1. سنڌ سلامت کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ تعاون جي اپيل..!
    سنڌي ٻولي جي سڀ کان وڏي فورم کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سمورن دوستن ۽ احبابن کي تعاون جي گذارش ڪجي ٿي..وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سنڌ سلامت کي 50000 روپيه گهربل آهين ..وڌيڪ تفصيل لاءِ هن لنڪ تي اچو

    ٽارگيٽ: 50,000
    25000

پنهنجي اندر ۾ جھاتي پائي ڏسون

'الطاف شيخ جا ڪالم' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏24 جون 2015۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,570
    ورتل پسنديدگيون:
    27,075
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    پنهنجي اندر ۾ جھاتي پائي ڏسون.....

    الطاف شيخ

    ملائيشيا جي اڌ کن آدمشماري مڪاني ملئي ماڻهن جي آهي ۽ اڌ کن چينين جي آهي جيڪي سؤ سال کن اڳ چين جي ڏاکڻي صوبي مان روزگار خاطر هن ملڪ ۾ آيا جيڪو ان وقت ”ملايا“ جي نالي سان سڏبو هو.
    چيني ماڻهن جي گهڻائي شهرن ۾ رهي ٿي، هو ٽيڪنيڪل پورهئي جهڙوڪ ويلڊنگ، پلمبنگ، اليڪٽرڪ ويندي درزڪي، حجامڪي ۽ بزنيس ۾ تيز آهن. سندن عورتون ۽ ٻار به ساڻن گڏ پورهئي ۾ رڌل رهن ٿا ۽ سادگي ۾ رهي پئسو بچائين ٿا ۽ ڏينهون ڏينهن وڃن امير ٿيندا. ملئي ماڻهو ڳوٺن ۾ رهن ٿا، سندن ائگريڪلچر سان گهڻو واسطو آهي، شادين مرادين ۽ ٻين شوبازين ۽ رسمن رواجن تي گهڻو خرچ ڪن ٿا. مستقبل جو گهڻو نٿا سوچين. صبر ۽ شڪر گهڻو ڪن ٿا..... ڇا کڻي چئجي ته توڪلي ماڻهو آهن. سنڌ کان آيل ڪيترا ٽوئرسٽ يا هتي ملائشيا ۾ نوڪري ڪندڙ اسانجا سنڌي ”ملئي ماڻهن“ کي اڪثر پاڻ سان مشابهت ڏيندا آهن. ظاهري طرح لڳندو به ائين آهي پر ڪي ڳالهيون اهڙيون آهن جن تي اڄ به هتي جا ملئي ماڻهو قائم آهن پر افسوس جو اسان جي سنڌ ۾ اهي ڳالهيون ختم ٿينديون وڃن ..... انهن مان هڪ صبح جو سوير اٿڻ آهي. اسان ننڍا هئاسين، يعني اڄ کان سٺ ٻاهٺ سال اڳ جو زمانو ٿو ياد ڪريان ته اسين گهٽيءَ جا ٻار سج اڀرڻ کان اڳ اٿي ويندا هئاسين. هاري ناري اونداهيءَ ۾ اٿي هلي ٻني ٻاري جي ڪندا هئا. هونءَ به اُهي ملڪ سوڊان، مصر کان انڊيا (راجستان وارو حصو) ۽ ڪينيا وغيره جهڙا، جتي سخت گرمي ٿئي ٿي اُتي کيتن جو ڪم منهن اونداهيءَ کان شروع ڪيو وڃي ٿو ۽ صبح جو سوير اٿڻ لاءِ رات جو هر ڪو جلدي سمهي رهي ٿو. پر اسان وٽ شهرن توڙي ڳوٺن ۾، اسانجا ماڻهو رات جو دير تائين پيا جاڳن....... توهان کي هوٽلن تي ڪچهري ڪندي نظر ايندا يا گهرن ۾ مرد توڙي عورتون ٻارن سميت ٽي ويءَ اڳيان ويٺل نظر ايندا. پوءِ صبح جو سوير هنن جي اک ڪيئن کلي؟ سنڌ ۾ ڪيترن زميندارن وٽ زمين تي يا واڙن تي پنجاب جا ماڻهو ڪم ڪن ٿا. پڇڻ تي هو ٻڌائين ٿا ته پنجابي محنتي آهن.
    منهنجو ته پنهنجي ڳوٺ يا سنڌ جي ٻين شهرن ۾ ڪڏهن ڪڏهن ٿو وڃڻ ٿئي. توهانکي ته وڌيڪ تجربو ۽ مشاهدو هوندو ته اهي گهر جن مان وڏا فجر نماز تي اٿن ٿا اتي به سندن ٻار يا پوٽا پوٽيون صبح جو سوير اٿڻ بدران دير تائين ستا پيا آهن. هن ڀيري به ڳوٺ جي ٻن ٽن گهرن ۾ ويس ته جوان ڇوڪرا جيڪي ڪاليج جا شاگرد آهن اڱڻ ۾ ستا پيا هئا. ڏهه يارهن جو وقت هو، اڌ اڱڻ تي اس سان ڀرجي ويو هو، مکين پئي منهن پٽين پر هي منهن کي چادر سان ڍڪي موالين وانگر وري جھوٽن ۾ هليا ويا ٿي. منهنجي پڇڻ تي مائرن کين پَٽي اٿاريو. پڇيو مان بابا ڪاليج ٻاليج ناهي وڃڻو ڇا؟ هر هڪ هن قسم جا Stereo ٽائيپ جواب ڏنا ٿي.
    ”انڪل پڙهائي ٿئي ڪانه ٿي. ليڪچرار ئي نٿا اچن وغيره وغيره.
    ڳوٺ ۾ جتي اسانجو اباڻو گهر آهي اهو بيحد ڳتيل علائقو آهي. پاڙي جي هر گهر ۾ جتي اڄ کان سٺ سال کن اڳ هڪ فئملي رهندي هئي اتي ڀتين پٺيان ڀتيون ڏئي چار پنج گهر ٿي ويا آهن. يعني آدمشماري ٽيڻي چئوڻي ٿي وئي آهي پر مختلف ڪنڊن کان جيڪي ان وقت ٽي چار مسجدون هيون اڄ به اهي ئي آهن. اسان جڏهن ننڍا هئاسين يعني ڇهين ستين ڪلاس تائين جيڪو وقت مون ڳوٺ ۾ گذاريو، انهن مسجدن ۾ فجر نماز تي ڪا هڪ ڏيڊ صف ٿيندي هئي، حيرت جي ڳالهه اها آهي ته اڄ جڏهن ماڻهن جو تعداد وڌي ويو آهي، صبح جو سوير اٿي فجر تي اوترائي ماڻهو اچن ٿا. فرق فقط اهو آهي ته اڳ ننڍا وڏا پوڙها جوان نظر ايندا هئا، هينئر پوڙهن جي گهڻائي آهي. جوان اٽي ۾ لوڻ برابر آهن ۽ اسان جي ٽين ايجرن کي مکيون پيون پٽين.
    گهر جي پوڙهين کي چوندو آهيان ته ”اڄ جڏهن سڄي دنيا ۾ بيروزگاري ۽ مقابلو وڌي ويو آهي ۽ ڊاڪٽري ۽ انجنيري پاس ڪرڻ وارن کي به نوڪري نٿي ملي. نوڪري هتي يا ٻاهر فقط انهن کي ٿي ملي جيڪي ٽاپ ٿا ڪن. توهان جا ٻار پڙهن به ٿا يا نه؟“
    ”ها ابا سڄي رات ڪتاب کڻيو ويٺا آهن. رات جو يارهين ٻارهين کان وٺي ڪمپيوٽر يا ڪتابن تي وهن ٿا ته پوئين پهر تائين ويٺا آهن. ڪڏهن ڪڏهن اسين به پيون جاڳنديون آهن ۽ کين اڦراٽا ۽ بيضا تري ڏينديون آهيون.“
    ان قسم جون ڳالهيون توهان به ٻڌندا هوندئو. آئون صديءَ جو چوٿون حصو ماستر ٿي رهيو آهيان هڪ ماستر جي حيثيت ۾ مونکي پنهنجي مائٽن، ڳوٺ جي ۽ وطن جي نوجوانن ۽ وڏن جا اهي حال ۽ ڳالهيون ٻڌي ڏک ٿو رسي. ڪن ڪن اسڪولن وٽان لنگھندي آئون مٿين درجي جي ڪلاسن ۾ گهڙي ويندو آهيان ۽ کين اها ئي نصيحت ڪندو آهيان ته ”بابا ذهين ٻار اهو ٿئي ٿو جيڪو سوير سمهي ٿو سوير اٿي ٿو. توهان اهو جيڪو رات جو دير تائين پڙهو ٿا، جڏهن ته توهان جا حواس ننڊا کڙا (drousy) هجن ٿا، توهان کي چڱي طرح سمجھه ۾ هرگز نه ايندو. بهتر آهي ته سوير سمهي چڱي طرح ننڊ ڪري صبح جو سوير فريش مائينڊ سان اٿي پڙهو. ائين ڪرڻ سان هر ڳالهه وڌيڪ سمجھه ۾ اچي ويندنوَ ۽ هي رات جو دير دير جو ويهي اڦراٽن جهڙيون ڳريون شيون کائڻ صحت لاءِ ته سٺو ناهي.“
    آئون هميشه کين طوطي جو مثال ڏيندو آهيان ته ان کي ڳالهائڻ سيکارڻ وارو هميشه سج اڀرڻ کان گهڻو گهڻو اڳ سبق پڙهائيندو آهي يعني جملا رٽائيندو آهي ۽ ٻي ڳالهه ته هن کي بک تي رکي پڙهائيندو آهي. پيٽ ڀريل کي ننڊ جا خمار رهن ٿا جن ۾ پکي هجي يا جانور يا انسان ڳالهه گهٽ سمجھي ٿو.
    هيڏانهن ملائيشيا جي ڳوٺن توڙي شهرن ۾ چيني ته سوير ٿا اٿن پر ملئي ماڻهو به. ملئي ماڻهن کي ڀلي کڻي اسان سست چئون پر هو سج اڀرڻ کان اڳ اٿن ٿا ۽ سمهن به سوير ٿا. عِشا نماز پڙهي نائين ساڍي نائين تائين سمهي رهن ٿا. وڏو ڇيهه ته ڏهين تائين جاڳندا ۽ ٻارن کي ته اٺين بجي ئي بستر تي موڪليندا جنهن لاءِ بار بار ٽي وي تي پٽي پئي هلندي آهي ته اٺَ ٿيڻ وارا آهن ٻارن کي سمهاري ڇڏيو. اسان وٽ ٻارن جا ڪيترا پروگرام، ڪارٽونن سميت رات جو يارهين بجي به پيا ايندا! ڇا ته ظلم جي حد آهي. پر هتي ملائيشيا جپان ويندي ايران ۾ ٻارن جا پروگرام صبح جو سوير ايندا يا شامَ جو پنجين ڇهين بجي ڌاري. ايران ۾ به ٻار سوير سمهن سوير اٿن. صبح جو ستين بجي ئي مارڪيٽون کليو وڃن ۽ آفيسن ۾ ڪم ڪرڻ وارا سوير ئي گهر لاءِ سيڌو سلف خريد ڪري پوءِ آفيس وقت تي پهچن.
    خط استوا جي ويجھو هجڻ ڪري، ملائيشيا ۾ ٻارهوئي ئي هڪ ئي وقت تي سج اڀري ۽ لهي ٿو. ڏينهن رات هڪ جيڏو ٿئي. ٻارهوئي هڪ ئي موسم ٿئي. صبح جو ٻارن جا اسڪول سوير ئي کلن ۽ ننڍا ننڍا ٻار منهن اونداهي ۾ اسڪول ڏي ويندا نظر اچن. ستين بجي اسڪول جا دروازا بند ٿيو وڃن ۽ پوءِ هڪ منٽ دير سان آيل ٻار کي به اندر اچڻ نه ڏين. ان ڊپ کان هر ٻار وقت اندر پهچيو وڃي. اها سختي جپان توڙي يورپ جي ملڪن ۾ ته آهي ئي آهي پر هتي اسان ملائيشيا جي ڳالهه ٿا ڪريون خاص ڪري هتي جي ملئي ماڻهن جي جن لاءِ اسان چئون ٿا ۽ گهڻي ڀاڱي حقيقت به آهي ته طبيعت ۽ مزاج ۾ اسان سان ملن ٿا. بلڪل ملن ٿا پر هو ڪجهه سٺين ڳالهين ڪري گهڻو خوشحال، پُرسڪون، تعليم يافته ۽ صحيح سياسي سوچ رکندڙ آهن. هو تعليم کي اهميت ڏين ٿا. اهو چوڻ کڻي صحيح نه هجي ته هو سٺا مسلمان آهن جو ڳوٺن ۾ رهندڙ سڀ ملئي مسلمان نه آهن .....چيني ۽ انڊين تامل به آهن. ان ڪري اهو چوڻ ۾ ته ڪا غلطي نه ٿيندي ته هو سٺي اخلاق جا مالڪ آهن. چوري چڪاري، گلا غيبت، نشو پتو ۽ ٻين براين کان پاسو ڪن ٿا. اسان جي ڳوٺن ۾ به ڪنهن زماني ۾ اهي شيون نه هيون. اڄ کان اڌ صدي کن اڳ اسانجي ڳوٺ ۾ ٻيڙي ڇڪڻ يا مٿو اگھاڙو ڪري هلڻ به بداخلاقي سمجھيو ويو ٿي. اڄ اسان جي ڳوٺ ڳوٺ جو ڇا حال آهي! ڪنهن ڏاهي چيو ته انهن سڀني براين جي پاڙ رات جو دير تائين جاڳڻ آهي. ملئي ڳوٺ جي هڪ عالم چيو ته ”جيسيتائين سندس ڳوٺ جا ماڻهو سج اڀرڻ کان اڳ اٿندا رهندا هي ڳوٺ براين کان بچيل رهندو“
    جپان ۾ جيڪي جپاني ماڻهن جي پاڙن ۾ رهيا هوندا، انهن کي خبر هوندي ته جپاني ٻار هفتي جا اسڪول وارا پنج ڏينهن ته صبح جو سوير اٿن ٿا پر ڇنڇر ۽ آچر ڏينهن به هنن کي دير تائين سمهڻ لاءِ نٿو ڇڏيو وڃي. گهٽيءَ جي سڀني ٻارن کي، اهي ٻه ڏينهن صبح جو سوير ٻاهر نڪري گهٽيءَ جي ليڊر جي چوڻ مطابق ڪا راند يا پي ٽي ڪرڻي پوي ٿي ۽ پنهنجي ڪاپيءَ تي هن کان صحيح وٺي سومر ڏينهن ڪلاس ٽيچر کي ڏيکارڻو پوي ٿو ته آئون موڪل وارن ڏينهن تي به سوير اٿيس.“ .....سوير سمهجي سوير اٿجي، اول ڌڻيءَ جو نالو ڳنهجي.....“ جهڙا بيت ۽ چوڻيون اسان وٽ آهن پر عمل ٻين ملڪن جا ماڻهو پيا ڪن.
    اسان جي ماڻهن جو دير سان اٿڻ جي ڪلچر جو معلوم ڪري هڪ جپاني جهازران چيو ”توهان مسلمانن لاءِ ته هونءَ به فجر نماز جي ڪري سج اڀرڻ کان اڳ اٿڻ ضروري آهي. توهان رڳو ان تي عمل ڪريو ته توهان جو ملڪ ۽ قوم الائي ڇا ٿي وڃي.“
    اسان ماڻهو بيحد حساس آهيون. ڪوڙيون سچيون تعريفون ٻڌي پيا خوش ٿينداسين، پر پنهنجو پاڻ ۾ بهتري آڻڻ لاءِ پاڻ تي تنقيد يا پنهنجي ڪوتاهي ٻڌندي ڪاوڙ لڳندي اٿئون. پاڪستان جي مئرين اڪيڊمي ۾ ڪجهه سال پڙهائڻ دوران مون ڏٺو ته جتي اسانجي ڳوٺن جي ڪجهه نوجوانن هر فيلڊ ۾ (پڙهائي، رانديون، پي ٽي پريڊ، تقرير، ڊيبٽ وغيره) ۾ نالو پيدا ڪيو آهي اتي ڪيترا پڙهائي ۽ ڊسيپلين جي سختي کان ڀڄي به ويا ٿي، جنهن جو جوابدار آئون هنن جي مائٽن کي قرار ڏيندس. مائٽ ئي آهن جيڪي هنن کي هيڪاندو لاڏلو ۽ ٽوٽي بنائين ٿا، هنن ۾ خراب عادتون وجھن ٿا. نواب شاهه ضلعي جي هڪ ڳوٺ جي چونڊجي آيل هڪ ڪئڊٽ جو هفتي ٻن بعد جڏهن ٻڌم ته هو اڪيڊمي ڇڏي گهر وڃڻ لاءِ باهه ٻاري ويٺو آهي ته هن کي سمجھائڻ جي ڪيم ته هو خوش نصيب آهي جو ههڙي اداري ۾ چونڊجي آيو آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته پڙهائي ۽ PT پريڊ جي سختي آهي پر هن کي سوچڻ کپي ته هو هڪ ڏينهن جهاز جو ڪئپٽن يا چيف انجنير ٿي ويندو ۽ نه فقط پاڻ پر سندس زالَ ۽ ٻار ٻچا به ساڻس گڏ جهازن تي دنيا جو سير ڪندا...... پر مون ڏٺو ته هن جي اڪيڊمي ۾ دل نه لڳي رهي هئي. آخر پڇيو مانس ته ڪهڙي تڪليف آهي ته هن ٻين ڳالهين کان وڌيڪ صبح جو سوير اٿڻ جي تڪليف ٻڌائي.
    دراصل ههڙن تعليمي ادارن ۾ صبح جو سوير اٿڻو پوي ٿو. اسان جي ڏينهن کان وٺي يعني 1963ع ۾ جڏهن هيءَ مئرين اڪيڊمي چٽگانگ (هاڻ بنگلاديش) ۾ کلي هئي ته ان وقت کان هر هڪ کي فجر نماز کان اڳ اٿاريو وڃي ٿو. ان بعد پي ٽي، عمارت جي ڪلين شپ، پريڊ ۽ پوءِ ڪلاسز شروع ٿين ٿا. بهرحال اڪيڊمي ڇڏڻ واري مورو پاسي جي هن ڇوڪري کان پڇيم ته ”پٽ! ڀلا تون گهر ۾ ڪنهن وقت اٿندو هئين؟“ ته هن وراڻيو ”ڏهين يارهين ڌاري.“ واقعي اهڙي دير سان اٿڻ واري عاديءَ لاءِ صبح جو ڇهين بجي اٿڻ ڏکيو ڪم ٿيو. سندس روم ميٽ جيڪو جهلم پاسي جي ڪنهن ڏورانهين ڳوٺ جو هو ۽ هو بيحد خوش نظر اچي رهيو هو تنهن کان پڇيم ته ”هتي ٿو مزو اچئي يا پنهنجي گهر؟“ ته هن وراڻيو ته ”هتي!“ ۽ ان جو سبب هن اهوٻڌايو ته هن کي هتي دير سان يعني ڇهين بجي اٿڻو پوي ٿو. ڳوٺ هن کي فجر کان به گهڻو گهڻو اڳ اٿڻو پيو ٿي ۽ پيءُ سان گڏ ميل کن پري کان گهر لاءِ پاڻي ڀري اچڻو پيو ٿي ۽ پوءِ فجر نماز پڙهي، نيرن ڪري ٻه ميل کن پنڌ جا ڪري شهر جي ڪاليج ۾ وڃڻو پيو ٿي. شامَ جو به راند ڪرڻ بدران پيءُ کي ڪم ۾ مدد ڪرڻي پئي ٿي ..... اڄ اهو نينگر ڪويت شپنگ ڪارپوريشن ۾ جهازن جو مشهور ڪئپٽن آهي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو