جُهڙ نَيڻئُون نہ لَهَي، ڪَڪرَ هُونِ نَہ هُونِ سارِيَو سُپَيرِيُنِ کَي، لُڙڪَ ڳَلَنِ تَي پُونِ سَي مَرُ رَويَو رُونِ، جَنِ مُسافِرَ سُپرِين سُرُ سارَنگُ نَيڻئُون = اکڙين مان هُونِ = هجن سُپيرِيُنِ = پرين، محبوب پُونِ = پَوَنِ مَرُ = ڀلي، سدا رُونِ = روئن بيت جو پس منظر ~ ڪڪر هجن يا نہ ھجن، پر اکڙين منجهان جُهڙ لهيئي نٿو. ~ محبوب کي ياد ڪيون، ويٺي لڙڪن لارون لاڙيان. ~ سي سدا روئنديون رهن ٿيون، جن جا محبوب پسڻ کان پري آهن. سمجهاڻي جهڙ، ڪڪر يا بادل تہ سدائين آسمان تي ڇانئجن ٿا، هتي اکڙين جَي اندر جهڙ جِي موجودگي ڀٽائيءَ جِي شاعراڻي نازڪ خيالي، نفاست ۽ ڪومل احساسن جِياوت آهي. آسمان تي ڪڪر تہ چؤماسي، آبڪلياڻيءَ جي مندُ ۽ بسنت رُتِ ۾ ڇانئبا آهن. جيڪي ڪجھ ڏينهن وسي، اڃاري ڌرتيءَ کي سيراب ڪري هليا ويندا آهن. پر هن وينگس جَي آلين اکڙين منجھ ڪڪر سدائين موجود رهن ٿا، لهن ئي نٿا. پنهنجي پرينءَ کي ساري هر وقت هنجون هاريندي رهي ٿي. سندس پنبڻين جون هي موتين مالهائون پرڏيھ ويل پرينءَ جَي ڏيھ واپسيءَ تائين ايئين ئي وسنديون رهنديون شايد. چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل تصوير: بهار علي وساڻ جي ٿورن سان ____