جَي گهر گهاريَم ڏينهڙا، هَيڪانديَ حُضُور سَيئي سِڪان، ساريان، پَچان پائُرَ پُور هَميرَاڻَا هَٿڙا، ڪِينَ مَڃينديَس مُور سَنجَهي سَت گُذاريان، اَچين شَالَ اَسُور دَرَا ٿيان مَ دُور، مَارُوءَ ڄامَ مَليرَ جَي سُرُ مَارُئي هَيڪانديَ = ويجَهي، ساڻ، گڏ حُضُور = محبوب جي حاضريءَ ۾، خدمت ڪندي پَچَان = سڙان، جليو وڃان پائُرَ = ٿر پُور = خيال، يادگيريون هميرَاڻا = اميراڻا، شاهاڻا سَنجَهي = شام، سومهڻي، رات سَت گُذاريان = سَتَ سيل جي حفاظت ڪندي گذاريان اَسُور = اسر ويل، پرهه ڦٽيءَ کان اڳ دَرَا = دران، در تان، در کان، قدمن کان مََ = نه مَارُوءَ ڄامَ = کيت کان - مارئيءَ جي مڱيندي ۽ محبوب جو نالو کيت هيو. هوءَ ڄام کيس پيار مان چئي ٿي، ڇوته محبوب سر جا سائين هوندا آهن. بيت جو پس منظر ~ گهر ۾ جيڪي ڏينهن مون محبوب جي خدمت ڪندي گذاريا. ~ انهن ئي خيالن کي ياد ڪيو پئي سڙان، سڪان ۽ ساريان. ~ سڄي رات عزت جي حفاظت ڪندي گذاريان ۽ پرهه ڦٽي ته تون اچين. ~ شال پنهنجي ملير واري محبوب جي در کان ڪڏهن دور نه ٿيان. سمجهاڻي مارئيءَ جي عمر جي ڪوٽ ۾ ننڊ ڦٽل آهي. محبوب کي ياد ڪندي چئي ٿي : گهر ۾ گهاريل اُهي حسين پلَ، لمحا، راتيون ۽ ڏينهن جيڪي پنهنجي محبوب جي قدمن ۾ رهاڻيون ڪندي گهاريم. سي ڀلا آئون ڪيئن ٿي وساري سگهان. ٿر ملڪ جو خيال ايندي ئي ڄڻ اندر ۾ باهه لڳي ٿي وڃي. سڪ ۽ اُڪير مان هر پل پئي محبوب کي ساريان. هي سر ساهه محبوب جي ئي امانت آهي. ڪو بادشاهه ئي کڻي ڇونه هجي، سندس حوالي ٿيڻ جو ڪڏهن سوچي به نٿي سگهان. سڄي رات ان اميد تي پنهنجي عزت، آبرُوءَ جي حفاظت ڪندي گذرندي اٿم ته پِرهه ڦُٽيءَ ويل محبوب ايندو ۽ مون کي هن قيد مان آجو ڪندو. شال اُهو ڏينهن ڪڏهن نه ٿئي جڏهن پنهنجي محبوب جي در، گهر ۽ قدمن کان دور ٿيان. چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل ____