محمد دائود ”تاج“ ٽکڙائي

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏22 مئي 2015۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    محمد دائود ”تاج“ ٽکڙائي

    تحرير : اعظم ڀٽي

    محمد دائود ”تاج“ ٽکڙائي 10 سيپٽمبر 1938ع تي ٽنڊو محمد خان لڳ ڳوٺ وسي ملوڪ شاهه (ٽکڙ) ۾ جنم ورتو . هي حافظ حاجي حامد ٽکڙائي جو پڙ پوٽو ، قاضي محمد دائود” موء من“ ۽ محمد هاشم ”مُخلص“ جو پوٽو ، محمد خان غني مرحوم جو فرزند آهي . 1956ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪري ڪجهه وقت ذاتي ڪاروبار بعد 1957ع ۾ تلڪ چاڙهي حيدرآباد تي سنڌي ادبي بورڊ جي بُڪ اسٽال تي ڪم ڪيائين، ان ئي سال سٽي ڪورٽ ڪراچي ۾ ڪلارڪ طور ڀرتي ٿيو ۽ 3 سال نوڪري ڪرڻ بعد استعيفا ڏنائين . 1961ع ۾ ” اديب سنڌي “ جو امتحان پاس ڪيائين . 1975ع ۾ بي اي جو امتحان پاس ڪيائين. شاعري واري خانداني ورثي سبب شاعري جا جوهر ٻالڪپڻ کان ئي سندس ذهن ۾ پيوست ٿيل هئا. جنهن جوهر کي ساهه جيان سانڍيندي 1952ع ۾ 14 سالن جي عمر ۾ شعر لکڻ شروع ڪيائين . شروعات ۾ ”دائود “ جو تخلص ڪتب آندائين ، جنهن بعد سندس والد جي خواهش تي ” تاج “ تخلص طور ڪتب آندائين ، جيڪو تخلص اڄ ڏينهن تائين قائم اٿس . 1952ع ۾ ئي تعليم جي حصول لاءِ ڪراچي شهر جي سونهن پسڻ ويو ، جتي تعليم پرائڻ بعد نوڪري جي جهنجهٽ سبب ڪجهه عرصو اتي سڪونت اختيار ڪيائين ، جنهن عرصي دوران اتي ادبي سرگرمين ۾ بطور هڪ شاعر ڀرپور حصو ورتائين، جتي برک شاعر علي محمد اسير جي استادي نصيب ٿيس ، مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ ، مرحوم الهه بخش سرشار عقيلي ، محمد جمن هالو مرحوم ۽ ٻين بلند پايه شاعرن جي صحبت پلئه پيس ، ان ماحول ۾ پنهنجي شاعري کي به فروغ ڏياريائين . 1962-1963ع تائين شاعري جي رونق افزا محفلن ۾ ڀرپور شرڪت ڪيائين ، 1970ع تائين واري سندس شاعري جي ذخيري مان شاعري جو ڳچ حصو گمشدگي جي ور چڙهي ويو، جنهن جو کيس اڄ ڏينهن تائين شديد افسوس آهي. تاج ٽکڙائي ذاتي زندگي ۾ بي انتها ڏک ، ٻهروپ ، بيوفايون ۽ ظلم برداشت ڪيا آهن ، سندس والد جي ٻي شادي سبب غربت ۽ گهر جي بار، دربدريءَ واري ماحول ۾ تعليم ۽ نوڪري ، شادي بعد اولاد جي مليل ملڪيت ۾ وڏي پُٽ جو نيم پاڳلپڻو ۽ ٻئي فرزند جو جواني ۾ موت سندس روح تي ضرب مثل ثابت ٿيا. ان جي باوجود به هن جي چهري مان ڪڏهن به مايوسي ظاهر نه ٿي ، هن مٺائي جو دوڪان به کوليو ، چانهه جي هوٽل هلائي ڪوئلي سان هٿ ڪارا ڪيا، ويڊيو ڪيسيٽن جو ڪاروبار ڪيو، ته وري ٻارن جون شيون وڪڻي به پنهنجو وقت پاس ڪيو . ٽنڊو محمد خان جي ٽالپر ڪالوني ۾ ”محمد هاشم مخلص “ لائبريري قائم ڪري علم ڦهلائڻ جي تبليغ ڪري رهيو آهي. جتي حافظ حامد جي ياد ۾ هال پڻ جوڙايو اٿس جنهن ۾ ادبي ڪانفرنسون ، مشاعرا، ادبي شامون ۽ ٻيا ادبي پروگرام منعقد ڪرائيندو رهي ٿو. سنڌي ادبي سنگت ، عوامي ادبي فورم جو روح روان هئڻ سان گڏگڏ محمد خان غني ادبي تنظيم جو سرپرست اعليٰ پڻ آهي. جنهن پليٽ فارم تان ادبي سرگرمين کي فروغ ڏيندو رهي ٿو. جيئن شاعري تاج ٽکڙائي کي ورثي ۾ ملي، تيئن شاعري جي صنفن ۾ وري غزل کيس وجودي پاڇي جيان تحفي ۾ مليو ، ڇاڪاڻ ته غزل واري موزون سنڌي شاعري ۾ سندس شاعراڻو خاندان بانيڪار واري حيٿيت رکي ٿو . تنهنڪري هن به وڌ ۾ وڌ غزل جي صنف تي طبع آزمائي ڪئي آهي، ان سان گڏوگڏ وائي ، نظم ، ڪافي ، نعتون، مرثيه، رُباعي ، گيت، ترائيل ، قطعا، دوها ، بيت ، چوءسٽا ، سانيٽ ، حمد، مولود ۽ نعتون به سندس قلم جي نوڪ مان احساسن جي عڪاسي طور گهڻي تعداد ۾ ظاهر ٿيل آهن .تاج جي شاعري ۾ سندس گهڻو ڪلام سادي ۽ سليس سنڌي ۾ بيان ٿيل آهي ، جنهن ۾ سندس اباڻي روايت مطابق رواني ، سلاست ، تجنيس حرفي ، محاورن ، تشبيهن ۽ استعارن جي خوبصورتي سمايل آهي . فلبديهه شاعري تي به وڏو عبور حاصل اٿس . گفتگو ۾ به شاعرانا انداز رکندڙ آهي. ساندس شاعري ۾ ذوق جماليات ۽ حُب الوطني چوڏهين جي چنڊ جيان چمڪندي رهي ٿي. تاج ٽکڙائي لڳ ڀڳ 60 سالن جي شاعري واري زندگي ۾ ڪيترائي شاگرد پيدا ڪيا ، جن مان انعام ٽکڙائي ۽ گل ٽکڙائي سنڌي شاعري ۾ پنهنجو هڪ بهترين مقام جوڙيو اٿس . انهن کان علاوه اصلاحي رهنمائي حاصل ڪندڙن ۾ جمن ”جام“ ٽکڙائي ، آڪاش ٽکڙائي ، مرحوم عزيز ٽکڙائي ، عنايت علي شاهه ”عنايت“ ، ”جان نثار “ ٽکڙائي، ثاقب ٽکڙائي ، شائق ٽکڙائي ، سرواڻ ٽکڙائي ، الفت سمون ، همدم سمون، سومار سنگم ، سومار ملهار، نياز ٽکڙائي ، فيض ٽکڙائي ۽ ٻيا شامل آهن ، سندس سمورا شاگرد کيس پنهنجي والد جي حيثيت ڏين ٿا، اهو ئي سبب آهي جو کيس استادالشعراءِ ڪوٺيو ويندو آهي. تاج هر دلعزيز ، صاف گُو ، دوستن جو دوست ۽ همدرد آهي ، سندس وڏي خوبي اها آهي جو لڳ ڀڳ مُني صدي جي عمر واري هن حصي ۾ به پنهجي هڙان وڙان خرچ ڪري ادبي ميلا مچائيندو رهي ٿو . جنهن دوران دعوتون ڏيڻ کان وٺي، پنهنجي هٿن سان کاڌو ٺاهڻ ۽ کاڌو کارائڻ تائين خوشي مان اُڀي پيرين نچندو رهي ٿو . ادبي پروگرامن لاءِ ڪرسين کان وٺي ايمرجنسي لائيٽن ، هنڌ بسترن، ٿانون تائين هر شيءِ ذاتي طور وٺي اديبن ۽ شاعرن لاءِ مخصوص ڪري ڇڏي اٿس. تاج ٽکڙائي عمر جي هن حصي ۾ به جنهن رفتار سان سنڌي ٻولي ۽ سنڌي شاعري جي جيڪا خدمت ڪري رهيو آهي ، ان حوالي سان هو پنهنجي ذات ۾ هڪ ادارو آهي،فقيري طبعيت سبب جيڪا پذيرائي هو لهڻي ٿو اها کيس پلئه نه پئي آهي پر پوءِ به سنڌ جي ڪنهن به ڪُنڊ مان کيس ڪنهن به ادبي پروگرام جي دعوت ملي ته ٺڪاءَ وڃي ڪندو آهي. ڀوڳ ، چرچا، سهپ ۽ برداشت جا مادا کيس ڄڻ ته ورثي ۾ مليل آهن. ڳالهه ٻولهه دوران استعمال ۾ ايندڙ لفظن سان قافيه ملائڻ سندس معمول بڻيل آهي. علمي ، ادبي ۽ ذاتي دوستن کي عزت ڏيڻ سندس خاص شيوو آهي. هن روينيو کاتي مان نوڪري تان ريٽائرمينٽ کانپوءِ سمورو وقت علمي ۽ ادبي سرگرمين لاءِ وقف ڪري ڇڏيو آهي، ٿوري ٿوري وقفي سان مشاعرا ۽ ادبي محفلون مڇائيندو رهي ٿو. جيڪا ڳالهه يقينن نئين نسل لاءِ مشعل راهه بنجڻ گهرجي. هن شاعري جي آسمان تي ڏات جا جيڪي ڏيئا جرڪايا آهن تن مان سندس ٻه مجموعا ” زندگي آهي سفر “ ۽ ” طوفانن ۾ ٻيڙو ترندو “ ڇپجي چڪا آهن، ان کان علاوه به سندس کوڙ شاعري اڻڇپيل آهي. جيڪا مجموعي جو گهونگهٽ اوڍڻ لاءِ بيتاب آهي. تاج جو تعليم جي حوالي سان تاريخ ساز ڪم اهو آهي ته هن پنهنجي اباڻي ڳوٺ ٽکڙ ۾ اسڪول کي اوطاق بڻجڻ کان بچايو. ڳوٺ جي غريب ۽ مسڪين ٻارن کي پڙهائڻ لاءِ ڪپڙا ۽ ڪتاب وٺي ڏيڻ کان وٺي انهن شاگردن جي کاڌي پيتي ۽ رهائش جو بندوبست ڪندو رهيو آهي. سنڌي زبان جو برک شاعر امداد حسيني تاج بابت سندس ڪتاب ” زندگي آهي سفر “ ۾ لکي ٿو ته ” تاج ذاتي زندگي ۾ وڏا ڏک ڏٺا آهن ، هو لطيف جي سٽ ، ” جيئڻ لاءِ جيڏيون ، وڏا وس ڪيام “ جو عملي روپ آهي. پنهنجي ذاتي ڏکن کي پُٺن پٺيان اڇلائي هن قومي سجاڳيءَ جي سج اُڀرڻ جي آس کي ئي اکين ۾ زنده رکيو آهي. تاج جي شاعري ۾ فن به آهي ته جذبات به آهن . تاج سنڌ جي حالتن کان واقف آهي ، لفظن ۽ عملن ۾ هم آهنگي اٿس ، جهڙو لکڻ ۾ آهي ، حقيقي زندگي ۾ به اهڙو آهي.“ سنڌي ٻولي جو نالي اديب ، دانشور ۽ شاعر پروفيسر قلندر شاهه لڪياري ، انهيءَ ڪتاب ۾ کيس” تاج الشعراءِ “ سڏيندي لکي ٿو ته،” تاج جي شاعري علمي ۽ عروضي روايتن جي حامل هوندي به تاڃي پيٽي سنڌي شاعري آهي . شهري ۽ علمي ماحول ۾ رهندي به هن پنهنجي شاعري ۾ لوڪ شاعري جي رس ۽ چس کي برقرار رکيو آهي. سندس ڪافيون ، غزلن جي سڪ لاهين ٿيون ۽ غزل ، ڪافين جو سرور بخشين ٿا. تاج جي ڪلام ۾ تجربا به آهن ته مشاهدا به . ذاتي ڏک ڏاکڙا به آهن ته قومي ۽ سماجي مسئلن جي اُپٽار به ٿيل آهي. فطرت جي عڪاسي به آهي ته جمالياتي جلوا به آهن. تاج چٽو سماجي شعور رکي ٿو ، تاج جي شاعري سنڌ جي روايتي رنگ ۾ رچيل آهي.“ نالي وارو اديب ، دانشور ۽ ڪهاڻيڪار حميد سنڌي ، تاج ٽکڙائي جي ڪتاب ” طوفانن ۾ ٻيڙو ترندو “ ۾ تاج بابت چوي ٿو ته ” سندس مزاج ۾ فقيري ، نوڙت نياز جا انبار هميشه پيا پسبا . تاج جي شاعري ۾ حُسن جو هڳاءُ ، عشق جا اُڌما ، ڌرتيءَ سان پيار ۽ انساني حياتي جا انيڪ رنگ پڌرا پٽ پيا آهن. “ ناليواري اديب تاج جويو جا تاج بابت خيال آهن ته ، ” هن وٽ رڳو غم جانان ڪونهي پر غم دوران به آهي. تاج جي شاعري ۾ سنڌ موجود آهي. هو خوددار آهي ، سندس شاعري ۾ توهانکي خودداري نظر ايندي . جيڪو شاعر وقت جي شاعري ڪري ٿو ، ان جي شاعري ۾ دائميت رهي ٿي .
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو