ٿَورَا مَنجهه ٿَرَنِ، مُون سِين مَارُوءَ جَي ڪئَا عُمرَ ! اُن ڳُڻَنِ، آئُون ڪِنءَ لَوئِي لَاهيَان سُرُ مَارُئي ٿَورَا = احسانَ، قربَ، نوازشون مَارُوءَ = کيتَ - مارئيءَ جو محبوب ۽ مڱيندو کيتُ ڪئَا = ڪيا اُن = انهن، هنن ڳُڻَن = خوبين، ڀلاين، چڱاين ڪنءَ = ڪيئن لَوئي = کٿي بيت جو پس منظر ~ جڏهن ٿر هوندي هيس ته منهنجي مٿان محبوب ڪيترائي احسان ڪيا. ~ سو عمر ! انهن سڀني ڀلاين کي پٺي ڏئي، لڱن تان هرگز لوئي نه لاهينديس. سمجهاڻي ٻالڪپڻي کان وٺي جوان ٿيڻ تائين ۽ تنهنجي هٿان زبردستي کوهه تان کنڀجڻ تائين، مون مٿان منهنجي محبوب جيڪي احسان ڪيا.سي سڀ ڀلا آئون ڪيئن ٿي وساري سگهان. سو عمر ! محبوب کيت جون ٿيل ڀلايون، چڱايون ۽ سر ساهه صدقي ڪرڻ واريون سڀ ڳالهيون وساري، پنهنجي عزت، عصمت، غيرت ۽ آبرو تنهنجي حوالي ڪڏهن ڪونه ڪنديس. هي لوئي اوهان لاءِ ته رڳو پوتيءَ ٽڪر آهي، پر اسان مارن جو ويساهه آهي. عورت جي عظمت جو اهڃاڻ آهي. سو ڪنهن به ريت هي لوئي لڱن تان ڪڏهن نه لاهينديس. چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل ____