اَڄُ پڻ اُميدُون، آگَمَ سَندِيُون اُڀَ ۾ سَاوَڻُ پَسِي سَرتِيُون، سَڄَڻُ سارِيَو مُون آئُون آسائِتِي آهِيان، مانَ ڀِڄَائَي ڀُون گَهرِ ته گُهرِجِين تُون، مُندَ مِڙيئِي مِينهَن جِي سُرُ سَارَنگُ آگَمَ = جهڙ، ڪڪر اُڀَ = آسمان سَاوَڻُ = سانوڻ، سانوڻيءَ جي مند آسائِتِي = آسري واري، اميد واري مانَ = مَنَ، جيڪر ڀِڄائَي = پِسائي ڀُون = ڌرتي مُندَ = موسم، رُتِ بيت جو پس منظر ~ اميدون اٿم تہ آسمان تي اڄ وري ڪڪر ڇانئجي ويندا. ~ اڙي سرتيون ! سانوڻ جي مند ڏسي، مون کي پنهنجو محبوب ياد پيو آهي. ~ آس اٿم تہ هي بادل برسي هن اڃاري ڌرتيءَ کي سيراب ڪندا. ~ او محبوب ! سانوڻ جون سڀئي راتيون جيڪر مون سان گڏ گهر ۾ گذارين. سمجهاڻي هر مند ۽ موسم جو پنهنجو مزو آهي، پنهنجيون الڳ خوبيون ۽ خاصيتون آهن. سانوڻيءَ جي مند ۾ جڏهن جهڙ ٿين ٿا تہ ڪاڇي، ڪوهستان ۽ ٿر جَي صحرا جِي اُڃاري ڌرتيءَ جون آسائتيون اکيون، برسات سان گڏ پنهنجي پرينءَ کي بہ سارين ٿيون. سانوڻيءَ جي موسم اچي وئي آهي ڪارا ڪڪر ڇانئجن پيا. هي کنوڻين جا چمڪاٽ ۽ بادلن جون گجگوڙون ان ڳالهه جو اهڃاڻ آهي تہ اجهو ٿو مينهن وسي. هن اڃاري، سڪي ٺوٺ ٿيل ۽ سِڪايلَ ڌرتيءَ کي سيراب ڪري. هن مندائتي مينهن جو هي دلڪش منظر ڏسي هن وينگس کي پرڏيهه ويل پنهنجي پرينءَ جا اچي پُورَ پيا آهن. سو هنجون هاريندي سرتين کي پئي چئي تہ منهنجو محبوب اڃان الائي ڇو ڪونہ آيو آهي. خبر ناهي ڪهڙي سبب دير ڪئي اٿئين. منهنجي دل ٿي چئي تہ ھي سانوڻي مند جون سڀئي راتيون پنهنجي محبوب جي هنج ۽ ڀاڪر ۾ گذاريان. چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل ____