وَيڄَ ! مَ ٻُڪِي ڏَي، الا ! چَڱِي مَ ٿِيَان سَڄَڻُ مانَ اَچَي، ڪَرَ لَاهُو ٿِي ڪَڏهِم سُرُ يمن ڪلياڻ وَيڄَ = حڪيم، طبيب، ڊاڪٽر مَ = نه ٻُڪي = دوا، سُتي اَلَا = جيڪر چَڱي = چَاڪُ، خوش ٿي وڃان، بيماري ڇڏي وڃي سَڄَڻُ = محبوب، پرين مانَ اَچَي = مَنَ اچي، شال اچي ڪَرَ = سار، خبر چار لَاهُو = لهندڙ، عيادت ڪندڙ، پڇڻ وارو ڪَڏَهم = ڪڏهن بيت جو پس منظر ~ اي طبيب ! مونکي اهڙي ڪابه دوا نه ڏجان، جنهن سان چڱي ڀلي ٿي وڃان، خوش ٿي وڃان ~ مَنَ ڪڏهن پڇڻ بهاني ئي محبوب اچي ملي وڃي سمجهاڻي اڪثر جڏهن ڪو ماڻهون بيمار ٿي پوندو آهي ته ڪنهن حڪيم يا ڊاڪٽر سان مشورو ڪندو آهي. دوا سُتي وٺندو آهي ته جيئن جلد صحتياب ٿي وڃان. پر هي مريض ڊاڪٽر ڏي وڃڻ، مشورو ڪرڻ، دوا کائڻ ۽ چڱو ڀلو ٿيڻ جي بجاءِ ويتر بيمار رهڻ کي ترجيح ڏئي ٿو. ٻين طرفان زبردستي آندل ڊاڪٽر کي هي مريض چئي ٿو ته متان ڪا اهڙي دوا ڏين، جنهن سان خوش ٿي وڃان. مونکي بيمار ئي رهڻ ڏي. ڇو ته جَي بيمار هوندس ته ڪڏهن نه ڪڏهن محبوب ضرور پڇڻ ايندو. سو هن بهاني سندس ديدار به ٿيندو، ملاقات به ٿيندي، سڪ جو لڳي اٿم هن جي. چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل ____
هڻ حبيب هٿ کڻي .ٻنگان لهي ٻاڻ ماگهين مون مِهن ٿِئي. جهولئ وجهان پاڻ اِنهئ پَرِ ساجن ساڻُ.مانَ ميڙائو مون ٿئي
دارون ۽ ڪارون، جان ڪي ڪئا ويڄ مون ٻڪي ڏيندا ٻاجھ جي،نهاري ناڙون، جن جيون سيڻ لهن سارون،تَنِِ تان ڏُ کندو ڏور ٿيي يمن ڪلياڻ
ايڊيٽر ٽولباڪس مان رنگن واري ٽيب تي ڪلڪ ڪري پسند جي رنگ تي ڪلڪ ڪيو. ٽولبار مان ئي اوهان فونٽ، اٽالڪ، انڊر لائين جا ٽول به استعمال ڪري سگهو ٿا.