اَڃَان تو مَنجَهاءَ، ڪَکَ ڇُتَي رَتُ نِڪرَي مُهَ ۾ مَحبُوبَن جا، ڪِنءَ جَهليندَين گَهاء؟َ سَو تُون ڪُڄَاڙِئاءَ، سِڪَڻَ جُون سَڌُون ڪَرِين؟ سُرُ يمن ڪلياڻُ تَو مَنجَهاءَ = تومان، تنهنجي بدن مان ڪَکَ = جهوپڙي ۽ مَنَهَن ٺاهڻ وارا سَرَ، تيلَا ڇُتَي = ڇُهڻ سان، لڳڻ سان جَهليندَين = سهي سگهندين، برداشت ڪري سگهندين ڪِنءَ = ڪيئن گَهاءَ = زخمَ، وَڍَ ڪُڄَاڙئاءَ = ڇو، ڇالاءِ، ڇاجي لاءِ سَڌُون = خواهشون، تمننائون، آشائون بيت جو پس منظر ~ اڃان تائين ڪک ڇهڻ سان تنهنجي بدن مان رت وهي ٿو پئي. ~ سو تون محبوبن جا مليل گهاوَ ڪيئن سهي سگهندين؟ ~ تنهنڪري ڇاجي لاءِ ٿو تون، سڪڻ جون سڌون ڪرين؟ سمجهاڻي محبوبَ ۽ منزلون ملڻ ڪو آسان سولڙو ڪم ناهي، جو هر ڪو حاصل ڪري سگهي. صرف سڌن ۽ خواهشن ڪرڻ سان محبوب ناهن ملندا. جيڪڏهن توهان ايترا نازڪ ۽ نفيس آهيو جو رڳو گل پٽڻ يا گل اڇلائي هڻڻ سان، يا ڪنهن ڪک جي ڇَيت ڇهڻ سان، اوهان جي جسم مان رت ٿو وهي پئي ته پوءِ اهي محبوب ماڻڻ جا خواب ڏسڻ ئي ڇڏي ڏيو. محبوب ۽ منزلون حاصل ڪرڻ لاءِ ته وڏي ويڙهه، جفاڪشي، جاکوڙ ۽ جدوجهد ڪرڻي پئي ٿي. جيل، کوليون، گوليون، قيد، ڪڙا، زنجير ۽ ڏنڊا ٻيڙيون برداشت ڪرڻيون پون ٿيون ۽ سر ساهه به صدقو ڪرڻا پوندا آهن. سو محبوبَ ۽ منزلون ته ڪي دلير، دودا، جوڌا، ارڏا ۽ اڏول انسان ماڻيندا آهن. جيڪي پنهنجو سر تريءَ تي کڻي هلندا آهن، سي ئي محبوبَ ۽ منزلون ماڻيندا آهن. چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل ____
شاهه سائين جي هن بيت سان به انيڪ يادون آهن. پهريون ڀيرو اهو بيت غلام رسول چانڊيو ٻُڌايو جڏهن هو سچوا (هاڻوڪي سقوا) جو چيئرمين هو. هن بيت ۾ هڪ وڏو مطلب ۽ پيغام سمالي آهي بس سمجهڻ جي ضرورت آهي.