جَي هت هُئي مَارُئي، ته لَڌيَم ڪَرَ ڪيڻَاسِ اَردَاسئُم عُمرَ کَي، وَيجَهو ٿي وَٽَاسِ جَي نه ڇَڏيَائين ڪ جَهليَائين، ته پَنهنجَو اَنگُ آڇيَانسِ لَاهَي لَوهَ لطيفُ چَي، هتَان هُندَ هَلَانسِ مَوکي مَليرَ سَامُهين، وَٺي ٻَانهَ وَڃَانسِ رَهبَرُ ٿي رَيڙهيَانسِ، سُنهَارَي سَاڻَيهَ ڏي سُرُ مَارُئي لَڌيَم = ڳولي ڪَرَ = سارَ، خبرَ ڪيڻَانس = سنديَس اَردَاسئُم = عرض ڪيان، منٿ ڪيان ڪ = يا، پوءِ به اَنگُ = بدن، جسم، سَريرُ آڇيَانس = ڏيان، قربان ڪيان لَوهَ = زنجير هُندَ = هوند، جيڪر مَوکي = ڇڏائي، آزاد ڪرائي سَامُهين = جي اڳيان ٻَانهَ = ٻانهَن، ٻانهن کان جهلي رَهبَرُ = سُونهُون، رهنما، اڳواڻ رَيڙهيَانس = وٺي وڃانس سُنهَاري = سونهن واري، سهڻي، سندر سَاڻَيهُ = ملڪ، وطن، ساڻيهه بيت جو پس منظر ~ جي مارئي هتي هجي ها ته ڳولي سندس سار لهان ها. ~ عمر وٽ وڃي کيس منٿ ڪيان ها. ~ جهلي ڇڏي ها، نه ڇڏيس ها ته مارئيءَ جي بدلي مان پنهنجو پاڻ پيش ڪيان ها. ~ مارئيءَ جي جسم تي لڳل زنجير لاهي، کيس اباڻن ڏانهن وٺي وڃان ها. ~ کيس عمر جي ڪوٽ مان آزاد ڪرائي، ٻانهَن کان جهلي ڇڏي اچانس ها. ~ سندس رهبر ٿي ملير جهڙي سهڻي ملڪ موڪليانس ها. سمجهاڻي ڀٽائي پاڻ مارئيءَ جو وڪيل بڻجي سندس ضمانت ڏيڻ ۽ آزاد ڪرائڻ لاءِ تيار ٿوڏسجي. ڀٽائي چئي ٿو : ڪاش !! مارئي اڄوڪي دور جي قيدياڻي هجي ها ته مان پاڻ امرڪوٽ وڃي سندس خبر چار ۽ سارَ لهان ها. عمر جي درٻار وڃي سندس ويجهو ويهي مارئيءَ جي آزاديءَ لاءِ کيس ميڙ منٿ، ايلاز ۽ عرضَ ڪيان ها. جيڪڏهن شخصي ضمانت تي مارئيءَ کي آزاد نه ڪري ها ۽ ضد ڪري ها ته چوانس ها ته مون کي زنجير هڻي قيد ڪر پر مظلوم مارئيءَ کي ڇڏي ڏي. مارئيءَ کي لڳل هٿ ڪڙيون، پير ڪڙيون ۽ ڏنڊا ٻيڙيون لهرائي هتان احترام سان وٺي وڃانس ها.ڪيئن به ڪري، ڪهڙي به شرط تي مارئيءَ کي نيٺ آزاد ڪرائي سندس سهڻي ملڪ ملير ڏانهن روانو ڪيان ها. ڪاش !! سنڌ جا ظالم پير ۽ وحشي وڏيرا هن ڳالهه مان سبق سکن.سندن ڪوٽن ۾ زبردستي کنڀي قيد ڪيل نياڻين کي پوتي پارائي، مٿي تي هٿ رکي سنڌ جي روايت کي جيارين. چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل ____