اَندَرِ جُهڙُ جُهورِ وَهَي، ٻَهَرِ بَرِسَي بُوندَ اَپارَ وَٽِ جَنِين هُنِ يارَ، سَي اَوڪَاڻِينِ نه اَکِيُون سُرُ سارَنگُ جُهڙُ = ڪَڪرَ، بادَلَ، مِينهُن جُهورِ = زور، گهڻو، جهجهو ٻَهَرِ = ٻاهر بَرِسَي = وَسَي بُوندَ = مِينهَن جِي ڦُڙِي اَپارَ = گهڻو وَٽِ جَنِين = جنين وٽ هُنِ = هَونِ، هُجَنِ، ساڻ هجن، گڏ هجن يَارَ = دوست، سڄڻ، پرين، محبوب اَوڪَاڻِينِ = موڳائي ڪن، اداس ٿين، نراس ٿين بيت جو پس منظر ~ عاشق جَي اندر ۾ ڪارا ڪڪر ڇانيل آهن، ٻاهر وڏڦڙو مينهن پيو وسي. ~ جن سان پرين ساڻ آهن، سي اکيون ڪڏهن اداس ناهن ٿينديون. سمجهاڻي جيئن ٻاهر موسمون تبديل ٿينديون رهنديون آهن. ڪڏهن ڪاڙهو، گرمي، ٻوسٽ تہ وري ڪڏهن اتر جون لُونءَ ڪانڊاريندڙ ٿڌيون هوائون، پارا، سيءَ، جهڙ ۽ وسڪارا. ايئين ئي انسان جي اندر جون موسمون بہ تبديل ٿينديون رهنديون آهن. ڪڏهن خوشي، ڪڏهن غم، وڇوڙا، جدايون، اوجاڳا، عذاب، اذيتون، پيڙائون ۽ ڀوڳنائون. انسان جي اندر ۾ بہ ڪيئي لاوا پچندا رهن ٿا. ڪيئي طوفان ۽ زلزلا اندر ۾ بہ ايندا رهندا آهن. جن کان پرين پري آهن تن جي اندر ۾ ڪيئي ڪارا ڪڪر ڇانيل رهن ٿا. جيڪي وڏڦڙي مينهن جيان وسندا ئي رهن ٿا. جن جا محبوب ساڻن گڏ آهن انهن خوشنصيب ماڻهن جي اندر ۽ ٻاهر جي موسم سدائين خوشگوار هجي ٿي. چهري تي اطمينان، خوشي ۽ مرڪ ڦهليل رهي ٿي. محبوب جي ناسي نيڻن جي مئيڪشي جهلڪندي آهي. چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل ____