سيد اڪبر : سنڌ جو بيباڪ جاکوڙي ڪردار

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏27 جون 2015۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    سيد اڪبر : سنڌ جو بيباڪ جاکوڙي ڪردار

    قادربخش طالباڻي

    ۲۰۰۳ع جون جي ۲۷ تاريخ تي لاڙ خطي جو اديب سيد اڪبر هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. اڄ ان کي ڏهه سال گذري چڪا آهن، پر مان ان عرصي کي ڏهن گهڙين کان به گهٽ محسوس ڪريان ٿو. اڪبر سان منهنجي پرپٺ ڏيٺ ويٺ ٿي، اسان هڪ سياسي ڌر سان هئاسون، اسان جي ملاقات آمهون سامهون ڀٽ شاهه جي نگري ۾ ٿي، جتي آل سنڌ پ ٽ الف جي عهديدارن جي چونڊ ٿيڻي هئي. اڪبر شاهه سيڪريٽري جي عهدي تي اميدوار بيٺو. سندس مقابلو مشهور شخصيتن محمد يونس ڀٽو (شهدادڪوٽ) ۽ محمد حسين ڪاشف چنبڙ سان هو، پر هو وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿيو. ڪاميابي بعد قائد استاد جان محمد جمالي کان پوءِ تقرير ڪري، هن پوري هائوس تي وڏو اثر وجهي ڇڏيو. ان وقت سندس عمر۲۹سال هئي، سندس اکين جي چمڪ ۽ گجندڙ آواز سڀني ميمبرن کي ملهه وٺي ڇڏيو.۱۹۷۲ع جي آڪٽوبر مهيني ۾ خيرپور ميرس ۾ ڊويزنل هال ۾ در محمد اوستي جي استادن کي خطاب وقت اڪبر اسٽيج سيڪريٽري جو فرض انجام ڏنو ۽ جمالي صاحب جن جي غير موجودگي ۾ هن بهترين ڪارروائي هلائي استادن مٿان ڌاڪو ڄمايو. ان تقرير وقت محمد حسن باجاري پر جوش مدلل تقرير ڪري اوستي صاحب جاوڻ وڄائي ڇڏيا، جنهن ۾ حسن باجاري کي نوڪري تان هٿ کڻڻا پيا، هو ماستري ڇڏي سياستدان ٿي ويو. ان جلسي جو حڪومت تي وڏو اثر پيو، وزير اعليٰ سنڌ ممتاز علي ڀٽو صاحب حيدرآباد سرڪٽ هائوس ۾ پهچي جان محمد جمالي صاحب جن سان ڳالهيون ڪري سنڌ جي پرائمري استادن جا مطالبا منظور ڪري ورتا. اها هئي ابتدا اڪبر شاهه جي سيڪريٽري جي عهدي جي، جنهن تي استادن ۾ وڏي سرهائي ۽ هلچل مچي وئي.

    اڪبر شاهه سياسي طور ڪنهن سياسي تنظيم سان وابسته هو، جنهن فيصلو ڪيو ته اڪبر شاهه استادن جي تنظيم پ ٽ الف بجاءِ سنڌ جي عوام ۾ ڪم ڪري، ان ڪري هن پنهنجي تنظيم جي فيصلي موجب پي ٽ الف جي عهدي تان استعيفى ڏني، اسين سڀ دوست مٿس سخت ڏمرياسين، پر هن تنظيم جي فيصلي کي مان ڏنو. اسان جا واسطا ختم ٿي ويا، اڪبر ڪل وقتي ڪارڪن ٿي تنظيم جي ڪم کي لڳي ويو. سندس سياسي ڪم ڪرڻ ڪري سرڪار مٿن ڏمرجي ٺٽي ضلعي مان ڪافي استاد بدلي ڪيا، جنهن ۾ اڪبر تي ڏمر ڪجهه سرس هو، کيس سيد الهڏنو شاهه تعلقي ٽنڊو باگو ۾ رکيو ويو ۽ حڪم ڪيو ويو ته سندس روزاني حاضري جي رپورٽ هيڊ آفيس پهچائي وڃي. ٻين بدلي ٿيل استادن پنهنجي اثر رسوخ سان آرڊر رد ڪرايا يا ويجها اسڪول ورتائون، پر اڪبر شاهه لاءِ ائين نه ٿيو، سندس اسڪول بدين ۽ ٿرپارڪر جي دنگ ڀرسان ملڪاڻي جي ڀر ۾ هو، جنهن علائقي لاءِ اڪبر لکي ٿو ته”آئون پراڻ درياءَ جي ڪپ تي رهان ٿو، جيڪو تاريخ جو اڻ مٽ باب آهي، پراڻ جي تهذيب، ثقافت، پيار، سونهن، قرب ۽ مرڪ جو سرچشمو هئي، جنهن جي ڪنڌيءَ ڪيتريون سڪايل دليون ۽ اڃايل روح سيراب ٿيا. ٿر جا روح ۽ آواز خود ٿر جي واري وانگر اڃايل ۽ سڪايل آهن، تنهنڪري سندن پڪارن ۾ ماکيءَ جهڙو ميٺاج وڄ جهڙي تڙپ ۽ بڙڇين جهڙا گهاءُ آهن. هو قرب ڪچهري جا ڪوڏيا، هر ماڻهو جيئري تاريخ آهي، سندن آواز جي جهانءِ ۽ اثر دليون پگهاريو وجهي. سيد اڪبر ان ڏوراهين ماڳ پنهن جو آستانو بنائي پنهن جي تعليمي ڪم جي آبياري ڪئي. اتي ڪجهه وقت رهڻ کانپوءِ کيس سندس گهر جي اڪيلائي پيرسن پيءُ جي تيمارداريءَ لاءِ مجبور ڪيو، جنهن ڪري هو ڊگهي موڪل وٺي اچي گهر سنڀالڻ لڳو. ڊگهي موڪل سبب سندس پگهار به بند ٿي ويو، زمين جي ٽڪري جي آبادي لاءِ به وٽس موڙي نه رهي، ان ڪسمپرسي جي حالت ۾ به هن ڪنهن کي دانهن نه ڏني. هو غربت ۽ مفلسي جي گهاڻي ۾ پيڙجڻ لڳو، پر ٻاهر ٻاڦ نه ڪڍيائين. مون کي خبر پئي ته مون ڪوشش ڪئي ته سندس بدلي واپس ٺٽي ضلعي ۾ ٿئي، پر اهو بنڊ جهڙو ڳرو مسئلو بنجي ويو، سڀ مسئلا مطالبا منظور، پر اڪبر جي بدليءَ جو نڪو رستو نڪري، مهورت کلڻ ئي مشڪل. نيٺ ڳالهه ظاهر ٿي ته اڪبر جي بدلي ضلعي مئجسٽريٽ يعني ڊپٽي ڪمشنر جي آرڊر تي ٿي آهي، ان ڪري واپس به ان جي حڪم سان ٿيندي. ڊپٽي ڪمشنر جي ان وقت ملاقات به مشڪل سان ملندي هئي، اوچتو خبر پئي ته ٺٽي جو ڊي سي قلي بخش خان رند ٿي آيو آهي. سنڌ جي صدر جتوئي صاحب جي اڳواڻي ۾ ساڻس ملياسون، هن ڏاڍي عزت ڏني، پر اڪبر شاهه تي ملڪ ٽوڙڻ سميت ٻيا ڪيترائي سنگين الزامات هئا، پر هن صاحب استادن جي عزت ۽ خاص ڪري ڀنڀري صاحب سان پراڻا ناتا هئڻ سبب اسان کي اڪبر شاهه کي ٺٽي ضلعي ۾ اچڻ جو اجازت نامو ڏئي ڇڏيو. ان ليٽر جي بنياد تي اڪبر کي واپس ٺٽي ضلعي ۾ آندوسين.
    سگهو ئي اڪبر شاهه پنهنجي سياسي تنظيم کان ڪن سببن ڪري عليحدگي اختيار ڪئي ۽ خاموش گهر ۾ ويهي رهيو، پر اڪبر شاهه جي بردباري ڪمال جي هئي، هن تنظيم بابت ڪڏهن به ڪنهن سان به گلا نه ڪيائين. پاڻ پنهنجي سياست بابت هڪ هنڌ خط ۾ لکي ٿو:”سن واري سائين جا به مريد ٿياسين، نازش جا سڌا توڙي اڻ سڌا نخرا به سٺاسين، صحيح بخاري به پڙهي سين ۽ تڙ تڙ جو کارو، ٻاڙو ۽ مٺو پاڻي به پيتوسين، انهن انقلابي استادن جا واعظ به ٻڌاسين ته اٺ جيڏا ڪتاب به پڙهياسين، سنڌ توڙي پاڪستان ڪيترن اڳواڻن مان ڪن کي تمام ويجهو وڃي ڏٺوسين، ٻڌوسين ۽ ٿورڙي وقت لاءِ شامل رهياسين، منجهن ڪيترن چڱاين جي باوجود ٻيڻيون ڪمزوريون ۽ معتبريون به ڏٺيوسين.“ هن رسول بخش پليجي صاحب ڏانهن ڪوٽ لکپت جيل ۾ خط لکيو ته؛ ”ذهن ۾ هوم ته يار پرڏيهه آهي، ڪنهن ڪنهن ڪَر ڪا نه لڌي هوندس، بند جون سوڙهيون ڀتيون کائڻ اينديون هوندس، ٻَر ۽ کام جا ڌڳندڙ کورا پيا ٻاريندا هوندس. سو مڙوئي پنهنجي انفرادي ڏک، ساڙ ۽ ڪاوڙ کي ڪنهن گڏيل مقصد جو پوتڙو ويڙهي ويٺو هوندو تلقين ۽ تبليغ ڪرڻ. ڀانيم ته اجهو ٿي منجهانئس نا اميدي سنجري نڪري، خيال هوم ته ڪٿان نه ڪٿان منجهانئس اڪيلائي، وڇوڙي ۽ رڙ جي رونڙ ماٺ ۽ صبر جي بند مان وهي هلي، پر ايئن نه ٿيو.“ اهڙي ريت پليجو صاحب به سندس گفتگو ٻڌڻ جو پياسي هوندو هو، جڏهن به کيس موقعو ملندو هو ته سندس ڳوٺ وڃي ڪچهري پڻ ڪندو هو. اڪبر شاهه ظاهري طور ڏسڻ ۾ خاموش نظر ايندو هو، پر ائين ڪونه هو، هو ڀر پاسي، گسين پنڌين، جتي به ڪو ماڻهو مليو ته ان سان بحث مباحثو ڪندو هو. بٺوري، دڙي پهتو ته ڪانڀ ڪڍي پٽ تي ويهي ماڻهن سان ڪچهريون ڪندو هو، هر سياسي ڌر سان سندس واسطا ۽ تعلقات رهندا هئا. سندس بنيادي سياسي استاد قاسم پٿر هو، جيڪو سندس ڳوٺ ڪچهري جي ٻاڙ لاهڻ ايندو هو، اهڙي ريت اڪبر به وٽس ويندو هو. اڪبر جي لکڻين جا چار ڪتاب ڇپجي چڪا آهن. موڀي فرزند لطيف اڪبر موجود آهي، جيڪو پنهنجي پيءَ جي دوستن سان نباهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ”لفظ ڳالهائين ٿا“ جي خالق سيد اڪبر جي ورسي

    فقير علي ڏنو جروار

    27 جون تي سيد اڪبر جي ورسي آهي. هونئن ته سيد اڪبر جي سڃاڻپ سنڌ جي علمي ادبي حلقن ۽ استاد طبقي ۾ هڪ شاعر واري آهي. واقعي سيد اڪبر هڪ بهترين شاعر آهي ۽ سندن شاعري جو تسلسل سنڌ جي بهترين عوامي شاعرن ابراهيم ”منشي“، سرويچ ”سجاولي“، محمد خان ”مجيدي“، مريم ”مجيدي“، غلام حسين ”رنگريز“ ۽ نبي بخش ”همدرد“ سان جڙيل آهي.
    مٿي ذڪر ڪيل سڀئي نالا هڪڙي ئي علائقي سان تعلق رکن ٿا ۽ لڳ ڀڳ سڀئي همعصر، هم قافيا ۽ هم رديف شاعر آهن. منهنجو مطلب آهي ته هنن جا خيال، ٻولي ۽ لفظ ملن جلن ٿا ۽ منجهن هم آهنگي آهي.
    سيد اڪبر نه رڳو شاعر هو پر قدرت واري سندس قلم ۾ ايتري ڏات ۽ سگهه ڏني هئي جو هُو جنهن به موضوع يا صِنفِ تي قلم هٿ ۾ کڻندو هو ته اُن سان خوب نڀائيندو هو.
    سيد اڪبر جون لکڻيون، روح رهاڻ، سهڻي، تحريڪ ۽ ٻين رسالن ۾ ڇپبيون رهيون آهن ۽ سندن وفات کانپوءِ شاعري، مضمونن ۽ خطن جا مجموعا شايع ٿي چڪا آهن.
    ”لفظ ڳالهائين ٿا“ مضمونن جو ڪتاب آهي، جيڪو سچائي ڪتاب گهر دڙي پاران ڇپايو ويو آهي. ”ڪرڪي ڪائي ڪونج“ شاعري ۽ ”سارون ۽ سنڀارون“ خطن جا مجموعا جيڪي سائين قادر بخش طالباڻي سجاڳي پبليڪيشن پاران ڇپايا آهن، سي شايع ٿي مارڪيٽ ۾ موجود آهن.
    هونئن ته سيد اڪبر جي قلمي پورهئي بابت گهڻو ڪجهه لکجي چڪو آهي ۽ اڃا به گهڻو لکي سگهجي ٿو، پر هِن مضمون ۾ ڪتاب ”لفظ ڳالهائين ٿا“ متعلق پنهنجن خيالن، ڪجهه ڏاهن ۽ ليکڪن جي خيالن کي ورسيءَ جي نسبت سان ڀيٽا طور پيش ڪندس.
    هي ڪتاب سيد اڪبر جي پهرين ورسي جي موقعي تي 2004ع ۾ سچائي اِشاعت گهر دڙو طرفان ڇپرايو ويو آهي. هِن ڪتاب ۾ ڪل سترنهن مضمون آهن، جيڪي مختلف موضوعن متعلق آهن. هنن مضمونن جو لفظ لفظ، جملو جملو ۽ پيرا گراف وري وري پڙهڻ ۽ سيني سان سانڍڻ جهڙا آهن.
    هِن ڪتاب جي صفحي نمبر 55 تي ٽائيٽل مضمون ”لفظ ڳالهائين ٿا“ آهي. هن مضمون ۾ سيد اڪبر لفظن جي اهميت ۽ افاديت جي باري ۾ جيڪو ڪجهه لکيو آهي، اُن جهڙو مضمون شايد وري ڪو مشڪل سان لکي سگهي.
    مطلب ته مضمون ۾ لفظن جي هيئت، لفظن جا نفعا نقصان، لفظن جا اُڀار، لفظن جا جذبا سڀ ڪجهه ڄاڻايل آهن. منهنجي دل چوي ته هتي سڄي جو سڄو مضمون اتاري ڇڏيان، پر اِهو ناممڪن آهي.
    سيد اڪبر جي هن ڪتاب تي سنڌي ٻوليءَ جي نامياري ليکڪ ۽ ”ڪونج“ رسالي جي ايڊيٽر موتي پرڪاش يوسف سنڌي کي خط لکي پنهنجي راءِ ڏني آهي يا ٻين لفظن ۾ ڀيٽا پيش ڪئي آهي. اُهي ٻه خط يوسف سنڌي پنهنجي هندستان جي سفرنامي ”هل ته دهلي گهمون“ جي صفحي نمبر 164 ۽ 165 تي ڏنا آهن ڪيا آهن.
    موتي پرڪاش هڪ خط 3 سيپٽمبر 2005ع ۾ آڌيپور شهر مان لکيو آهي. اُن جا لفظ آهن ته ”مرحوم سيد اڪبر جي مضمونن مون کي ڏاڍو متاثر ڪيو آهي. سندس لکڻي لاجواب آهي، ڏاڍي پياري ۽ ڪشش ڪندڙ آهي.
    محترم موتي پرڪاش جو ٻيو خط جيڪو هن آڌيپور شهر مان 24 سيپٽمبر 2005ع تي لکيو آهي. اُن ۾ به سيد اڪبر ۽ سندن تخليق ”لفظ ڳالهائين ٿا“ جي باري ۾ وري هيئن لکيو اٿس ته ”مون کي مرحوم سيد اڪبر جي مضمونن ڏاڍو متاثر ڪيو آهي، سندس ٻولي جاندار ۽ سونهن ڀري آهي.“
    ياد رهي ته سنڌ ۽ هند جي ليکڪ موتي پرڪاش جي جنم ڀومي پڻ دڙو شهر آهي ۽ جڏهن ته سيد اڪبر جي جاءِ پيدائش وري دڙي شهر کان چند ڪلو ميٽر ٻاهر آهي. جيڪڏهن ميرپور بٺورو کان دڙي طرف وڃبو آهي ته سيد اڪبر جو ڳوٺ در ملوڪ شاهه پهرين رستي ۾ اچي ٿو. سو ڳالهه پئي هلي موتي پرڪاش جي اُهو ورهاڱي وقت سنڌ ڇڏڻ کانپوءِ وري پنهنجي وني ڪلا پرڪاش سان گڏ 1984ع ۾ ماتر ڀومي سنڌ ڏسڻ آيو هو ۽ جڏهن هو پنهنجي جنم ڀومي دڙي شهر ۾ گهمڻ ويو هو، تڏهن بقول سندس وني ڪلا پرڪاش جي ته ”موتي سڄو ڏينهن خاموش لڙڪ لاڙيندو رهيو هو ۽ واپس ڪراچي ۾ هوٽل تي پهچڻ کانپوءِ زندگيءَ جي هڪ بهترين وائي لکيائين.

    پڃاريءَ پراڙ منهنجو روح رُلندو رهيو،
    ڪاهي ويو پي ڪپ تان پنهنجو ڌڻ ڌنار.
    پڃاريءَ پراڙ.......

    اِها ڳالهه ڪلا پرڪاش سنڌ بابت پنهنجي يادگيرين واري ڪتاب ”جي هينئڙي منجهه هُرن“ ۾ لکي آهي.

    ان ڏينهن دڙي شهر ۾ موتي ۽ ڪلا جي ٺٽي ضلعي جي جن معروف علمي ادبي شخصيتن سان ملاقات ٿي هئي تن مان هڪ سيد اڪبر به هو، جنهن ملاقات جو ذڪر موتيءَ پرڪاش به ڪيو ۽ سيد اڪبر به پنهنجي لکڻين ۾ اُن ملاقات جو ذڪر ڪندو رهيو آهي.
    آئون سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ سان چاهه رکندڙ سڀني بزرگن ۽ نوجوانن کي گذارش ڪندس ته هو سيد اڪبر جو هي ڪتاب ”لفظ ڳالهائين ٿا“ ضرور پڙهن ۽ اِهو ئي بهترين طريقو آهي، کين ڀيٽا پيش ڪرڻ جو.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو