“خدائي رقص ۾ آهي” رحمت پيرزادي جو دل کي ڇهندڙ شاعريء جو ڪتاب

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏16 جون 2015۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

    [​IMG]

    ”خدائي رقص ۾ آهي“ رحمت پيرزادي جو دل کي ڇهندڙ شاعريء جو ڪتاب


    محمد سليمان وساڻ

    پياري دوست رحمت پيرزادي جو ڪتاب ”خدائي رقص ۾ آهي “ منهنجي هٿن ۾ آهي. هي ڪتاب ڇپجڻ کان ترت پوء مونکي تحفي طور ڏنو هيائين ۽ مان ٻن ڏينهن ۾ ئي ڪتاب پڙهي ورتو هو، پر مصروفيتن سبب ڪجهه لکي ڪونه سگهيس. رحمت پيرزادو اسان جي ٽهي جي انهن نوجوان شاعرن ۽ ليکڪن مان هڪ آهي جيڪي سدائين ڪجهه نه ڪجهه سٺو ڪرڻ جي جستجو ۾ رهن ٿا. رحمت پيرزادي سان ملاقات ته سوشل ميڊيا ذريعي ئي ٿي پر سندس خيالن جي اڏار سندس شاعري ۽ سندس ڪم مان پوندي آهي. اڪثر ڪري ساڻس ملاقات ادبي، ثقافتي يا علمي ميڙاڪن ۾ ئي ٿيندي آهي. هو مسلسل لکندو رهي ٿو. سندس نظمن ۾ فڪري ۽ فني سنجيدگي آهي ته سندس غزلن ۾ شاعريءَ جي چاشني رچيل آهي. رحمت جي هڪ الڳ سڃاڻ اها به آهي ته هو هڪ ادبي مخزن ”ناٽڪ“ هر مهيني ڇاپي سنڌي ادب جي آبياري ۾ پيش پيش رهي ٿو. ادبي پروگرامن جي سونهن آهي ۽ هو هر پروگرام جي تصويري تاريخ ڪيمرا جي اک سان قيد ڪري سوشل ميڊيا ذريعي محفوظ ڪري وٺي ٿو.
    سندس هن ڪتاب ”خدائي رقص ۾ آهي“ بابت هو پاڻ ئي لکي ٿو ته ”مون پنهنجي شاعريءَ جي ٻن ڪتابن جيتري مواد مان هي هڪ ڪتاب ترتيب ڏنو آهي ۽ ٻيو مواد ضايع ڪيو آهي، ڇو ته جيڪي پنهنجون شيون مان پاڻ جي لائق نه ٿو سمجهان، اهي ان آسري تي ڇو ڇپرايان ته ٻين کي قبول پونديون ۽ ڪنهن خاص وقت تي پسند اينديون. ان لاءِ مان اهو ضروري پيو سمجهان ته هارڊ سليڪيشن کان پوءِ اهو ڪتاب ڇپرائي، ماڻهن جي وقت، پئسي ۽ ڪاغذن جي زيان کي گهٽائي سگهان“.
    شاعريء جي سفر ۾ هر شاعر ڪنهن نه ڪنهن شخصيت يا واقعي کان متاثر ٿيندو رهندو آهي ۽ هتي به رحمت پيرزادو سهائي ابڙو جي فن کان متاثر ٿي سندس ڀيٽا ۾ غزل لکيو آهي، جيڪو هڪ بهترين غزل آهي ۽ اهوئي ڪتاب جو ٽائٽل پڻ آهي. هي غزل رحمت ان ڏينهن لکيو هو جڏهن امر سنڌو جي ڪتاب ”اوجاڳيل اکين جا سپنا“ جي آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ ٿيندڙ مهورتي تقريب ۾ سهائي ابڙو شاهه لطيف ۽ شيخ اياز جي واين تي رقص ڪري سڄي محفل کي جهومايو هو.

    ڇڙن ٿا ساز هي سارا، سُهائي رقص ۾ آهي
    کِڙن ٿا چنڊ ۽ تارا، سُهائي رقص ۾ آهي

    محبت ۾ پرين محبوب جي ٻي ڪا خبر ناهي
    اسان هستي سڄي پنهنجي وڃائي رقص ۾ آهي

    نه جيڪا فلسفن، قصن، ڪهاڻين، شاعريءَ ۾ آ
    اسان کي عشق سا ٻولي ٻڌائي رقص ۾ آهي


    سنڌو درياهه ۽ مهين جي دڙي جي ڀرسان قائم لٽل ماسڪو سڏجندڙ ڳوٺ ٻلهڙيجيءَ سان تعلق رکندڙ رحمت پيرزادي جي خاندان مان انور پيرزادي سميت ڪيترائي پيرزادا شاعري ۽ ادب جي دنيا ۾ مشهور ٿيا آهن، اهڙي موقعي تي پنهنجي سڃاڻ ٺاهڻ ڏکيو هيو پر مسلسل محنت ۽ خيالن جي بلندي ئي آهي جنهن رحمت کي شاعريءَ جي ميدان ۾ نرالو رکيو آهي. عشق هن جي رڳ رڳ ۾ سمايل آ تڏهن ئي ته اهڙا شعر سرجي ٿا وڃن، هو ڪمال جون تشبيهون پيش ڪري ٿو، پسمنظر ۾ وڃجي ته سندس شاعري ڄڻ روح مان رچيل ٿي لڳي:

    ويو ماضي کڻي سڀ ياد جا پرزا پري ميڙي
    وهاڻو ٻانهن وارو ۽ ڪنگڻ جي سار رهجي وئي

    اندر ۾ خوف ماڻهن جو، ملڻ تنهنجو به موهيندڙ
    اها پايل سندي ڇم ڇم وڄڻ جي سار رهجي وئي.


    طبيعت ۾ ماٺيڻو ۽ شرميلو نظر ايندڙ پر سنجيده ۽ جذباتي رحمت غزل جي سونهن ۽ حُسن جو خاص خيال رکي ٿو. هو روايتي پر پختي، فڪري ۽ سنجيده شاعريءَ جو حامي ٿو لڳي، تڏهن ئي ته پنهنجي ڳوٺن ۽ واهڻن کي به نه ٿو وساري.

    ويا آهن رستا ڀلي ڪي ڳوٺ جا
    ياد هن چهرا دُکي ڪي ڳوٺ جا

    جي نه ٿا دل تان لهي اڄ پيا لهن
    تو ۾ هن ماڻهو مٽي ڪي ڳوٺ جا


    رحمت کي جڏهن کان حُسن، محبت، پيار ۽ عشق جي واسينگ واسيو آهي تڏهن کان ئي هن شاعريءَ سان پيچ پاتو آهي. اهوئي سبب آهي جو سندس شاعريءَ ۾ فڪر، فن، سونهن، پختگي، هُڳاءَ ۽ صداقت موجود آهي.

    پئي دل هي چوي تن چپڙن تي اڄ يار جهُڪي مان پيار ڪيان
    شاعر به آهيان، ان حالت جي پر يار وضاحت ڇا معلوم

    اقرار ڪري مُرڪي نه سگهيو، انڪار ڀلا ڇا ٿيندو آ
    هن دل جي غريبيءَ جي سائين ! ٻي مون کي ضمانت ڇا معلوم


    رحمت غزل، بيت، واين تي ته طبع آزمائي ڪئي آهي پر سندس نظم مونکي فڪري حوالي سان گهڻا پختا ۽ خيالن جي گهرائي سان ٽمٽار لڳندا آهن. هن ڪتاب ۾ شامل نظم ”تصويرن جي نمائش“ اهڙو نظم آهي جنهن ۾ هن معاشري جي نمائشي ۽ مصنوعي ماڻهن جي دوکيبازي ۽ چالن کي وائکو ڪيو آهي ۽ ضرورتمند، دکي دل وارن ڪردارن جي بيوسي ظاهر ڪئي آهي.

    گئلريءَ جي گيٽ تي بيٺل پٽيوالو ڏسو،
    ٽن مهينن کان انهيءَ جو ٻار داخل آهي دل جي وارڊ ۾،
    پر انهيءَ جي پينٽنگ
    ان تماشي ۾ رکي ناهي وئي !
    درد کي وڪڻي زماني جا نوان ماڻهو
    ٿا خريدن ڄڻ ته سستي ريٽ تي
    شهرتن جي ڪاميابيءَ جا نوان اعزاز پيا !!


    يا وري هي سٽون ڏسو:

    ڏات کي ٽوپي وٺي ڏيان
    سنڌ جي آهي ثقافت
    هو چوي ٿو ماٺ ڪر
    هيءَ تنهنجي آ سياست
    مان ڏسان ٿو ڏات کي
    هوءَ روئي ٿي ڏئي


    رحمت جي هن ڪتاب جي هر غزل، نظم، گيت ۽ وائيءَ تي لکي سگهجي ٿو. سندس هي ڪتاب وري وري پڙهڻ تي دل ڪندي آهي. 128 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 160 روپيا آهي جيڪو نئون نياپو اڪيڊمي، سچل ڳوٺ، ڪراچي پاران ڇپايو ويو آهي.

    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو