سنڌي ڀائرن سان شڪايت!!

'صلاح، مشورا ۽ شڪايتون' فورم ۾ داني شاه طرفان آندل موضوعَ ‏14 مئي 2015۔

  1. داني شاه

    داني شاه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2015
    تحريرون:
    85
    ورتل پسنديدگيون:
    103
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    اسلام عليڪم ياعلي مدد حق موجود!
    دوستو! آئون بي روزگار جي سبب پريشان آهيان، ان لاءِ مون اوهان کي عرض پهرين به ڪري چڪو آهيان، ۽ پڻ وري به ڪريان ٿو، ان مسئلي بابت منهنجي مدد ڪريو! اوهان جو ٿورائتو رهندس! وسلام
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    وعليڪم السلام ورحمت الله وبرڪاته ، مولا علي مدد ، سدا موجود ،
    جنين ڏاند نه ٻج تنين به تنهنجو آسرو ، اول ڏئين انهن کي پوءِ اڀارين سج
    الله جيئن نالو تيئن مون وڏو آسرو
    ادا ڌڻيءَ ۾ ڀروسو رکو ان شاءُ الله ڪو نه ڪو طريقو نڪري ايندو ، بي روزگاري واقعي تمام وڏي پريشاني جو باعث آهي ، بس الله پاڪ کان بهتري جي دعا ڪندا رهو هر نماز کانپوءِ ، والله خير الرازقين ، ۽ وترزق من تشاءُ بغير حساب ڪثرت سان پڙهندا رهو اول آخر درود شريف ، مولا ڀلائي ڪندو
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سهڻي سنڌ

    سهڻي سنڌ
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏11 مئي 2015
    تحريرون:
    41
    ورتل پسنديدگيون:
    74
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    68
    ڌنڌو:
    پوري سنڌ جا مانائتا ڌنڌا منهنجا ئي آهن
    ماڳ:
    سنڌ جي هر وستي ۽ واهن منهنجو ماڳ آهي
    ادا دني شاھ بيروزگاري منهنجي رهواسين جو وڏو مسئلو آهي جنهن ديس جي باصلاحيت ماڻهن جا حوصلا خراب ڪيا آهن پر هڪ صلاح ڏيان ته پالڻهار کان سواءِ ڪنهن جي به نوڪري ڪرڻ جو نه سوچ پنهنجي محدود وسيلن تي ڀاڙي خدا تي ڀروسو ڪندي ڪو ننڍو ڌنڌو ئي شروع ڪر ته ٻيڙا ئي پار اٿئي. باقي الله سڻائي ڪندو ڪنهن جو آسرو ڪرڻ بجاءِ پاڻ جدوجهد ۽ محنت شروع ڪر
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    ادا روزگار جي سلسلي م مٿين دوستن جا مشورا به آهن ان سان گڏ سنڌ سلامت تي اخبارن ۾ ايندڙ نوڪريون به شيئر ڪيون وينديون آهن.
    ان کان علاوه اوهان کي پنهنجي عمر، تعليم، هنر وغيره به ٻڌائڻ گهرجي.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو