ايم فل/پي ايڇ.ڊي سيمينار جي رپورٽ ... رياضت ٻرڙو

'پروگرام، ادبي ميڙاڪا ۽ دعوتون' فورم ۾ رياضت ٻرڙو طرفان آندل موضوعَ ‏1 جون 2015۔

  1. رياضت ٻرڙو

    رياضت ٻرڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 جون 2012
    تحريرون:
    306
    ورتل پسنديدگيون:
    879
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    لاڙڪاڻو
    وفاقي اردو يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي پاران منعقد ڪرايل
    ايم فل/پي ايڇ.ڊي سيمينار جي رپورٽ

    رپورٽ: رياضت ٻرڙو

    تحقيقي، تدريسي، تعليمي ۽ ادبي حوالي سان سنڌ ۾ واقع جن يونيورسٽين جا سنڌي شعبا سرگرم آهن تن وفاقي اردو يونيورسٽي ڪراچي جو سنڌي شعبو نمايان آهي. هن شعبي پاران اهم تحقيقي جرنل ”ڪارونجھر“ تسلسل سان ڇهه ماهي طور نڪري رهيو آهي جيڪو هائير ايجوڪيشن ڪميشن پاران منظور ٿيل آهي ۽ جنهن جا 11 شمارا ڇپجي قبوليت ماڻي چڪا آهن، جڏهن ته ”پهرين قومي لوڪ ادب ڪانفرنس“ ڪوٺائڻ ۽ ڪامياب بڻائڻ جو اعزاز به هن شعبي کي حاصل آهي. ان کان سواءِ ”شيخ اياز: امن جو شاعر“ سيمينار، ”موجوده حالتن ۾ نوجوانن جو ڪردار“ سيمينار، سنڌي ادب ۾ ترقي پسند لاڙا ۽ نظريا“ سيمينار، ”سچل سرمست جو پيغام ۽ ماجوده حالتون“ سيمينار“، ”سنڌي ثقافت ۽ نئون نسل“ سيمينار، ”شاعره ريحانه چنڙ جي مان ۾ آجياڻو“، ”ڪراچي ۽ ٺٽي ضلعي جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳن جو مطالعاتي دورو“ ۽ ٻيا پروگرام شامل آهن.

    تاريخ 24 مارچ 2015ع تي، سنڌي شعبي پاران ڇهن اسڪالرن جا ايم فل/پي ايڇ.ڊي سيمينار ڪرايو ويو، جنهن ۾ نامور اديب ۽ محقق ڊاڪٽر خورشيد عباسي ۽ ڊاڪٽر آفتاب ابڙو خاص مهمانن ۽ ماهرن طور شريڪ ٿيا. ڪاروائي هلائيندي ۽ آجياڻو پيش ڪندي سنڌي شعبي جي چيئرمين ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي چيو ته اسان جي شعبي ۾ 24 اسڪالر ايم فل/پي ايڇ.ڊي ڪري رهيا آهن، جن مان نوَن اسڪالرن موضوعَ چونڊي تحقيق شروع ڪري ڇڏي آهي. اسان تحقيق کي وڌ ۾ وڌ معياري بڻائڻ لاءِ سيمينارن جي شروعات ڪئي آهي ته جيئن سينئر محققن ۽ ماهرن جي راين ۽ صلاحن جي روشنيءَ ۾ مستقبل جا محقق تحقيق جاري رکن. تحقيقي ڪم ئي موضوع بابت ٻڌائيندو ته اهو ڪيتري قدر اهم آهي. اسان ڪوشش ڪيون پيا ته تحقيق نئين هجي ۽ اها ڪم بابت ڳالهائي. اڄ ماهر جيڪي تجويزون پيش ڪندا، اسان انهن کي تحقيق جو حصو بڻائينداسين. اسان چاهيون ٿا ته سينئر ماهر ۽ محقق اسان جي سرپرستي ڪن.

    سينئر محققه ۽ نامور اديبه ڊاڪٽر خورشيد عباسيءَ چيو ته نوجوان محققن کي گھرجي ته اهڙا عنوان چونڊن جن تي اڳ ۾ ڪم نه ٿيو هجي، ان کان پوءِ هو ان عنوان تي دل لڳائي ڪم ڪن ۽ مايوس ٿيڻ بدران ڪم مڪمل ڪن. سنڌي شعبي جي پي ايڇ.ڊي اسڪالرن جيڪي موضوع چونڊيا آهن سي ڪارائتا آهن. مون لاءِ سنڌي شعبي جي سرگرمين ۾ شامل ٿيڻ اهم آهي. مان ڪامياب سيمينار منعقد ڪرڻ تي سنڌي شعبي جي چيئرمين ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿي. سڀني اسڪارلن جا موضوع سٺا ۽ اهم آهن. سنڌي ٻوليءَ ۾ لغت نويسيءَ تي اڄ تائين ڪم نه ٿيو آهي. ان تي ڪم حقيقت جي تقاضا آهي. هاڻ لغتن جي ڪٿ ٿي سگھندي. ساڳيءَ طرح لسانيات ۽ ٻوليءَ جي لهجن تي تحقيق به اهم آهي. اسان پنهنجن مختلف لهجن تي غور ڪريون ۽ جتي ضرورت محسوس ٿئي، اتي ان کي درست ڪريون. ٻارن جي ادب تي به ڪم ٿيڻ گھرجي. مان اسڪالرن کي صلاح ڏيندس ته اهي ڪنهن به عنوان کي ايڏو وسيع نه ڪن جو منجھي پون. انشاء اللھ سڀئي مقالا جمع ٿيندا ۽ اسان ان خوشيءَ جي موقعي تي گڏ هونداسين.

    مشهور محقق ۽ اديب ڊاڪٽر آفتاب ابڙي چيو ته اڄ مون کي دلي طور خوشي ٿي آهي ته اردو يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ ايڏا اسڪالر تحقيق ڪن پيا، جنهن ۾ ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي ۽ ڊاڪٽر عنايت حسين لغاريءَ جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. هن وقت ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جو ڪم ڪمال جو آهي. اڳ ۾ تحقيق کي رواجي طور ورتو ويندو هو، هاڻي مختلف علمي ۽ ادبي موضوعن تي تحقيق جون سنجيدگيءَ سان ڪوششون ٿين پيون. ڪلاسيڪل شاعرن جي اڀياس ۾ ساميءَ کي به شامل ڪرڻ گھرجي. موضوع جي چونڊ سٺي ڪيل آهن. سنڌي ٻولي هتان جي مختلف ٻولين جو سرچشمو رهي آهي، ان جي لساني ۽ لغت جي خوبين کي نروار ڪرڻ گھرجي. ان جو سنڌ ادب کي لاڀ ٿيندو. سنڌي شعبي ۾ سڀئي اسڪالر سٺي محنت ڪن پيا. لسانيات ۽ لغت ۾ ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي ۽ ٻين لغت نويسن جو وڏو نالو آهي. اهي ٻئي منهنجا به شعبا آهن. اسان وٽ اٽامالاجيڪل ڊڪشنريون گھٽ آهن. ڪمپريٽوِ ڊڪشنريون به نظر مان ڪڍجن. لغت جو بنيادي عنصر ليڪسيم آهي ۽ پوءِ سيمينٽڪس آهي. ڪنهن به محقق کي منهنجي لائبريريءَ مان ڪنهن به ڪتاب جي گھرج پوي ته هو استفادو ڪري سگھي ٿو. اسان کي اڃا وڌيڪ تحقيق ڪرڻي پوندي.

    سنڌي شعبي جي سينئر پروفيسر ڊاڪٽر عنايت حسين لغاريءَ چيو ته اسڪالرن کي گھرجي ته تحقيق ۾ ادبي رخن کي وڌيڪ اهميت ڏين ۽ سياسي پاسن کان ڪنارو ڪن. تحقيقي خاڪن ۾ جزئيات کي به واضح ڪرڻ گھرجي.

    سيمينار ۾ جن اسڪالرن پنهنجن موضوعن جو تفصيل پيش ڪيو تن ۾ محترمه سيما ابڙو ”سنڌي ٻوليءَ جي مختلف لهجن جو تقابلي جائزو“، محبوب علي ڦل ”سنڌي ڪلاسيڪي شاعرن جي ڪلام جو سنڌي سماج تي اثر“، رياضت ٻرڙو ”سنڌي ٻوليءَ ۾ لغت نويسيءَ جو تحقيقي مطالعو“، رضيه ٻگھيو ”سنڌي سفرنامن جي ترقيءَ ۾ الطاف شيخ جو ڪردار“، غلام مصطفى سولنگي ”ٻارڙن جي رسالي گل ڦل جو تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو“ ۽ بشير احمد چنو ”سنڌي ڪهاڻيڪارائن جي ڪهاڻين جو تحقيقي جائزو“ شامل آهي. انهن سڀني کي منظور ڪيو ويو.
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    تفصيلي رپورٽ پيش ڪرڻ لاء اوهان جا ٿورائتا آهيون
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. شعيب محمد

    شعيب محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2012
    تحريرون:
    170
    ورتل پسنديدگيون:
    338
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    353
    ڌنڌو:
    ليڪچرار
    ماڳ:
    سکر
    بهترين مواد پيش ڪيو اٿو
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو