آگَمَ اِيَ نه اَنگَ، جَهِڙو پَسَڻُ پِرِيَ جو سَيڻَنِ رِيَ سَيدُ چَي، رُوحَ نه رُچَنِ رَنگَ سَهَسِين ٿِيا سَارَنگَ، جَانِي آيو جُوءِ ۾ سُرُ سَارَنگُ آگَمَ = جُهڙَ، ڪَڪرَ اِيَ = اهڙا، ايئين اَنگَ = رنگ، چِٽَ، آثار، عضوا پَسَڻُ = ڏسڻ پِرِيَ = پرينءَ، محبوبَ سَيڻَنِ = محبوبن رُچَنِ = خوش ڪن، وڻن، فرحت، سُرورُ ۽ سُڪونُ ڏين رَنگَ = رنگيني، اثر سَهَسِين = سوين سَارَنگَ = جهڙ ، مينهن، برساتون، وسڪارا جَانِي = پرين, محبوب - جنهن محبوب ۾ ساھ اٽڪيل هجي ان کي پيار مان جاني چئبو آهي. جُوءِ = جاءِ، مڪان، گهر، وطن بيت جو پس منظر ~ جهڙ ۾ اهڙي سونهن ڪٿي آهي، جهڙي منهنجي محبوب جَي ڏسڻ ۾ آهي. ~ محبوبن کان سواءِ تہ ڪا روح کي راحت ناهي. ~ جي محبوب موٽي اچي تہ مون لاءِ ڄڻ سوين سارنگ اڱڻ آئيا. سمجهاڻي جهڙ جيڪڏهن اڇي رنگ جو آهي تہ ڄڻ ڪپهه جون پوڻيون آهن. جن ۾ نہ چِٽُ، گل، رنگ ۽ نہ وري ڪا سونهن اٿس.وري جڏهن ڪارا ڪڪر آسمان تي ڇانئجي کنوڻين جا تجلا ۽ گجگوڙون ڪن ٿا تہ خوف ۽ دهشت ڦهلائين ٿا. پر منهنجي محبوب جي ڏسڻ سان سڀ ٿڪ لهي وڃن ٿا، هو جڏهن ڳالهائي ٿو تہ لفظن مان ڄڻ ڪي گلاب ۽ رابيل ٽڙي ٿا پون. هر طرف خوشبووئون ۽ مهڪارون ڦهلجي ٿيون وڃن. سندس سونهن ۽ سندرتا ڏسي هرڪو هوش وڃائي ويهي ٿو. اڄ محبوب هتي ناهي تہ روح کي ڪا راحت ناهي. ڪا خوشي، فرحت، سُرورُ ۽ سڪون ناهي.جڏهن محبوب گهر موٽي ايندو تہ هڪڙو سارنگ نہ پر سوين سارنگ ڄڻ گڏجي اڱڻ تي وسڪارا لائي ڏيندا. خوشيون موٽي ملنديون ۽ اڱڻ تي عيدون ٿي وينديون. چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل ____