ڍَٽِ ڍَرِي پَٽِ پَييُون، ٿِيا وَلِهارَنِ وِيَ سِجُ چَنڊُ نہ پاڙِيان، سَيڻَنِ جِي شَبِيهَ جَي جانِي اَندَرِ جِيَ، سَي پِرِين پَيهِي گَهرِ آئِيا سُرُ سَارَنگُ ڍَٽِ = ڍٽ ۾ - ٿر جي وچ واري حصي کي ڍٽ چئجي ٿو ڍَرِي = هيٺ لٿي، لڙي، وسي پَٽِ = ميدانن ۽ پٽن تي وَلِهَارَنِ = سر سبز زمينن - ولهار اُهي هنڌ ۽ جڳهون جتي قدرتي طور ساوڪون ٿين ٿيون وِيَ = سائو ميدان، چراگاھ، ساوڪ، ٻيلو سَيڻَنِ = محبوبن شَبِيهَ = شڪل، صورت جِيَ = دل ۾، مَنَ ۾، ساھ ۾ پَيهِي = هَلِي، لنگهي بيت جو پس منظر ~ وسڪارن ٿر ۽ ميدانن کي سيراب ڪري ڇڏيو آهي، هر پاسي ساوڪ نظر پئي اچي ~ مان سج ۽ چنڊ کي پنهنجي پرينءَ جهڙو سهڻو نٿي سمجهان ~ جَي محبوب من ۾ هئا سي ئي اڱڻ آيا آهن سمجهاڻي اڄ ٿر جي آسمان تي ڪارا ڪڪر ڇانيل آهن، کنوڻين جا چمڪاٽ ۽ بادلن جون گجگوڙون اهڃاڻ آهن ڪنهن وڏي وسڪاري جو. اجهو هي مينهن شروع ٿي ويو آهي، ٿر کان ٿيندو ميدان ۽ پٽَ پلرُ جَي پالوٽ سان سيراب ڪري ڇڏيائين. هر طرف ساوا گاھ، گل ۽ ٻوٽا ڦٽي پيا آهن. جيسيتائين نگاھ وڃي ٿي رڳو ساوڪ ساوڪ ئي پئي ڏسجي. سج ۽ چنڊ جي اهڙي روشني، سونهن سندرتا ڪٿي آهي، جهڙو منهنجو محبوب سهڻو آهي. جو محبوب سدائين دل ۾، مَنَ ۾ ۽ ساھ ساھ ۾ رهندو آهي سو اڄ منهنجي اڱڻ هلي آيو آهي. چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل ____