خاموش ته مان به آهيان .... خاموش تماشائي بڻجي ويو آهيان

'شل سنڌ ۽ سنڌو آباد رهي' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏24 جون 2015۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سنڌ صوبي ۾ ڪراچي ۽ ٻين شهرن ۾ گرمي ان وقت قهر ۽ قيامت بڻجي ڪڙڪي آهي جڏهن واپڊا ۽ ڪي اليڪٽرڪ پنهنجي روايتي هوٺ ڏيکاري بجلي بند ڪري ڇڏي آهي. ڪيترن ئي علائقن ۾ پاڻي اڻلڀ آهي. هي قيامت خيز گرمي ڪيئي انساني جانيون ڳڙڪائي چُڪي آهي، اسپتالن ۾ مرده خانا ڪونهن، ايڌي جو سرد خانو لاشن سان ڀرجي ويو آهي، ڪراچي ۾ قبرستانن قبرون ڏيڻ کان انڪار ڪيو آهي، ماڻهو پنهنجي پيارن جي لاشن کي ڪاڏي ڪن ؟؟ !!!!! سچ پڇو ته اسپتالن جي حالت انتهائي خراب آهي .... سوشل ميڊيا کان مختلف آهي اتان جي حالت.

    ڪو ٻڌڻ وارو ناهي .... انڌن، ٻوڙن ۽ گونگن جو جهان آهي، جنهن ۾ جيڪو ڏاڍو سو گابو آهي. جنهن وٽ پئسا آهن اهوئي جيئي ٿو جهان ۾، بوسنيا، ڪشمير، فلسطين ۽ برما وارن لاء روئيندڙ الائي ڇو هتي خاموش آهن ۽ افطارين ۽ سحرين جا مزا پيا ماڻين. خاموش ته مان به آهيان .... خاموش تماشائي بڻجي ويو آهيان.
     
    10 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. محمد اسلم عباسي

    محمد اسلم عباسي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    585
    ورتل پسنديدگيون:
    1,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    سنڌيو سجاڳ ٿيو، پنهنجي دنگن جي حفاظ پـــاڻ ڪريو....!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو