۽ فارسي نصاب جا سمورا ڪتاب کيس والد صاحب پڙهايا، ميان صاحب جڏهن حفظ ۽ فارسي نصاب پڙهي فارغ ٿيو، تڏهن سندس ڄمار اڃا نو سال مس هئي، ان کان پوءِ سمورا ديني نصابي ڪتاب پنهنجي وڏي ڀاءَ مولانا گل محمد ميڪڻ وٽ پڙهيو، جڏهن ديني درسي نصاب کان فارغ ٿيو، تڏهن سندس عمر تيرهن سال هئي دراصل مولانا مرحوم جو حافضو نهايت تيز هو کيس جيڪو به سبق ملندو هو. اهو فورا ياد ٿي ويندو هو سندس ذهانت جو اندازو هن واقعي مان لڳائي سگھجي ٿو ، جيڪو باوثوق ذريعن کان معلوم ٿيو آهي جڏهن مولانا نور محمد ميڪڻ، عربستان کان “ردالمختار حاشيه درالمختار” نئون آندو تڏهن ميان غلام صديق، هڪ هفتي اندر ڪتاب جا ستئي جلد پڙهي پورا ڪيا، جنهن مان اڪثر مسئلا کيس ياد ٿي ويا هئا، جڏهن به انهي ڪتاب جي ڪنهن به مسئلي بابت بحث ڪيو ويندو هو تڏهن ميان صاحب فورا انهي جلد ۽ صفحي وغيره جو حوالو ڏيندو هو، کيس حاضر جوابي ۾ به لاجواب مقام حاصل هو.

    بيعت

    ميان غلام صديق رحه ظاهري علوم حاصل ڪرڻ کان پوءِ باطني علوم ڏانهن رخ ڪيو، جنهن لاءِ مولانا غلام حيدر ڪٽباري رحه (بلوچستان) وٽ دست بيعت ٿيو، جتان کيس چوڏهن سالن جي عمر ۾ خلافت ملي، سندس طريقت جو سلسلو قادري هو.

    رهڻي ڪهڻي لباس وغيره

    ميان غلام صديق صاحب، حليم طبع جو مالڪ هو، سندس طبيعت ۽ مزاج ۾ سادگي جو عنصر غالب هو، هو نهايت خوش طبع ۽ شيرين زبان هو، ڪچهرين جو ڪوڏيو ۽ مجلسن جو گهوٽ هو، ليڪن ڪا به گفتگو شريعت جي حد کان ٻاهر نڪري نه ڪندو هو، اڪثر ڪچهرين ۾ قرآن، حديث، فقه ۽ تصوف جا نڪتا بيان ڪندو هو، اڪثر ڪري هٿ ۾ لٺ کڻندو هو، سندس لباس سادو پر صاف هوندو هو، اڪثر ٿلها ڪپڙا پهريندو ۽ اجرڪ جي جهنڊ به ڪندو هو، سندس ڪپڙا اڪثر ڪري سفيد رنگ جا هوندا هئا، سندس پٽڪو ڪنهن حد تائين وڏو پائيندو هو، جيڪو ستن والن تائين هوندو هو پٽڪي کان علاوه سفيد ٽوپي به پائيندو هو، سندس پيرهن جبي وانگر ڊگھو هو ۽ ان سان گڏ شلوار استعمال ڪندو هو، سندس پوشاڪ، بسترو ۽ کٽ سندس خاندان جي پوئنرن وٽ هن وقت به موجود ۽ محفوظ آهي.

    تقويٰ

    سندس تقويٰ جو اهو حال هو جو ظاهري طور حرام شين کان ته سخت پرهيز ڪندو هو پر شبهي وارين شين جي استعمال کان گريز ڪندو هو، عام کليل کوهه، يا شبهي وارين مٽين جو پاڻي به استعمال نه ڪندو هو، دلا ڀرائي احتياط سان محفوظ رکرائي ڇڏيندو هو، سندس کاڌي پچائڻ لاءِ هڪ نمازي عورت مقرر ٿيل هئي جيڪا وضو ڪري سندس کاڌو تيار ڪندي هئي، جڏهن سفر لاءِ گهر کان نڪرندو هو ته روٽ پچرائي ساڻ کڻندو هو، هوٽلن جو کاڌو نه کائيندو هو، جيڪڏهن ڪٿي ڪنهن دعوت ۾ شريڪ ٿيندو هو ۽ اتي سندس کاڌي تيار ڪرڻ لاءِ جيڪڏهن ڪائي نمازق عورت نه ملندي هئي ته پوءِ هن لاءِ کاڌو ساڻس گڏ همسفر خليفو تيار ڪندو هو، جوهر جي ٽڪين تان انگريزي جا اکر مثائي پوءِ انهن کي استعمال ڪندو هو، (انگريزي اکر بذات خود حرام ڪونهي پر ميان صاحب کي انگريزي کان ايتري ته نفرت هئي جو انهن سان لاڳياپل انگريزي اکرن کي مٽائڻ ضروري سمجهندو هو) ، غير محرم عورتن کي پردو ڪرائي پوءِ نصيحت ڪندو هو بيت الخلا وڃڻ لاءِ جتي ۽ پوتڙو عليحده پائيندو هو ، ۽ مسجد شريف وڃڻ لاءِ عليحده جتي شلوار استعمال ڪندو هو.

    پنهنجي نڪاح وقت اعلان ڪيائين ته “ منهنجو نڪاع اهو عالم پڙهي ، جنه زندگي ڀر تهجد جي نماز پنهنجي ياداشت جي حد اندر نه گسائي هجي” هي ڏاڍو ڏکيو مرحلو هو، پر نيڪ بندن جي صحبت مان نيڪ بندا ئي تيار ٿيندا آهن، انهي اعلان کان پوءِ سندس ئي شاگرد نوجوان عالم مولانا حسن الله پاٽائي، نڪري نروار ٿيو، جنهن سندس نڪاع پڙهيو.

    ڪرامتون

    مولانا مرحوم جون ڪافي ڪرامتون مشهور ۽ معروف آهن ڇاڪاڻ ته هو نه رڳو عالم دين هو، پر ڪشف وڪرامات جو صاحب به هو، سندس هڪ ڪرامت هن ريت بيان ڪئي وئي آهي .

    وڏيرو احمد خان ابڙو ٻڌائيندو هو ته “ منهنجي ناني حضرت ميان غلام صديق جي دعوت ڪئي، ناڙي جي علائقي ۾ رستي تي آدم خور رهندو هو، بزرگ شهدادڪوٽي، بيل گاڏي تي چادر مبارڪ ويڙهي مراقبي جي حالت ويٺو هو بيل گاڏي وارو پري کان آدم خور کي ڏسي دل جهلي نه سگهيو، ميان صاحب کي ڇڏي وڃي ٻيو رستو ورتائين ۽ وڃي منهنجي ناني سان ڳالهه ڪيائين، منهنجو نانو مانهن کي ساڻ ڪري اڳتي وڌيو ، ڏسي ته گاڏي اچي ٿي، آدم خور گاڏي جي ڳن تي ويڍو گاڏي ڏاند هڪلي رهيو آهي، اتي موجود سمورا ماڻهو عبرت ۾ پئجي ويا، ۽ بزرگ کان پڇڻ لڳا ته “هي ڇا ماجرا آهي؟” بزرگ فرمايو “ هي به ته انسان جي اولاد آهي ، جڏهن آيو ته مون هن ڏانهن توجه ڪيو، تنهنڪري کيس وقت طاري ٿي. هاڻي هي توبه تائب ٿيو آهي، آئينده ڪنهن به انسان کي تڪليف نه ڏيندو،”

    شايد علامه اقبال اهڙي موقعي بابت فرمايو آهي ته

    “نگاہ مرد مومن سے بدل جاتی ہین تقدیرین”

    سندس ازدوا جي زندگي ۽ اولاد

    ميان صاحب ٻه شاديون ڪيو هيون، پهرئين پنهنجي مامي مولانا عطا محمد جي نياڻي سان ۽ ٻي ماهوٽا ڳوٺ مان ڀٽا قوم جي هڪ عورت سان پهرئين گهر واري سندس زندگي ۾ ئي وفات ڪري وئي هئي، باقي ٻئي گهر واري سندس وفات وقت زنده هئي .

    ميان صاحب کي پهرئين گهر واريءِ مان ٽي پٽ ۽ هڪ نياڻي پيدا ٿي ۽ ٻي گهر واريءِ مان کيس پٽ هڪ نياڻي پيدا ٿي. ان جي ڪري هڪ پٽ جونالو عبدالوهاب هو ۽ ٻئي پٽ جو نالو غلام دستگير هو. باقي سندس ٻين پٽن ۽ نياڻين جا نالا معلوم نه ٿي سگھيا آهن هيء به هڪ عجيب اتفاق چئجي يا عجيب امتحان چئجي جو ميان صاحب جو سمورو اولاد، سندس حياتي ۾ ئي انتقال ڪري ويو هو.

    سندس هم عنصر

    ميان صاحب جي هم عنصر دوستن ۾ مولانا مفتي عبدالغفور همايوني مولانا محمد هاشم ڳڙهي ياسين وارو۽ مولانا سيد تاج محمود امروٽي وغيره شامل هئا.

    سندس وفات

    هي علم ۽ عمل جو روشن ڏيئو اهل شهدادڪوٽ کي هدايت جي نور سان منور ڪري 23 ربيع الاول 1323 هه مطابق 28 مئي 1905 ع تي آچر جي ڏينهن ٽيهٽ سالن جي عمر ۾ وفات ڪري ويو سندس قبر مبارڪ ديگاهه شريف صديقيه شهدادڪوٽ ۾ آهي.

    ميان صاحب جون علمي خدمتون

    ميان غلام صديق صاحب بنيادي طور عالم دين ۽ مدرس هو، ميان صاحب جي والد صاحب شهدادڪوٽ ۾ جنهن مدرس نور محمديه جو بنياد رکيو انهي مدرسي م اڳتي هلي ميان غلام صديق رح ، لاجواب مدرس ثابت ٿيو. انهي مدرسي ۾ اٽڪل ٽي سو طلبه زير تعليم هوندا هئا جن کي ڇهه استاد پڙهائيندا هئا ، مدرسي جو سمورو خرچ سرائي پير بخش خان کهاوڙ ڀريندو هو جنهن زمين جا ڇهه سوء جريب مدرسي جي اخرجات لاءِ وقف ڪري ڇڏيا هئا.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبد الله فهيمي

    عبد الله فهيمي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    363
    ورتل پسنديدگيون:
    931
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    253
    ڌنڌو:
    سنڌي علماء جي ڪتابن کي جمع ڪرڻ
    ماڳ:
    ڳوٺ حاجي بگن خان ابڙو تعلقه ۽ ضلع لاڙڪاڻه
    تمام سٺي معلومات آهي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو