سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتا ب نمبر (101) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ”نڪري پيس نيپال ڏانهن“ نامياري ليکڪ ۽ منهنجي استاد سائين اسحاق انصاري صاحب جو نيپال بابت لکيل سفرنامو آهي. اسحاق انصاري ڪهاڻيڪار، ناول نگار هجڻ سان گڏ ادبي سرگرمين ۾ اڳڀرو رهندو آهي ۽ اسان جي رهنمائي پڻ ڪندو رهندو آهي. اسين ٿورائتا آهيون سائين اسحاق انصاريءَ جا جنهن هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي ڏني ۽ ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني. هي ڪتاب پوپٽ پبلشنگ هائوس، خيرپور پاران 2013ع ۾ ڇپائي مارڪيٽ ۾ آندو ويو. منهنجي ذهن ۾ نيپال ۾ گھاريل ڏ هاڙا فليش بيڪ ٿي گھمندا ر هيا. مون دريءَ مان نظر ايندڙ جبلن جي چوٽين جا فوٽو ڪڍيا، مون سو چيو ته نيپال رڳو پهاڙيين جو ديس آ هي، يا بدر ابڙي چواڻي ڀڳوانن جي ڀونءِ آ هي، يا فقير محمد لاشاري جيان ته هيڻن ماڻهن ۽ سگھاري هماليا جي سر زمين آ هي. مون سوچيو ته سڀ سچ آ هي پر، انهن سڀني سان گڏ ، پيار، احساسن ۽ فقيري طبيعتن جو ديس آ هي. هتي ڪلڪ ڪري ڪتاب ڊائونلوڊ ڪيو