پَهي سُکَ ! پَيرَن کيهَ، ڪَو نِيهَ نياپَو مَارُئَين؟ اُت اُڪَنڍي آهيان، تَنهن آتڻَ تَنهن ڏَيهَ سَندي جا ساڙيهَ، کهَ کَٿُوري ڀائيَان سُرُ مَارئي پَهي = اي قاصد سُکَ = شال هميشه سکيو هجين پَيرَن کيهَ = شال پيرن تي مٽي چڙهيل هجئي - پيرن تي مٽيءَ جي معني' سگهارو، متارو هجين، هيءَ هڪ آسيس ۽ ڄڻ دعا آهي. هي به مارن سان پيار جو هڪ اظهار آهي. کيهَ = مٽي، دز، ڌوڙ، خاڪ نيهَ = نينهن اُت = نهايت، گهڻو، بلڪل اُڪَنڍي = سڪايل آتڻَ = چرخي ڪتڻ جي جاءِ ڏَيهَ = وطن، ملڪ سَاڙَيهَ = ساڻيهُه، ملڪ، وطن، ديس کهَ = مٽي کَٿُوري = خوشبو، مهڪ بيت جو پس منظر ~ اي قاصد ! شال سکيو هجين، پيرن تي مٽي چڙهيل هجئي، ڪو مارن جو نياپو کڻي آيو آهين ڇا؟ ~ مان ته ساڻيهه ۽ ان آتڻ لاءِ پئي سڪان جتي سرتين ساڻ سُٽُ ڪتينديون هيون سين. ~ مان پنهنجي وطن جي مٽيءَ کي خوشبو ڪري سمجهان ٿي. سمجهاڻي ملير مان ڪو ماڻهون آيو آهي، مارئي خوشيءَ ۾ نٿي ماپي. کانئس حال احوال پئي وٺي : اي منهنجي ملڪ ملير جا ماڻهون، شال سدائين سکيو ستابو ۽ شاد آباد هجين. تنهنجي پيرن تي سدائين ملير جي مٽي چڙهيل هجي، ڀلا مارن جو ڪو نياپو سنيهو يا ڪي سلام کڻي آيو آهين ڇا؟ مون کي پنهنجي مارن جي ڏاڍي سڪ ۽ اُڪير لڳي آهي. رات ڏينهن پئي وطن ۽ سرتين کي ساريان. جن سهيلين سان آتڻ تي گڏجي سُٽُ ڪتيندي هيس سي ڏاڍو ياد ٿيون اچن. مان پنهنجي ملڪ ملير جي خاڪ کي مشڪ، عنبر ۽ عطرن کان وڌيڪ خوشبودار ٿي سمجهان. چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل ____