بَرَ وَٺا، ٿَرَ وَٺا، وَٺِيُون تَرايُون پِرِهَه جو پَٽَنِ تَي، ڪَنِ وِلَوڙا وايُون مَکَڻُ ڀَرِينِ هَٿِڙا، سَنگَهارِيُون سايُون سارَي ڏُهَنِ سامُهِيُون، ٻَولَايُون رايُون ٻانِهِيُون ۽ ٻايُون، پَکَي سُهَنِ پاهِجَي سُرُ سارَنگُ بَرَ = بيابان، ميدان وَٺا = مِينهَن وسيا ٿَرَ = واريءَ جي دڙن وارو علائقو - امرڪوٽ، مٺي، ڏيپلي، ننگر ۽ ڇاڇري تعلقي تي مشتمل علائقو تَرَايُون = ڍورا، ماٿريون، هيٺاهيون پِرِھَ = اَسُرَ ويل، باک ڦٽيءَ ويل، صبح پَٽنِ = ميدانن وِلَوڙا = ڏڌ ولوڙڻ وَايُون = آواز، آلاپ، ڏڌ ولوڙڻ جا آواز سَنگَهارِيُون = مارو عورتون، ڀاڳياڻيون سَايُون = سُکِيُون ستابيون، آسوديون سَامُهِيُون = سامهون بيٺل ٻَولَايُون = مَينهُون، جن کي مٿي تي تلڪ هوندو آهي. رَايُون = خاص رنگ ۽ وڏي اوهه واريون مينهون ٻانِهِيُون = نوڪرياڻيون ٻَايُون = رئيساڻيون، راڻيون سُهَنِ = سُونهَنِ پاهِجَي = پنهنجي بيت جو پس منظر ~ ٿرن، برن ۽ تراين ۾ مينهن وسي پيا آهن. ~ اَسُرَ ويل ڏڌ ولوڙڻ جا آواز پيا اچن. ~ ڀاڳياڻيون آسوديون ٿيون آهن، سندن هٿن ۾ مکڻ جا چاڻا آهن. ~ گهڻي کير وارين مَينهُنِ کي واري واري سان پيون ڏهن. ~ ٻانِهيُون توڙي سانئڻيون پکن ۾ پيون سُونهَنِ. سمجهاڻي ڀٽائيءَ جو هي بيت ٿر ۾ وسڪاري کان پوءِ جي ڊاڪيومينٽري فلم آهي جيڪا ماروئڙن جي آسودگيءَ جي نهايت شاندار عڪاسي ڪري ٿي. سُکي سنڌ جو پسمنظر پيش ڪيل آهي هن بيت ۾. ٿر وسي پيو آهي، برن، بيابانن ۽ ميدانن تي وسڪارا ٿيا آهن. ڍنڍون ڍورا، تل ترايون پاڻيءَ سان ٽمٽار ٿي ويون آهن. ميدانن ۽ چراگاهن تي گوڏي جيڏا گاهه ڦٽا آهن. مارو ۽ سندن مال خوشيءَ ۾ جهومي پيا هن. پرهه ڦٽيءَ ويل ڏڌ ولوڙڻ جا آواز پيا اچن. مارو عورتون ۽ ڀاڳياڻيون ولوڙي کان پوءِ ٻنهي هٿن سان چاڏيءَ مان مکڻ جا چاڻا پيون ڪڍن. ڪي وري وڏي اوهه ۽ گهڻي کير وارين مَينهُنِ کي واري واري سان پيون ڏُهَنِ. اڄ وري خوشيون ۽ رونقون موٽي آيون آهن. ڀاڳياڻيون ۽ رئيساڻيون تہ ٽڙن پيون پر سندن نوڪرياڻين جي چهرن تي بہ مرڪون ڦهلجي ويون آهن. چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل ____