اسان وٽ هروڀرو کاڌي تي زور آهي

'الطاف شيخ جا ڪالم' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏18 جون 2015۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    اسان وٽ هروڀرو کاڌي تي زور آهي.....

    الطاف شيخ

    سنڌ جي هڪ ڳوٺ جي گهر ۾ وڃان ته اتي ٻار هورلڪس پي رهيا هئا جنهن جو اشتهار اڄ ڪلهه اخبار ۽ ٽي وي تي به ايندو رهي ٿو. سندن ماءُ پيءُ کان پڇيم ته هي ڇا آهي؟ جواب ۾ هو تعريفن جون وڏيون پليون اڏڻ لڳا ته هي ولايت (ڊئنمارڪ) جو پائوڊر آهي جنهن کي پاڻيءَ ۾ ملائي پيئڻ سان ٻارن ۾ طاقت اچي ٿي ۽ هو پڙهائيءَ ۾ به سٺا ٿين ٿا.....
    دل ۾ چيم ته منهنجي زندگيءَ جو به وڏو حصو تعليم سان وابسته رهيو آهي پڙهائي ڪرڻ توڙي پڙهائڻ ۾ .... منهنجي تجربي ۾ پڙهائيءَ ۾ ٻار اهو ئي سٺو ٿئي ٿو جنهن کي مائٽ محنت جي عادت وجھن ٿا. هنن کي وقت ضايع ڪرڻ بدران لکڻ پڙهڻ لاءِ اتساهه پيدا ڪن ٿا ۽ مٿن نظر رکن ٿا يعني هنن جي monitoring ڪن ٿا ته هو ڌيان سان لکي پڙهي رهيو آهي يا هٿ ۾ ڪِتاب اٿس نِگاهون ٽي ويءَ ڏي.
    ”اسان کي ‘هورلڪس’ جهڙين شين جي ڪهـڙي ضرورت جڏهن اسان وٽ ڪڻڪ جام آهي.“ مون کين چيو ۽ هو حيرت مان مونکي ڏسڻ لڳا. ان تي مون کين سمجهايو ته هورلڪس ڇا آهي؟ .... ڪڻڪ جي اٽي، کير ۽ کنڊ جو مڪسچر آهي ۽ واقعي کير ۽ ڪڻڪ ۾ وڏي طاقت آهي... خاص ڪري ڪڻڪ ۾. ۽ اها شيءِ ان ملڪ جا ٻار ڀلي کائين/پيئن .... يعني ڊئنمارڪ جا، جِتي جي ٻارن لاءِ هنن ٺاهيو آهي. اسان ڇو پيا چرين وانگر پئسو وڃايون! اسان وٽ ته ڪڻڪ جام ٿئي ٿي ۽ اڄ ڪلهه اٽي جو اگهه گهڻو آهي ته به دنيا ۾ اسان وٽ سستي ۾ سستو آهي. ۽ ان پراڻي پئڪ ٿيل دٻي جي هورلڪس کان ته تازي ڪڻڪ جي ماني ۽ کير جو ڪوپ ٻار کي ڏيو ته اهو هن لاءِ وڌيڪَ صحتمند آهي. هي هورلڪس جهڙا نخرا انهن ملڪن لاءِ آهن خاص ڪري ڊئنمارڪ، ناروي، فنلئنڊ، سئيڊن جهڙن ملڪن لاءِ جِتي اونهاري ۾ به ايڏو سيءُ ٿو پوي جو ڪڻڪ ته ٺهيو پر جهڙو تهڙو اناج به پوکي نٿو سگهجي.
    اسان جڏهن جهاز کي سئيڊن يا ناروي جهڙن ملڪن جي بندرگاهن ۾ وٺي ويندا هئاسين ته اسان لاءِ کاڌي پيتي جو مسئلو نه هوندو هو. ٻي راشن سان گڏ ڪڻڪ جو اٽو ۽ چانور به ايترا کڻي ويندا هئاسي جو پنج ڇهه مهينن جي سفر بعد به بچي پون. ٽئي ويلا ڪڻڪ جو چپاتيون ۽ اڦراٽا کائيندا هئاسين. ۽ بقول اسانجي هڪ سئيڊن جي واقفڪار فئملي جي ”ست رڇيون هڪ طرف ته گيهه ۾ تريل اڦراٽو ٻئي طرف!“
    البت تعليم دوران جڏهن آئون ٻه اڍائي سال فئملي سان گڏ سئيڊن جي ڏاکڻي بندرگاهه مالمو ۾ وڃي رهيو هوس ته ڪڻڪ جي اٽي حاصل ڪرڻ جي ڏاڍي پريشاني ٿيندي هئي ....خاص ڪري سياري ۾ .... ۽ سئيڊن، ناروي، فنلئنڊ جهڙن ملڪن ۾ سيارو معنيٰ گهـٽ ۾ گهٽ اٺ مهينا کن سخت سيءُ ٿيندو هو جنهن دوران جسم ۾ چڀندڙ ٿڌيون هوائون لڳنديون هيون. عام ماڻهن کي چانور يا چپاتين بدران پٽاٽا ئي کائيندي ڏسندا هئاسين. يونيورسٽي جي ميس ۾ به مڇي جي ٻيريَ يا گوشت جي چاپ سان گڏ پٽاٽا ملندا هئا يا ڪڏهن ڪڏهن چانور. شهر ۾ هڪڙو ڊپارٽمينٽل اسٽور هو جيڪو ٻن ٽن هفتن بعد ڪڏهن موراڪو کان ته ڪڏهن اسرائيل کان موسميون ۽ اٽي جا پنج پنج ڪلو وارا ٿيلها گهرائيندو هو جنهن جو اطلاع اشتهارن ذريعي ڪيو ويندو هو جيئن شهر جا ماڻهو اٽي جي شوق ۾ ان دڪان تي اچن ۽ آئي سارو ٻي به خريداري ڪن. هر گهر کي 5 ڪلو وارو هڪ ٿيلهو خريد ڪرڻ جي اجازت هوندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن في ماڻهو 5 ڪلو جو ٿيلهو ٿيندو هو ته ان ڏينهن آئون به يونيورسٽي مان موڪل ڪري زال سان گڏ ان دڪان اڳيان قطار ۾ اچي بيهندو هوس جو اسان کي چپاتي وڌيڪَ پسند آئي ٿي. ايئن ته شهر ۾ هڪ ايراني دڪان وارو نان به وڪڻندو هو پر اهي نان ان وقت يعني اڄ کان 25 سال کن اڳ جڏهن اسان وٽ هڪ رپئي جا ٻه نان مليا ٿي ته اتي هڪ نان 7 ڪرونن يعني ان وقت جي حِساب موجب 35 رپئي جو مليو ٿي. ان مان پڙهندڙ اندازو لڳائي سگهن ٿا ته اهـڙن ٿڌن ملڪن ۾ ڪڻڪ جي اٽي جي ڪيڏي کوٽ ۽ مهانگائي رهي ٿي. ان ۾ ته ڪو شڪ ناهي ته چانورن ۽ ٻين شين کان وڌيڪَ طاقتور شيءِ ڪڻڪ آهي.... تڏهن ته انهن ملڪن جي ماڻهن ڪڻڪ جهڙي اناج مان اهڙيون هورلڪس جهڙيون شيون ٺاهيون آهن ۽ اهي مهانگيون ان ڪري آهن جو هنن کي ايشيا ۽ آفريڪا جي ملڪن مان مهانگي اگهه تي ڪڻڪ امپورٽ ڪرڻي پوي ٿي .... ۽ اسان جهڙا بيوقوف ڪڻڪ جي هوندي سوندي هورلڪس جهڙيون شيون ڳرن اگهن تي ڊئنمارڪ جهڙن ڏورانهن ملڪن مان گهرايون ٿا. هو ڇا شاهه صاحب فرمايو آهي ته: ”پاڻي مٿي جھوپڙا، مورک اڃ مرن ....“
    سئيڊن جهڙن اتراهن ملڪن ۾ جِتي سال جا گهٽ ۾ گهٽ اٺ نو مهينا سخت سيءُ رهي ٿو ڪيترا ماڻهو قبضي جو شڪار رهن ٿا. ڇا ٿو ٿئي جو سخت سيءَ ڪري اڃ ته صفا نٿي لڳي ۽ مشغول زندگيءَ ڪري اهو به اڪثر وسريو وڃي ته اُڃ نه هوندي به ٿورو گهڻو پاڻي پيئندو رهجي. پوءِ ماڻهو ته ڇا پالتو ڪتن کي به ڪڏهن ڪڏهن چاڪليٽ کارائڻو پوي ٿو. منهنجي ڪمري جي اتراهين دريءَ جي سامهون ميونسپلٽي طرفان هڪ ٽڪنڊو پارڪ هو جِتي ڪتن جا مالڪ جن ۾ هنن ملڪن ۾ مرد گهٽ عورتون گهڻيون ٿين، ڇو جو اسڪينڊينيوين ملڪن ۾ ڇوڪرين جو وڏو شوق ڪتو پالڻ هوندو آهي ۽ حڪومت جي سختيءَ ڪري هو هنن کي، يعني ڪتن کي صبح ساڻ شهر جي اهڙن مقرر ٿيل پارڪن ۾ واڪ ڪرائي هَنگائين مُٽائين. ڪتي جي دير ڪرڻ تي ۽ سخت سيءَ ۾ پاڻ کي گهڻو وقت ڏڪائڻ کان بچائڻ لاءِ، هو مجبور ٿي هنن کي چاڪليٽ کارائينديون آهن. جيڪي ظاهر آهي ڪتن ٻلن لاءِ سادا ٿين ٿا پر چاڪليٽ چاڪليٽ ٿئي ٿو ۽ جلد ئي قبضي ٽوڙيو ڇڏي. بهرحال انهن ٿڌن ملڪن ۾ چاڪليٽ کائڻ ماڻهن توڙي جانورن جي مجبوري آهي. مونکي حيرت ٿيندي آهي جڏهن گھوٽڪي، جيڪب آباد.... توڙي حيدرآباد، نوابشاهه جهڙن گرم علائقن جون مائرون اونهاري جي سخت گرميءَ ۾ جڏهن ته پگهر وڃي کڙيون کڻندو آهي، پنهنجي لاڏلن ٻارن کي چاڪليٽ کارائينديون وتنديون آهن! چاڪليٽ ڪو اسانجي ملڪن جي ماڻهن جي کائڻ جي شيءِ ته نه آهي! پوءِ جڏهن ٻارن کي دست ٿيندا آهن ته ان قسم جو مائرون چاڪليٽ بند ڪرائڻ بدران ڊاڪٽرن کان دستن جي دوا وٺڻ ۾ پوريون هونديون آهن! مون هڪ ملائيشيا واري سفرنامي ۾ پنهنجي آفيس جي هڪ ڪلارڪ ڇوڪري قمريا بابت لکيو آهي ته ملئي ماڻهن کي به پئسو ايندو آهي ته رڳو زور چَٽي تي .... يعني اجايون سجايون شيون کائڻ تي هوندو اٿن! قمريا جي ٽن سالن جي سڪيلڌي پٽ جي هٿ ۾ هر وقت ڪئڊبري چاڪليٽ جي سڄي بار هوندي هئي. ٿڌن ملڪن ۾ گورا مجبوري ۾ چاڪليٽ کائين ته به هڪ ننڍڙي گُري (Piece)، اسانجي ايشيا جا پوءِ ڍاوا ماڻهو چاڪليٽ يا مٺائي به کير ڀت ڪري کائين ۽ پوءِ دست هڪ طرف ته ننڍي هوندي ڊائبٽيز ٻئي طرف! اسان واري ڪلارڪ ڇوڪريءَ کي هر وقت اهو راڳ هوندو هو ته ”منهنجو شهزادو وڏو ٿي MAS جو پائلٽ ٿيندو“ (يعني ملائيشين ايئر لائين جو). هڪ دفعي مونتي ناراض ٿي پئي ۽ مونکي کانئس معافي وٺڻي پئي هئي. ان شهر جي چيني ڊاڪٽر ‘تَانَ بليان’ وٽ هڪ ڏينهن دوا لاءِ ويس ته قمريا به اتي موجود هئي جو اهو ڊاڪٽر اسان جي آفيس جي پئنل تي هوندو هو. منهنجي پڇڻ تي پُٽ ڏي (جنهن جي هٿ ۾ ان وقت به چاڪليٽ هو) اشارو ڪندي چيائين ته هن کي دست نٿا ڇڏين ۽ پوءِ کلندي چيائين ”سر! هي وڏو ٿيندو ته توهان وانگر پاڻي جا جهاز نه هلائيندو پر MAS (ملائيشين ايئر سسٽم) جي هوائي جهازن جو پائلٽ ٿيندو. تنهن تي مون چيو مانس ته ”قمريا! هي ته ضرور پائلٽ ٿيندو پر تون رڳو هن جا چاڪليٽ بند ڪر. ڇوڪر کي سڄو ڏينهن ٿي تيڪائين!“
    اسان جي ملڪ جي وڏن شهرن ۾ ته ڇا سنڌ جي ٻهراڙي جي ڳوٺن ۾ به ڪوڪا ڪولا يا سيون اپ، پيپسي، وغيره پيئڻ جي ايڏي عادت ٿي وئي آهي جو هر مهمان کي عزت بخشڻ لاءِ هو سمجھن ٿا ته ان قسم جو شربت پيارڻ ضروري آهي. ماني تي به ان جو پيئڻ ضروري سمجھيو وڃي ٿو.... چي کاڌو هضم ٿي ڪري. ڀائي! توهانجو Digestive سسٽم جيڪڏهن قدرتي طور کاڌو هضم نٿو ڪري تو پوءِ ايترو گهڻو ۽ ڳرو کاڌو کائي هن کي ايڏو Over Loaded ڇو ٿا ڪريو؟ پنهنجو پاڻ تي ڇو ٿا ايڏو ظلم ڪيو. اهو ته ائين ٿيو ته هروڀرو جسم تي هئڊ هڻائڻ لاءِ ڏنڊا کائڻا آهن! سو هروڀرو کائڻو ضرور آهي.... گيهه ۽ مرچ مسالن واريون شيون به ضرور کائڻيون آهن پوءِ ڀلي ان جي مٿان بوتل پيئجي يا هاجمولا جهڙيون کاڌو هضم ڪندڙ گوريون کائجن. ۽ انهن شين جو وري بار بار ٽي وي تي به اشتهار ايندو رهي ٿو.... اهو نه ته overeating نه ڪريو جنهن لاءِ اسلام ۾ به منع آهي. هونءَ به ڪوڪا ڪولا جهڙا مشروب صحت لاءِ ڪي سٺا ته نه آهن جيڪي جسم جو ڪئلشيم سڪايو ڇڏين ۽ اسان جا ڏند ۽ هڏا ڀُرڪڻا ٿيو پون. ولايت ۾ گهر جو گٽر چوڪ ٿيڻ تي امرجنسي ۾ پيپسي وغيره جي سڄي بوتل هاري گٽر کوليو وڃي ٿو! ڪوڪاڪولا وغيره جا مالڪ سئيڊن جا آهن پر اتي جي حڪومت انهن شربتن کي ڄاڻي واڻي تمام گهڻو مهانگو رکيو آهي جيئن ان کي پيئڻ کان ماڻهو دل شڪستا رهن. اسان وٽ شادين مرادين ۾ اڪثر ماڻهن کي ڏسندو آهيان ته پنهنجي ٻارن کي هڪ بوتل پياري وري ٻي پيا ڏيندا آهن. اهو نه سوچيندا آهن ته ان هڪ بوتل ۾ 9 چمچا کنڊ جا ٿين ٿا. شايد انهن بيوقوفين ڪري اسان وٽ وڏا ته وڏا ڪيترائي ٻار به ذيابيطس (Diabetes) جا مريض ٿيندا وڃن.
    آمريڪا ۾ هلڪي ڦلڪي نوڪري ڪندڙ منهنجي هڪ واقفڪار کان اهو معلوم ڪري ڏک ٿيو ته هن جي ڌيءَ جيڪا حيدرآباد ۾ اٺين ڪلاس ۾ پڙهي ٿي ان کي تمام مٿاهين درجي جي ڊائبٽيز ٿي پئي آهي. ڇا ٿيو هو جو هوءَ چئن ڀائرن ۾ هڪ هجڻ ڪري ۽ پيءُ آمريڪا ۾ رهي پئسو ڪمائڻ ۽ ڳوٺ ٻارن کي موڪلڻ ڪري هن کي بيحد لاڏلو بڻايو ويو هو. هن کي ڪوڪا ڪولا ۽ جيوس جا دٻا پسند هئا ته اعتدال رکڻ بدران هن کي سڄو ڏينهن پاڻيءَ بدران به جيوس ڏنو ويو ٿي. نتيجي ۾ هن کي شگر ٿي پئي جنهن جي مائٽن کي خبر ئي نه پئي. هوءَ ويئي ڳرندي ۽ ڪمزوري محسوس ڪرڻ تي ويتر هن کي انب، انگور ۽ مٺايون کارائڻ لڳا. هونءَ به چوندا آهن ته ڊائبٽيز ۾ ڪيترا دفعا ڪا به نشاني ظاهر نٿي ٿئي It is a silent killer (ذيابيطس خاموش قاتل آهي). آخر مائٽن کي تڏهن خبر پئي جڏهن هن بيماريءَ وڃي هن جي گُردن (Kidneys) تي اثر ڪيو.
    دراصل افسوس جي ڳالهه اها آهي ته ان قسم جا مسئلا اسان جي پئسي وارين فئملين ۾ ڏينهون ڏينهن وڌي رهيا آهن. ڪيترا ماڻهو پئسو اچڻ تي سمجھن ٿا ته هاڻ هنن کي ۽ پنهنجي ٻارن کي خوب کارائڻ پيارڻ کپي. هي اهي مٺايون جيڪي اسان ننڍا هئاسين ته فقط عيد برات تي نصيب ٿينديون هيون اهي اڄ روزانو ٻارن کي کارايون وڃن ٿيون. ايتريقدر جو نيرن تي به چپاتي يا اڦراٽو کارائڻ بدران هنن کي ڇڏيو وڃي ٿو ته چانهه ۾ بسڪيٽ يا ڪيڪ ٻوڙي کائين. ڪجهه ٽي وي تي ايندڙ اشتهارن به ماڻهن جو دماغ خراب ڪيو آهي ۽ پئسي وارا ته ڇا غريب به پوري ڪوشش ڪن ٿا ته هو ڪٿان به ۽ ڪنهن ريت به پئسو هٿ ڪري پنهنجن ٻارن کي ڪلفيون، آئيس ڪريمون، ڪپ ڪيڪ، مختلف نالن وارا بسڪيٽ، چاڪليٽ ۽ ٽڪيون کارائين ڇو جو ٽي وي تي ٻارن سان گڏ پوڙهن کي به اهي شيون چشڪا ڏئي کائيندو ڏيکاريو وڃي ٿو.
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    بهترين ونڊ سليمان جي هر ڪاوش لاجواب
    پر ڪڏهن ڪڏهن ماڻهون ماني کائي ايندا آهن پر پوءِ به گهڻي کائي ويندا آهن............ بس مڙئي عاد ت کان مجبور

    لاجواب
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    هاهاهاها ..... اسان جا ڪجهه دوست مانيءَ لاءِ ڪجهه به ڪري سگهن ٿا.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو