مِيهَان ۽ نِيهَان، ٻَئِي اَکَرِ هَيڪِڙي جَي وَسَڻَ جا وَيسَ ڪَرَي، ته ڪَڪرَ ڪَنِ ڪِيهَان بادَلُ ٿِي بِيهَان، جَي آگَمَ اَچَڻَ جا ڪَرِين سُرُ سَارنگُ مِيهَان = مِينهَن، برساتون، وسڪارا نِيهَان = عشقَ، پيارَ، محبتون ڪِيهَان = رڙيون، دانهون، ڪِيهُون آگَمَ = جُهڙَ، سعيا، سانباها بيت جو پس منظر ~ مِينهُن ۽ نِينهُن ٻئي هڪ جهڙا اکر آهن. ~ جڏهن سارنگُ وسڻ جا لباس ٿو ڍڪي تہ ڪڪرن مان رڙيون نڪري ٿيون وڃن. ~ او محبوب ! ڪڪر جيان ڇانوَ ڪيانءِ جي تون اڱڻ اچين. سمجهاڻي ڀٽائي هن بيت ۾ مِينهَن ۽ نِينهن کي هڪجهڙو ۽ پاڻ ۾ ملندڙ جُلندڙ سڏيو آهي. اهيو انهيءَ ڪري بہ آهي جو ٻنهي جون ڪيفيتون ساڳيون آهن. مِينهُن جڏهن وسندو آهي تہ هر شئي ڀِڄِي پوندي آهي، آلي ٿي پوندي آهي. جڏهن ڪنهن سان نِينهُن لڳندو آهي تہ محبوب جِي پلَ جِي جدائي بہ برداشت ناهي ٿي سگهندي. اکڙين جا بند ڀَڄَي پوندا آهن، ۽ هي لڙڪن لارون روڪي ناهن سگهبيون. جڏهن بادلَ برسندا آهن تہ ڪڪرن مان آواز ۽ رڙيون نڪري وينديون آهن. جڏهن محبوب رُسِي ويندا آهن تہ عاشق جي اندر مان بہ آهون ۽ دانهون ٻڌبيون آهن. آخري سِٽَ ۾ ڀٽائيءَ عاشق جي اندر جي ڪيڏي دلڪش ڪيفيت بيان ڪئي آهي ته او محبوب ! جڏهن منهنجي اڱڻ ايندين تہ مان پنهنجي سِڪَ ۽ اُڪير جو اظهار ڪندي، بادل جيان، تو مٿان پنهنجي پيار جي ڇانوَ ڪري بيهندس. چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل ____