اکڙيون مليرَ ڏي، جَنين رَاتو ڏِينهن هاڻي ڪندين ڪِيئن، عُمرَ ! آسائُن سِين؟ سر مارئي جَنين = جنهن جون رَاتو ڏينهن = رات توڙي ڏينهن آسَائُن = آسائتيُن، آسرونديُن، اميد وارين بيت جو پس منظر ~ جنهن جون اکيون رات ڏينهن ملير ڏانهن نهارينديون رهن ٿيون. ~ سو انهن آسائتين کي تون ڇا ڪري سگهندين؟ سمجهاڻي مارئي عمر کي للڪاريندي چئي ٿي ته :مون کي خبر آهي تون بادشاهه آهين. تنهنجا بنگلا، محلاتون، راڻيون، عمده طعام، قيمتي پٽ، ريشم ۽ بخمل جا ويس وڳا ۽ شاهاڻا طور طريقا آهن، تنهن هوندي به منهنجو من، دل ۽ اکڙيون پنهنجي وطن ملير، مارن ۽ محبوب ڏانهن تڪينديونرهن ٿيون. او عمر ! تون ڇا به ڪري آئون تنهنجي ڪڏهن به ڪونه ٿينديس. مون کي پڪ ۽ يقين آهي ته ضرور هڪ ڏينهن ملير وينديس. چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل ____