روٽنگ ڇا آهي...؟لفظ روٽlinux/unix مان ورتل آهي،جنهن کي هيئن ڊيفائن ڪبو آهي اهڙو.يوزر جيڪو سافٽ ويئر يا آپريٽنگ سسٽم جي تمام فائلن يا پروگرامن ۾ هڪ سپر يوزر جي طور حقن يا اختيارن جو مالڪ هجي. روٽنگ کي سادي لفظ ۾ هي به چئي سگهو ٿا، administrative privileges يعني جيڪڏهن توهان کي سنڌ سلامت جي ايڊمن جا اختيار ڏنا وڃن ته توهان ڇا ڇا نه ٿا ڪري سگهو .ته ان مقصد جي لاء پنهنجي موبائيل کي موڊيفائي ڪندا آهيو ته جيئن سمارٽ فون يا ٽيبليٽ کي ائنڊروئيد جي سب سسٽم اندر سپر يوزر طور تي آپريٽ ڪري سگهو. مقصد ۽ ضرورتجڏهن توهان نئون ائنڊروئيد فون وٺندا آهيو ته ان کي توهان هڪ مهمان طور استعمال ڪندا آهيو.جيئن ونڊوز آپريٽنگ سسٽم ۾ گيسٽ يوزر هوندو آهي،اهو سسٽم جي فائلن ۾ ڪنهن قسم جي تبديلي ناهي ڪري سگهندو . روٽ ڪرڻ جو سڀ کان وڏو مقصد آپريٽنگ سسٽم کي تبديل ڪرڻ آهي.روٽ ڪرڻ سان پنهنجي ائنڊروئيد سسٽم کي مڪمل طور تي ريمو يا ريپليس ڪري سگهو ٿا. مٽال طور توهان چاهيو ٿا ته ڪمپني طرفان سيٽ ۾ تمام گهڻيون اپليڪيشن انسٽال ٿيل هونديون آهن.تن مان توهان کي ڪجھ ناهن پسند اينديون.ته پوءِ اهي سسٽم جون اپليڪيشن ڊليٽ ڪري سگهو ٿا. روٽ ڪرڻ جا فائده 1:ڪسٽم سافٽويرز روم.هڪ اهڙو سافٽوير آهي جنهن سان توهان جو فون ڪم ڪندو آهي.هي توهان جي فون جي ريڊ اونلي ميموري ۾ اسٽور ڪندو آهي. مختلف ڊولپر طرفان تمام گهڻا ڪسٽم رومز دستياب آهن،جنهن سان توهان ان کي انسٽال ڪندي پنهنجي موبائيل کي نئون لڪ ڏئي سگهو ٿا. 2:فري انٽرنل ميموري 3:بيس بيند اپڊيٽنگ 4:فونٽ مٽائڻ 5:غير ضروري فيچرن کي لاڪ ڪرڻ 6:غير ضروري سسٽم جي اپليڪيشن کي ريمو ڪرڻ 7:اَن آفيشل سافٽوير اپڊيٽنگ: هن جي ذريعي توهان پنهنجي ائنڊروئيد فون جي پراڻي ورزن کي نئين ورزن ۾ اپڊيٽ ڪري سگهو ٿا جيئن توهان جي فون ۾ ائنڊروئيد جيلي بين آهي ۽ توهان چاهيو ٿا ته ان کي ائنڊروئيد لولي پاپ ۾ اپڊيٽ ڪريون تنهنڪري روٽ ريڙه جي هڏي جي حيثيت رکي ٿي. روٽ ڪرڻ جا نقصان 1:برڪنگ:هن سان شروعاتي طور وانگر توهان جو سيٽ روٽ ڪرڻ کان پوءِ صحيح نموني ناهي هلندو. 2:سيڪورٽي رسڪ:هن سان توهان جي فون تي ڪوئي اٽيڪ ٿي سگهي ٿو. 3:ورانٽي وائندنگ:يعني توهان جي سيٽ جي ورانٽي مڪمل طور ختم. ڇا روٽنگ کان پوءِ unroot ممڪن آهي؟؟ جي ها آهي....روٽنگ ٻن قسمن جي ٿيندي آهي. 1:ٽيمپرري روٽنگ 2:پرمننٽ روٽنگ ٻنهي قسم ۾ اَن روٽنگ ممڪن آهي. باقي رهيو ته روٽ ڪيئن ڪجي..؟؟ اهو طريقو توهان کي الڳ موضوع ۾ تمام جلد ٻڌائيندس. ذيشان رشيد سليمان وساڻ عبيدالله ”عبيد“ ٿهيم عبدالغني لوهار عبدالحفيظ لغاري عمران درويش سومرو عمران فقيرسنجراڻي پاٽويون ڦلپوٽو فقير
واه ادا واه تمام بهترين معلومات آھي. روٽ ڪرڻ جي طريقي جو انتظار رهندو. اميد ته گهڻي دير تائين انتظار نه ڪرائيندا....
تمام بهترين موضوع شروع ڪيو اٿوَ.. ڇا اپڊيٽنگ کان پو ائنڊرائيڊ صرف ورجن اپڊيٽ ٿيندو يا فيچرز به اپڊيٽڊ هوندا ؟؟
هن کان علاوه ٻيا به گهڻا ئي فائده آهن.جيڪي مون مٿي انهن جو ذڪر ڪيو آهي. روٽ جو سڀ کان وڏو فائدو ڪسٽم رومز انسٽال ڪرڻ آهي،پر اهي رومز توهان جي فون لاءِ ڪمپٽيبل لازم هجن.