ڄام احمد سمون
سينيئر رڪن
سنڌ جو سقراط"عبدالحڪيم ارشد"
سقراط لکي ٿو ته شاعر خدا جا ترجمان هوندا آهن. پر اڄ جنهن شاعر بهترين انسان تي آئون لکي رهيو آهيان اهو شخص ڄڻڪ ته خود خدا پنهنجو روپ وٺي انسانن جي ترجماني ڪرڻ آيو آهي.
اهو عظيم انسان پيغمبر مثل شخص سائين عبدالحڪيم ارشد آهي. سائين عبدالحڪيم ارشد هن ڌرتي تي هڪ اهڙو انسان بنجي آيو آهي جنهن پنهنجي پاڻ سان وچن ڪري ڇڏيو آهي ته توکي جيئڻو آهي ته ٻين لاءِ جيئنو آ، لکڻو آ ته ٻين لاءِ، سوچوڻو لوچوڻو آ ته ٻين لاءِ، سائين پنهنجو جيون ٻين لاءِ وقف ڪري ڇڏيو آهي اهوئي اصلي زندگي جو مقصد آهي ۽ اهو حقيقي مقصد ارشد سائين ماڻي چڪو آهي.
سائين ارشد رڃ ۾ رڙ، سچ جو سوار، ڌرتي جو عاشق، انسانن جو همدرد، نوجوانن جي جذبن جو ترجمان مذهبي انتها پسندي کان پري ، ماٺيڻو پر وڏو فولادي انسان آهي.
سائين ارشد زندگي جو شاعر آهي، سنڌ جو شاعر آهي، سچ جو شاعر آهي. سائين ارشد تي لکڻ لاءِ قلم جي نه پر محبت پيار خلوص جي ضرورت آهي. اهو پيار ۽ محبت ئي هينئر لکي رهيو آهي.
سائين ارشد جسماني طرح پوڙهو ضرور ٿي ويو آهي پر سائين جا جذبا جوان آهن، اکين ۾ آزادي جي اميد ۽ انسانن لاءِ جاکوڙڻ ۽ جيئڻ جو مقصد ۽ جنون ساڳيو ۽ پختو آهي.
خلائن مان مونکي آواز نه ڏي،
اڃا ڪجهه زمين تي رهڻ ٿو گهران!
اڙي موت! منهنجو آ مقصد عظيم،
مان انسانيت لاءِ جيئڻ ٿو گهران.
سائين عبدالحڪيم ارشد محبت جو اهڙو سمنڊ آهي جيڪو پنهنجي محبت ڀري ڊگهي ڇولين ذريعي پنهنجي محبت ڀريو جام ۽ پيغام ٻين تائين پهچائيندو رهي ٿو.
سائين ارشد تمام حساس رحمدل انسان آهي جيڪو ٻين جي ڏک کي ڏسي پاڻ ڏکارو بنجي وڃي ٿو ۽ ان ڏک کي پنهنجي پيڙا سمجهي ڀوڳيندو رهي ٿو ۽ انهن لاءِ چوندو رهي ٿو ته،
آئون ته رُئڻ لاءِ پيدا ٿيو هان،
سهڻا سائين تون ته نه رو.
سائين ارشد روح کي جاڳائيندڙ شخص آهي ۽ سائين روح جي ٻولي ٻڌندو آهي.
مان رُوح جي ٻولي ٻڌندو آن،
ھي رُوح مخاطب ٿيندو آ!
سائين ارشد کي ڪهڙي شخص سان ڀيٽا ڏيان. جنهن شخص سان ڀيٽا ڏيان ان شخص کي ارشد جي ڀيٽا سمجهان ٿو ته اهو به شخص عبدالحيڪم ارشد جهڙو هوندو. پيپر جو عنوان سنڌ جو سقراط ان ڪري ڏنو اٿم جو سائين ارشد سان به اسان ائين پيا ڪيون جيئن سقراط سان ٿيو. سائين ارشد جنهن پنهنجي سموري زندگي اسان لاءِ سنڌ لاءِ جدوجهد ڪندي گذاري ۽ گذاري پيو. سائين ارشد پنهنجو قرض لاهي ڇڏيو آهي هاڻ ته اسان سائين ارشد جا قرضي آهيون اسان جو فرض ٿئي ٿو ته هن عظيم انسان جي سار لهون ۽ پنهنجي قيمتي وقت مان ٻه گهڙيون ڪڍي ارشد کي ڏيون.
سائين ارشد ته سقراط واريون وهه جو وٽيون روز پئي پيو........ هن ڌرتي جا سور ۽ انسانن جا سور ڏسي چئي ويهي ٿو ته .....
ڏکي ڏات ڏاهپ وئي ڏنگجي،
وٽيون وهه جون هر روز پيون ٿا اسين.
اڄ هن عظيم انسان جو جنم ڏينهن آهي ۽ اڄ ته اسان گهٽ ۾ گهٽ اهو ڪيون ته سائين کي ڪال جي نه ٿا ڪري سگهون ته هڪڙو ننڍڙو خط يا ميسيج لکي سائين کي جنم ڏينهن جون وڌايون ڏيون....
مون ناچيز طرفان سائين ارشد کي جنم ڏينهن جو لک لک واڌايون شل ارشد ۽ ارشد جي سنڌ سلامت رهي.
۽ اڄ سائين ارشد! اوهان سان جنم ڏينهن جي موقعي تي آئون وچن ٿو ڪريان ته؛
ڀلي لڏي وڃي آزاد دنيا مان،
ارشد توسان روح جو رشتو رهڻو آ.
ڄام احمد آزاد سمون