اَڱڻَ تازِي، ٻَهَرِ ڪُنڍِيُون، پَکا پَٽَ سُهَنِ سُرَهِي سَيجَ، پاسَي پِرِين، مَرُ پِيا مِيهَ وَسَنِ اَسان ۽ پِرِيُنِ، شالَ هُونِ بَرَابَرِ ڏِيهَڙا سُرُ سارَنگُ تازِي = گهوڙي جو اعلي' قِسِمُ، عربي گهوڙو ٻَهَرِ = ٻاهر ڪُنڍِيُون = سڱ وريل ڪُنڍيدار مَينهُون، آسودگيءَ جي علامت سُهَنِ = سُونهَنِ سَيجَ = پلنگ، ٽُڪَ جي رلهين، برٿ ڀريل وهاڻن ۽ ڇُريلَ چادرن وارو خاص هنڌُ مَرُ = ڀلي، سدا مِيهَ = مِينهَن ڏِيهَڙا = ڏينهڙا بيت جو پس منظر ~ اڱڻ تي تازي گهوڙا، ٻاهر ڪُنڍيُون مَينهُون ۽ ميدان تي پکا پيا سُونهَنِ. ~ سرهي سيج تي پرين ستل آهي ۽ مينهن پيا وسن. ~ محبوب ۽ اسان شال زندگيءَ جا هي ڏينهن هڪجيترا ماڻيون. سمجهاڻي ڀٽائيءَ جو هي بيت هڪ حَسِينُ خواب آهي. ٿر جَي ماروئڙن جِي خوشحالي ۽ آسودگيءَ جِي نهايت دلڪش عڪاسي آهي. اڱڻ ۾ تازي گهوڙن جي سونهن پئي جهلڪي، ٻاهر ڪُنڍِيُنِ مَينهِنِ جو حُسنُ ڏسڻ وٽان آهي. وشال ۽ وسيع ميدانن تي ماروئڙن جا پکا ڪيڏا نہ سھڻا پيا لڳن. وايو منڊل ۾ مِينهَن وسڻ کان پوءِ ڀنل مٽيءَ جي مهڪ ڦهلجي وئي آهي. سرهي سيج تي، پاسي ۾ پرين ستل آهي ۽ مِينهَن اڃان بس ناهي ڪئي. هڪ دعا دل مان نڪتي آهي، مولا پاڪ اسان ۽ محبوب شال هڪجيتري زندگي ماڻيون. ڀٽائيءَ جَي هن خواب جِي ساڀيان هڪ ڏينهن ضرور ٿيندي ۽ ڪاري سون جَي ڌرتيءَ جا اڃايل ۽ بکايل ماروئڙا آسودگي ۽ خوشحاليءَ واري زندگي نيٺ ماڻيندا. چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل ____