سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (99) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ”منفرد“ نئين ٽهي جي مقبول شاعر مسرور پيرزادي جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. هي ڪتاب 2014ع ۾ امبر پبليڪيشن پاران ڇپايو ويو آهي. ڪتاب جي ڪمپوزنگ اظهار پيرزادو ۽ عمران سھتو ڪئي آهي جڏهن ته لي آئوٽ گلبانو مرزا، ٽائيٽل فوٽو گرافي عبدالحسين ميراڻي ۽ ٽائيٽل آغا جان جي محنتن جو ثمر آهي.
اسان ٿورائتا آهيون شاعر، ليکڪ ۽ پياري دوست مسرور پيرزادي صاحب جا جنهن ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.