آگَمَ ڪِيا اللهَ، لَڳَه پَسُ ! لَطيفُ چَي پَلَرَ جَي پالُوٽَ سِين، پَٽَنِ جَهلِيا پاهَ وَاحِدَ وَڏائِي ڪِئا، مَٿَي گَسنِ گاهَ سانگِنِ وَرِئا ساهَ، اُٺَنِ آبُ اَگُوندِرَو سُرُ سَارَنگُ سارَنگُ = بادل، ڪڪر، جهڙ آگَمَ = جُهڙُ لَڳَهَ = گهاٽا ڪڪر، سنها ڪڪر پَسُ = ڏِسُ پَلَرَ = مِينهَن جو پاڻي پَالُوٽَ = پلٽ، اُٿلَ پَٽَنِ = ميدانن پاهَ = ريج، رنگ، ساوڪون، سرسبزيون، وڻڪاريون گَسنِ = واٽن، پيچرن، دڳن سانگِيُنِ = مالدارن، جهانگين - اُهي ماڻهون جي مال سانگي ڪڏهن ڪٿي، ڪڏهن ڪٿي رهن. خانہ بدوش، مارو ماڻهون وَرِيا ساهَ = موٽي نئون ساھ پيو آهي، خوشيون مليون آهن اُٺَنِ = وَسيُنِ آبُ = پاڻي اَگُوندِرَو = غم ۽ ڏک ڏولاوا لاهيندڙ جهجهو بيت جو پس منظر ~ مولا پاڪ وري جهڙ ڪيا آهن، هو ڏس گهاٽا ۽ ڪارا ڪڪر ڇانئجي ويا آهن. ~ مِينهَن جي پاڻيءَ سان ٿرن، برن ۽ ميدانن ۾ ريج ۽ رنگ لڳي ويا آهن. ~ مالڪ سائينءَ گسن، پيچرن ۽ ميدانن ۾ گاھ ڦٽايا آهن. ~ مالوند ماڻهن ۾ سرهائي، خوشيون پيون ڏسجن، غم لاهيندڙ پاڻي جو وسيو آهي. سمجهاڻي سارنگ هڪ راڳڻيءَ جو نالو آهي. جا برساتي موسم يعني سانوڻيءَ ۾ ڳائبي آهي. چوندا آهن جيڪو ڪلاڪار هن کي سُرَ، لئہ ۽ تالَ ۾ ڳائيندو آهي تہ ڪڪر ڇانئجي ويندا آهن ۽ مِينهُن وسندو آهي. سنڌ دنيا جي انهن ڪجهه ۽ خوشقسمت ملڪن مان هڪ آهي جنهن کي ڪچو، ڪاڇو، ڪوهستان، ٿر، صحرا ۽ ڊيلٽائي علائقا پنهنجا آهن. جڏهن هنن علائقن ۾ پلر جي پالوٽ ٿئي ٿي تہ ماڻهن جا چهرا خوشيءَ ۾ مهڪي پون ٿا. مِينهن جي پاڻيءَ سان پٽن، ميدانن ۽ چراگاهن تي ساوا گاھ ڦٽي پيا آهن. هر طرف ساوڪ ئي ساوڪ پئي جهلڪي. وڻ بہ ڌوپي صاف ٿي ساوا چهچ پيا لڳن. گل، ٻوٽا ۽ ڀاڄيون بہ ڦٽي پيون آهن. مالوند ماڻهن جي چهرن تي سرهائي پئي ڏيکارجي. سندن خوشيون موٽي آيون آهن. چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل ____