اوندَاهِي اَڌَ راتِ ۾، پِريَ پَسَايَو پَاڻُ چَنڊُ ڪَتِنِ سَاڻُ، پَيهِي وِئَو پَڙِلَاوَ ۾ سُرُ کَنڀَات کَنڀَات = هندستان جي الهندي طرف نار جي مهڙ تي بيٺل شهر جو نالو آهي. آڳاٽي دور ۾ مشهور ۽ وسيل بندر هوندو هو. هتان ديسان ديس واپار هلندو هو. کنڀات کي کماچ به چوندا آهن. هي راڳ رات جو 10 وڳي ڳائبو آهي. اُندَاهي = اونداهي پِريَ = پرينءَ، محبوب پَسَايَو = ڏيکاريو، درشن ڪرايائين، ملاقات ڪيائين پَيهي = لهي، گم ٿي، غائب ٿي، لِڪي وِئَو = ويو پَڙلَاوَ = خلائن ۾، پولارن ۾، پڙاڏن ۾ بيت جو پس منظر ~ اونداهي اڌ رات هئي، جو محبوب ملڻ آيو هو. ~ سو چنڊ، ڪَتيُن کي ساڻ ڪري ڪيڏانهن گم ٿي ويو هو. سمجهاڻي جڏهن رات پنهنجي جوڀن تي هئي، هر پاسي خاموشي ۽ سانت ڇانيل هئي، ڪائنات خوابن جي دنيا ۾ وڃائجي وئي هئي. منهنجو محبوب سورنهن سينگار ڪري، قيمتي ويس ڍڪي، خوشبوئون لڳائي، دنيا کان لِڪي، پنهنجو وچن نڀاهڻ لاءِ مون سان ملڻ آيا هئا. سندس حُسن، سونهن ۽ سندرتا جي دلڪش ادائن جا جيڪي اڻ ميا چنڊ اڀري پيا ها، تن رات کي ڏينهن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو هو. محبوب جون نزاڪتون، غضب ادائون ۽ حُسناڪيون پسي هي ويچارو آسمان جو چنڊ، تارن ۽ ڪَتيُن کي ساڻ ڪري الائي ڪهڙي طرف هليو ويو هو. چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل ____