واهُندا وِڄُون ٿِيُون، کِڙِيُون ڏَنهَن کَنڀاتَ ڪُنڍِيُون ڪاهَي گَسِ ڪَرِيو، وَڇُون ڪَرِيو واٽَ سَنگَهارَنِ سُکُ ٿِيو، لَٿِي اُڃَ اُساٽَ جُهڙُ ڦُڙُ ڏَيئي جَهاٽَ، پُسائِيندَو پَٽِيُون سُرُ سارَنگُ واهُندَا = اولهه جون هوائون وِڄُون = کنوڻيون کِڙِيُون = ظاهر ٿيون، ٽڙيون، تجلا ۽ چمڪاٽ ڪيائون ڏَنهَن = ڏانهن کَنڀاتَ = شهر جو نالو - هندستان جي شهر گجرات جي اولهه ۾ اڳوڻي بندر جو نالو، کنڀات کي کماچ بہ چئبو آهي. ڪُنڍِيُون = سڱن وريل مينهون، ڪنڍيدار مينهون گَسِ = واٽ، پيچرو، دڳ سَنگَهارَنِ = مارو ماڻهن، ڀاڳين، مالوندن اُساٽَ = اڃ، پياس، تاسَ جَهاٽَ = جهٽ پٽ، جلدي جهٽڪو ڏيئي، کن پل ۾ پَٽِيُون = ميدان، پٽ، پڌر بيت جو پس منظر ~ اولهه پاسي ڏانهن تيز هوائون پيون لڳن ۽ کنڀات شهر تي پڻ کنوڻين جا چمڪاٽ آهن. ~ مارو مَينهُنِ ۽ وَڇُنِ کي گهران ڪڍي ميدانن ڏانهن ڪاهيو پيا وڃن. ~ وسڪارن مارو ماڻهن جي اڃ لاٿي آهي ۽ سکيا ستاباٿيا آهن. ~ هي تيز وسڪارو جلد ئي پٽن ۽ ميدانن کي سيراب ڪري ڇڏيندو. سمجهاڻي اڪثر ڪري اتر کان ايندڙ تيز هوائن لڳڻ ڪري آسمان تي ڪڪر ڇانئجي ويندا آهن ۽ وسڪارا ٿيندا آهن. جڏهن تہ چوماسي جا مينهن وري چئني پاسن ڏانهن هوائن لڳڻ ڪري وسندا آهن. پر اڄ اولهه پاسي کان آيل تيز طوفان ۽ هوائون پيون لڳن. آسمان ڪارن ڪڪرن سان ڇانئجي ويو آهي.کنوڻين جا تجلا ۽ چمڪاٽ کنڀات شهر تائين ڦهلجي ويا آهن. هنن زوردار وسڪارن اڃاري ڌرتيءَ کي سيراب ڪري ڇڏيو آهي. مارو خوشيءَ مان جهومندا ۽ ڳائيندا پنهنجي مال کي چراگاهن ڏانهن ڪاهيو پيا وڃن. اڄ سُڪِي ٺوٺ ٿيل ڌرتيءَ سان گڏ ماروئڙن ۽ سندن مالَ جي اڃ لٿي آهي. خوشحاليون، سرهايون ۽ آسودگيون وري موٽي آيون آهن. چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل ____
سائين شعر ته بهترين آهي پر حقيقت پڇو ته مون پنهنجي لاءِ هن شعر مان ڏاڍو پيغام ڳوليو پر مونکي ناهي مليو جي رهنمائي ڪريو ته مهرباني ٿيندي