پَانڌي ! پِريَ پَنهُوارَ سين، روئي ڪَج رِهاڻ جِنءَ ٿر وِڄُون اُٺيُون، تِنءَ آن سُورَن سَاڻ ڪجَاهُ ڪا وَرَاڻ، ڏُکَن ڏيلُ ڏَهيُون ڪئَو سُرُ مَارُئي پَانڌي = اي قاصد پريَ = پرينءَ، محبوبَ ڪَج = ڪجو، ڪجان وڄُون = کنوڻيُون اُٺيُون = چمڪاٽ، تجلا ڪيائون آن = آئون، مان ڪجَاهُ = ڪجو وَرَاڻ = مَوٽَ ڏيلُ = جسم، بدن، سَريرُ ڏَهيُون = پرزا پرزا، ذرا ذرا، ڇيهون ڇيهون - ڪپڙي جو ٿَانُ تيار ٿيڻ کان پوءِ باقي بچيل ٽڪرا، جيڪي ڪپي ڦٽا ڪبا آهن انهن کي ڏهيون چئبو آهي. بيت جو پس منطر ~ اي قاصد ! منهنجي محبوب کي روئي وڃي هي ڳالهيون ڪجان. ~ جيئن ئي ٿر تي وڄن جا چمڪات ٿين ٿا، منهنجا سور سوايا ٿي وڃن ٿا. ~ ڪا جلدي موٽَ ڪجو، هتي ڏکن مون سان هاڃا ڪيا آهن. سمجهاڻي مارئي نياپي کڻي ويندڙ کي پنهنجي حال کان آگاهي ڏيندي چئي ٿي ته : مون پنهنجي دل جون ڳالهيون، عذاب، اذيتون، ڪيسَ قهر ۽ پاڻ تي ٿيندڙ ظلم بيان ڪيا اٿم، سي سڀ روئي وڃي منهنجي محبوب کي ٻڌائجان. هي به چئجانس ته جڏهن ٿر تي وڄ وراڪا ۽ تجلا ٿيندي ٿي ڏسان. بادلن جون گجگوڙون ڪن تي پون ٿيون، منهنجا ستل سور جاڳي پون ٿا. وڌيڪ چئجانس ته ٻيلي منهنجي ڪا وٽ وراڻ ڪيو، واهُرَ ڪيو، مالڪي ڪيو. هتي مون ننڌڻڪيءَ جا ڏک برداشت ڪندي بدن ڇيهون ڇيهون ۽ پرزا پرزا ٿي ويو آهي. چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل ____