سارَنگَ کَي سارِينِ، ماڙهُو مِرِگَ، مَيهِيُون آڙيُون اَبَرَ آسِرَي، تاڙا تَنوَارِين سِپُون جَي سَمُونڊَ جُون، نَئَي سِجُ نِهارِينِ پَلَرَ پِيارِينِ، ته سَنگَهارَنِ سُکُ ٿِئَي سُرُ سَارَنگُ سَارَنگَ = جهڙَ، ڪڪرَ، بادلَ ( مِينهُن) سارِينِ = ياد ڪن ماڙهُو = ماڻهو مِرِگَ = هرڻ مَيهِيُون = مينهون آڙيُون = ڍنڍ جا پکي آبَرَ = ڪڪرَ تاڙا = مِينهَن وساڙا، ٻاٻيهو ۽ ڪوئل جيڪي مينهن جي مند ۾ لاتيون ڪندا آهن. تَوارِينِ = مڌر سر سان لاتيون لنوڻ، آلاپ ڪرڻ. سِپُون = سِپ واحد - سمنڊ جو ڪُميءَ جهڙو جانور سَمُونڊ = سمنڊ نَئَي سِجُ = هر روز پَلَرَ = مِينهَن جو پاڻي سَنگهارَنِ = مارو ماڻهن، ڀاڳين بيت جو پس منظر ~ مِينهَن کي نہ رڳو ماڻهو پر هرڻَ ۽ مَينهُون بہ ياد ڪن ٿيون. ~ آڙين کي پڻ مِينهَن جو انتظار آهي، تاڙا بہ لاتيون پيا لَنوَنِ. ~ سمنڊ جون سپون هر روز پيون مَينهَن لاءِ واجهائين. ~ هنن سڀني کي مَينهَن جو پاڻي پيار تہ ماروئڙن لاءِ آسودگي ٿئي. سمجهاڻي ٿر جِي صحرا، ڪاڇي، ڪچي، ڪوهستان ۽ ڊيلٽائي علائقن ۾ ڏڪار جهڙيون حالتون آهن. ڌرتي سڪي ٺوٺ ٿي وئي آهي. ماڻهن لاءِ پاڻي، اَنُ، ڀاڄيون ۽ مال لاءِ گاھ اڻ لڀ ٿي ويو آهي. سو نہ رڳو ماڻهو پر جهنگ جا شينهن، چيتا، هرڻ ۽ ٻيا جانور بہ مَينهَن جَي انتظار ۾ آهن. آڙيون ۽ ٻيا سڀ ڍنڍ جا پکي اوسيئڙي ۾ آهن. هوڏانهن تاڙا بہ پنهنجي مڌر آلاپن ذريعي مِينهَن لاءِ پیا لاتيون لَنوَنِ. سمنڊ ۾ پيدا ٿيندڙ سِپُون پڻ برسات جَي پاڻيءَ لاءِ پيون سِڪَنِ. او مولا پاڪ ! مِينهُن وساءِ تہ هي سڀ ماڻهو، جانور ۽ پکي پنهنجي اُڃَ اُجهائين ۽ خوشحاليون، آسودگيون وري موٽي ملن. چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل ____