جُه سَي لَوڙائُو ٿِئَا، جَنين سَندي ڌيرَ مارُوئَڙا فقيرَ، ڪنهن دَر ڏيندَا دانهَڙي؟ سُرُ مَارُئي جُه = جڏهن، جيڪي، جَي لَوڙائُو = ڦورو، ڌاڙيل، چور، رهزن، لٽيرا ٿِئَا = ٿيا ڌيرَ = آڌار، ڏڍ، سهارو، ٻَلُ، آسرو، ڀروسو دَر = در تي وڃي ڏيندَا = ڏيندا دانهڙي = فرياد بيت جو پس منظر ~ جن جي سهاري مارو رهيا پيا آهن، سي ئي جڏهن ايذائيندڙ ٿين. ~ ته پوءِ ويچارا مسڪين مارو، ڪنهن جي در دانهن کڻي ويندا؟ سمجهاڻي مارئي جرئت ۽ بهادريءَ سان عمر بادشاهه کي للڪاريندي چئي ٿي : اوهان ملڪ جا حاڪم آهيو، جنهن جي اجهي هيٺ ويچارا مارو ٿر ۾ رهن ٿا. سو اوهين پاڻ ئي جيڪڏهن ڦورو ٿي بيهو ۽ رعيت جي ننگن ۾ هٿ وجهو، ته پوءِ هي مسڪين مارو آخر ڪنهن جي در دانهين ٿيندا؟ ٽي سؤ سال اڳ سنڌ جي معاشي، اقتصادي ۽ امن امان جي صورتحال تي لکيل ڀٽائيءَ جو هي بيت سنڌ جي هاڻوڪين حالتن سان پڻ ٺهڪي اچي ٿو. وقت جي حڪمرانن جو فرض آهي ته هو قوم جي ننگن ۽ دنگن ۽ مال ملڪيت جي حفاظت ڪن. پر بدقسمتيءَ سان سنڌ جا اڳيان ۽ هاڻوڪا حاڪم ۽ سندن ڇاڙتا، خود ڦورو، لٽيرا، ظالم، ڌاڙيل، چور ۽ سنڌ وطن جا غدار آهن. گذر سفر جي وسيلن جي ڦرلٽ ۾ هي پاڻ شامل آهن. چوريون، اغوائون، قتل ۽ نياڻين جي آبروريزي روز جو معمول بڻيل آهي. سو اچو ته هن ڏاڍ ۽ جبر جي خلاف ڪنهن ٻئي ڏانهن دانهين ٿيڻ جي بجاءِ پاڻ ئي پنهنجي دردن جا درمان ٿيون. چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل ____