رڳو برائوزر ئي نه پر هر پروگرام ۾ ايندڙ بيهوده اشتهار بلاڪ ڪريو

'سافٽويئر' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏24 مئي 2015۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جيڪي ڪمپيوٽر استعمال ڪندڙ پنهنجي برائوزر ۾ اشتهار بلاڪ ڪرڻ لاءِ ڪو ايڪسٽينشن استعمال نه ٿا ڪن اهي اڪثر برائوزنگ جي دوران انتهائي اذيت محسوس ڪندا آهن.. ڇو ته هر ويب سائيٽ تي چمڪا ڏيندڙ اشتهار ويب پيج جي سائيز وڌائي ڇڏيندا آهن.. جنهن ڪري پيج لوڊ ٿيڻ ۾ دير ڪندو آهي... ان کان علاوه اڪثر بيهوده اشتهار سامهون اچڻ تي خفگي پڻ محسوس ٿيندي آهي...
    ان کان علاوه جيڪڏهن توهان ڪنهن ويب سائيٽ تان ڪجهه ڊائونلوڊ ڪرڻ ويندو ته اهڙا اشتهار اصل جان ئي نه ڇڏين.. ڊائونلوڊ بٽڻ جي آس پاس ۾ ايترا اشتهار موجود هوندا آهن جو خبر ئي نه پوندي آهي ته اصل ڊائونلوڊ جو آپشن ڪهڙو آهي.. ۽ اڪثر نه ڄاڻو دوست غلطي سان پنهنجي ضرورت جي فائيل بجاءِ ڪو مال ويئر يا ٽروجن ڊائونلوڊ ڪري وٺندا آهن..
    ياد رکو ڪو به سافٽويئر ڪنهن غير معروف ويب سائيٽ تان ڊائونلوڊ ڪريو ته هميشه پهريان ان کي پنهنجي اينٽي وائرس سان اسڪين ڪري وٺو .. ان کان علاوه پنهنجي برائوزر ۾ اشتهارن کي بلاڪ ڪرڻ لاءِ “ايڊ بلاڪ پلس” ضرور انسٽال ڪري رکو ته جيئن ڌوڪا ڏيندڙ اشتهارن کان بچي سگهجي...
    اشتهار رڳو ويب برائوزر تائين محدود ناهن هوندا .. هاڻي ته اهي ميڊيا پليئر کان وٺي هر پروگرام ۾ پڻ ڏيکاريا پيا وڃن.. جن کان بچڻ لاءِ توهان وٽ اهڙو پروگرام هجڻ ضروري آهي جيڪو سمورن پروگرامزبشمول ويب برائوزرس ۾ ايندڙ اشتهارن کي بلاڪ ڪرڻ جي سگهه رکندو هجي..
    ان سلسلي ۾ مهنجي نظر ۾ هڪ بهترين پروگرام Ad Muncher آهي...

    [​IMG]

    • ايڊ منچر ڪارڪردگيءَ جي لحاظ کان لاجواب پروگرام آهي..
    • پهريان ان جي قيمت 30 آمريڪي ڊالر هئي.. پر هاڻي ان جي ڊيولپر هن کي مفت ڪري ڇڏيو آهي.
    • هي پروگرام سائيز ۾ هلڪو ۽ استعمال ۾ انتهائي آسان آهي...
    • هن کي انسٽال ڪرڻ کان پوءِ توهان کي وڌيڪ ڪنفگريشن ناهي ڪرڻي پوندي.. بلڪه هي پاڻ مرادو ئي ڪم شروع ڪري ڏيندو آهي..
    توهان کي اهو ٻڌي اڃان وڌيڪ حيرت ٿيندي ته ايڊ منچر گذريل 15 سالن کان استعمال ڪيو پيو وڃي ۽ ٻين ايڊ بلاڪر وانگر هي ڪو برائوزر ايڪسٽينشن يا ايڊان نه آهي ان ڪري هر برائوزر لاءِ هي اڪيلو ئي ڪافي آهي..
    هن پروگرام کي انسٽال ڪرڻ کان پوءِ برائوزر کولي ڪا ويب سائيٽ کوليو.. توهان ڏسندو ته ڪوبه اشتهار موجود نه هوندو ڇو ته پهريان کان ڪنفيگر ٿيل هي پروگرام هر طرح جا اشتهار بند ڪري ڇڏيندو آهي.. پر ان باوجود توهان ايڊ منچر کي پنهنجي ضرورت تحت پڻ ڪنفيگر ڪري سگهو ٿا...

    [​IMG]

    ته پوءِ رڳو 548 ڪلو بائيٽ سائيز جو هي پروگرام هاڻي ئي سندس آفيشل سائيٽ تان ڊائونلوڊ ڪري وٺو..
     
    12 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. WASEEM

    WASEEM
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 مئي 2010
    تحريرون:
    888
    ورتل پسنديدگيون:
    404
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    اي سي ٽيڪنيشن
    ماڳ:
    ڪراچي
    بهترين پروگرام آھي...
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    واهه واهه ... اهو ڪم دل وٽان ٿيو.

    انهن نڀاڳن اشتهارن اسان کي گهڻو بدنام ڪيو آهي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عبدالعزيز منڱريو

    عبدالعزيز منڱريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    80
    ورتل پسنديدگيون:
    34
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    368
    ڌنڌو:
    Computer Programmer
    ماڳ:
    Hail, Kingdom of Saudi Arab
    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    يعني ڌاڙيل هاف فرائي ٿي ويا
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    پر ان سان گوگل جا اشتهار ته بلاڪ نه پيا ٿين..!
     
  7. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    لک قرب هميشه جيان سهڻي ونڊ
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. مصور عالم

    مصور عالم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    572
    ورتل پسنديدگيون:
    679
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    چيف ايڊيٽر ڪيسوُٻاء مئگزين
    ماڳ:
    مٺي ٿرپارڪر
    ڏاڍي ڀلي ونڊ. سافٽ ويئر ڊائون لوڊ ڪري ٿاڏسون. پوءِ ئي وڌيڪ ڪا راءِ ڏئي سگهبي.
     
  9. زوهيب خاصخيلي

    زوهيب خاصخيلي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2015
    تحريرون:
    23
    ورتل پسنديدگيون:
    18
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    ٽنڊو آدم
    هر مسلمان پاڻ ۾ ڀائر آهن ان لاء آئون توهان کي جشن آزادي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو لک لائق مبارڪون
     
  10. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور

هن صفحي کي مشهور ڪريو