گوگل ٽرانسليٽر جي 10 ڏينهن جي مهم (باقي 5 ڏينهن)

'سنڌي منهنجي ٻولي' فورم ۾ عبيد ٿھيم طرفان آندل موضوعَ ‏1 جون 2015۔

  1. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    گذريل هفتي گوگل جي سالانه ڊيولپر تقريب گوگل آئي.او 2015 جي موقع تي گوگل ٽرانسليٽ ٽيم مختلف ٻولين ۾ مشيني ترجمي جي معيار کي بهتر بڻائڻ لا ڏهن ڏينهن ڪميونٽي چيلنج جو اعلان ڪيو آهي. هن مهم ۾ شرڪت ڪري توهان پنهنجي ٻولي لا مختلف لفظن ۽ جملن جا ترجما فراهم ڪري سگهو ٿا يا پهرين ڪيل ترجمن کي صحيح يا غلط قرار ڏئي سگهو ٿا. گوگل ٽرانسليٽ ٽيم پنهنجي بلاگ پوسٽ ۾ بنگالي ڪميونٽي جي ڪوششن کي ساراهيندي ٻڌايو آهي ته انهن 80 کان وڌيڪ ٽرانسليٽ آٿان منعقد ڪري پنهنجي ٻولي ۾ ترجمي جي معيار کي ڪافي بهتر بڻايو آهي. :) :) :)

    گوگل ٽرانسليٽ جي ٽيم کي ان سلسلي ۾ هڪ وجيٽ تيار ڪرڻ لا چيو ويو آهي جنهن سان مختلف ٻولين سان جڙيل ڪميونٽيز پنهنجي سائيٽس جي سائيٽ بار وغيره ۾ شامل ڪري پنهنجي صارفين کي ڪرائوڊ سورسنگ تي آماده ڪري سگهن. مثال طور اهڙو ڪو وجيٽ موجود هُجي ته توهان دوست سنڌسلامت تي رهندي ترجما ڪري سگهو ٿا يا ڪنهن ترجمي کي صحيح يا غلط جو نشان ڏئي سگهو ٿا. گوگل ٽرانسليٽ جي ٽيم طرفان ان مشوري کي ساراهيو ويو آهي پر عذر پڻ پيش ڪيو ويو آهي ته اهڙو ڪوبه فوري طور تي قدم کڻڻ ممڪن نه آهي. :) :)

    توهان دوستن کي هن مهم ۾ شرڪت جي دعوت ڏجي ٿي، ته جيئن سنڌي ٻولي جي مشيني ترجمي جي معيار کي بهتر بڻائي سگهجي ۽ انٽرنيٽ تي سنڌي ٻولي جي فعاليت کي شامل ڪرائي سگهجي.. :) :) :)
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    سڀني دوستن ڀرپور نموني هن مهم ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جي التجا ڪجي ٿي ، لک قرب ادا
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    يار اسان به ڪم سان لڳل آهيون پر ڪجهه مصروفيت جهجهي ٿي وئي آ
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو