جِت ڀُنگا، ڀِٽُون، ڀَيڻيُون، ته کِوڻ ٿي کواءِ سَا وِڄُ پَسئو وِندُران، مُون رُندَي رَات وهاءِ سَيلَيتيُن سُهاءِ، مَارُو جو مَليرَ جو سُرُ مَارُئي ڀُنگا = ڀونگيون، جهوپڙيون، جُهڳيُون ڀٽُون = واريءَ جا دڙا ڀَيڻيُون = هنڌَ، ماڳَ، جڳهون ته = تنهن کَوڻ = پاسي، طرف کوَاءِ = کنوَي، چمڪاٽ ڪري وندُران = ٺران، خوشي محسوس ڪيان، راحت، فرحت پئي اچيم، سَرهائي محسوس ڪيان رُندَي = روئندي وهَاءِ = وهامي، گذري سَيلَيتيُن = سيلَ وارين، سَتيُن سُهَاءِ = سُونهَين، ٺَهَي مَارُو = مالوندا، لاڏائُو ماڻهون بيت جو پس منظر ~ جتي جهوپڙيون، واريءَ جا دڙا ۽ مارن جا وٿاڻ آهن، ان پاسي کنوڻ پئي کنوي. ~ اها وڄ ڏسيو پئي خوشي ٿئيم، نه ته هونئن راتيون روئندي گهاريندي آهيان. ~ ملير جا ماڻهون سَتيُن وچ ۾ ڏاڍو ٺهن ٿا. سمجهاڻي ملير جي مٿان کنوڻيون ڏسي مارئي خوش پئي ٿئي، ۽ چئي ٿي : جنهن پاسي منهنجي ماروئڙن جا جهوپا، جهڳيون، واريءَ جا دڙا ۽ اباڻن جا ڪکاوان گهر آهن. اُتي کنوڻين جا چمڪاٽ، تجلا ۽ بادلن جون گجگوڙون پيون ٻڌڻ ۾ اچن. سو اجهو ٿا مينهن وسن، پوءِ ته ماروئڙا سکيا ستابا ٿيندا. سو تڏهن خوشيءَ ۾ نٿي ماپان. هونئن نه ته اباڻن لاءِ هنجون هاريندي، لڙڪ لاڙيندي راتيون وهامنديون اٿم. منهنجي ملڪ ملير جا ماڻهون بيحد سهڻا ۽ خوبصورت آهن. هو پنهنجي عزت ۽ آبرُوءَ جي هميشه حفاظت ڪندڙ ماروئڙين وچ ۾ ڪيڏوسُونهَن ٿا. چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل ____